Aqeel Ahmed Soomro
U have filed 2 reports and two other pieces. pieces can not be posted on blog, read reason mentioned in email.
Try to write from ur own mind and maintain originality.
Try to write from ur own mind and maintain originality.
INVESTIOGATION REPORT .2 ON ….TALUKA HOSPITAL k.n.shah
Aqeel Ahmed Soomro 2k15 MMC/9 Improver
خيرپورناٿن شاهه تعلقه اسپتال غريب، بي پهچ مريضن جي دردن جي دورا بڻجڻ بجاءِ سينيئر ڊاڪٽرن جي ڪچهري جو مرڪز بڻيل، الٽرا سائونڊ جي ساڳيون ساڳيون رپورٽون اڳ فوٽو ڪاپيون ٿيل هر نئين آيل مريض کي ڏيڻ جو انڪشاف. مقرر پيٿالاجسٽ ڊاڪٽر 4 ورهين ۾ هڪ مريض جي به رپورٽ پاڻ جاري نه ڪئي، مٿان سرڪار پاران تعلقه جي 85 سيڪڙو 1 ڪروڙ 70 کان وڌيڪ ۽ 15 ٻاهرين يعني لوڪل پرچيز دوائن جي ايتري بجيٽ هجڻ باوجود مريضن کي 3 دوائون ٿي سور جي ساڳي ته پيٽ سور جي ساڳي ساڳي غير معياري دوائون ڏنيون ٿيون وڃن، ڪجهه ڏينهن اڳ نوان مقرر ٿيل 23 ڊاڪٽرن مان 5 کانسواءِ ٻيا لاپتا، ايم ايس سموري عمل کان نابري ظاهر ڪري ڇڏي.
خيرپورناٿن شاهه تعلقه اسپتال جي عاليشان عمارت 20 کان وڌيڪ بسترن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ الٽرا سائونڊ، ايڪسري مشين، پيٿالاجي ليبارٽي سميت اکين جو شعبو، ٿيليسيما، ماءُ، ٻار جي صحت مرڪز، ايمرجنسي ۽ ٻيا شعبا ايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجو جي ورتل ڪوششن سبب قائم ٿيا پر اهي مستقل فائدو عام غريب مسڪين بي پهچ مريضن کي صحت کاتي جي تعلقي اسپتال عملدارن جي بي ڌياني، ڪرپشن، پنهنجا نوازي ۽ غير واسطيدار پيٿالجسٽ جي انتظامي معاملن ۾ مداخلت ڪري عام غريب مسڪين، بي پهچ مريضن کي ڪو به لاڀ نه ڏئي سگهيا آهن، صحت کاتي جي ذريعن وٽان مليل معلومات موجب تعلقه اسپتال ۾ دوائن جي سرڪار پاران 85 سيڪڙو مٿان خريد جي مڌ ۾ 1 ڪروڙ 70 لک کان وڌيڪ ۽ 15 سيڪڙو ٻاهرين يعني لوڪل پرچيز جي ايتري وڏي انگ اکرن واري بجيٽ هجڻ باوجود عام مريض کي پيٽ، مٿي جي سور، ڪنگهه، الٽي، دست لاءِ هڪ ئي ساڳيون ساڳيون غير معياري دوائون مهيا ڪيو وڃن ٿيون.، اسپتال ۾ ايندڙ مريضن جو الٽرا سائونڊ جي ساڳي ساڳي هڪ رپورٽ، فوٽو ڪاپي هر آئي نيئن مريض کي ڏني وڃين ، جنهن ڪري سمورن مريضن لاءِ تعلقه اسپتال مان ڪرايل الٽرا سائونڊ ڪي به نتيجا نه ٿو ڏئي. تعلقه اسپتال ۾ 23 نون ڊاڪٽرن جوائينگ ڪئي آهي، جن ۾ 5-7 ڊاڪٽرن رضوان راجپوت، يامين ٻٻر، وحيد شاه، ممتاز لغاري، شيراز شيخ، اشفاق ملاح، شڪيل ڪلهوڙو کان علاوه ٻيا ڊاڪٽر لاپتا، پنهنجي ڊيوٽين تان غائب آهن، جڏهن سينيئر ميڊيڪل آفيسر ممتاز کنڊ، امداد ڪلهوڙو، عبدالحميد شيخ، ، اياز جوکيو ۽ ٻيا ڊيوٽي تي حاضر ته آهن پر مريضن کي چڪاسڻ پنهنجي توهين سمجهي اڪثر پنهنجي نجي ڪچهري جو او پي ڊي روم کي مرڪز بڻايو ويٺا آهن. جڏهن ته نون ڊاڪٽرن کي مريض تپاسڻ ۽ ان جي علاج ۾ دلچسپي آهي پر سينيئرن ۽ ايم ايس جو سندن سان عدم تعاون آهي جنهن ڪري سندن استيٿس ڪوپ، بي پي آپريٽس ۽ ٻيا عام اوزار به ميسر نه آهن، ايم ايس سندن کي پنهنجي گهران آڻڻ لاءِ چوي ٿو. سندن جي مقرري بعد ايم ايس پاران تعلقه اسپتال جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان ڊاڪٽرن جي ڪا به گڏجاڻي نه ڪرائي وئي آهي ته جنهن سان مريضن کي بهتر کان بهتر علاج جو سهولتون ڏئي اسپتال جي ڪارڪردگي کي ڪيئن بهتر بڻائي سگهجي ٿو. پيٿالاجسٽ تعلقه اسپتال ۾ ڪيترن ئي سالن کان مقرر آهي جنهن جي اسٽاف موجب پيٿالجسٽ پاران هڪ به رپورٽ هن وقت تائين ڊاڪٽر تيار نه ڪئي. هوءُ اڪثر اسپتال جي انتظامي معاملن، ڏيتي ليتي جي ڪم ۾ مشغول هجڻ سان گڏ مريضن کي پنهنجي خانگي ليبارٽيز تان رپورٽس ڪرائڻ جا مشورا ڏيندو رهندو آهي. ايم ايس ڊاڪٽر عبدالحميد شيخ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڊاڪٽر ڊيوٽين تي حاضر آهن، نئن غير حاضر ڊاڪٽرن جي ڄاڻ مونکي نه آهي، تعلقه اسپتال ۾ هڙتال جو سڏ ميهڙ جي ڊاڪٽرن جي يڪجهتي طور ڏنو ويو آهي. دوائن جي سهولت به بهتر آهي، مان اسپتال کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري رهيو آهيان، پيٿالاجسٽ کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اسپتال ۾ ايندڙ مريضن لاءِ ليبارٽي جي ڪم کي فعال بڻائي. جڏهن ته خيرپور ناٿن شاهه شهر جي سياسي، سماجي ، حلقن پاران تعلقه اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف علي احمد علي چانڊيو، وقار عباسي، حميد شڪيل چانڊيو، فقير علي حسن جانوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي بينر ڪارڊ ۽ جهنڊا کڻي ڪميونٽي سينٽر کان پريس ڪلب احتجاجي مظاهرو ڪري تعلقه اسپتال ۾ سهولتون فراهم ڪيو جا زوردار نعرا هڻندا رهيا آهن. جنهن موقعي تي احمد علي چانڊيو ميڊيا اڳيان دانهيندي چوندا رهيا آهن ته ڪرپشن عذاب ڪري اسان جا سمورا ادار مڪمل طور تباه ٿي ويا آهن، جنهن خلاف عدليه تحرڪ وٺي اسان جي تعليم کاتي ۽ صحت کاتي ۾ ڪرپشن جي ملوثن خلاف سيشن جج دادو، عوامي شڪايتن تي ڪاروائي ڪري انهن تي ڪيس داخل ڪيو آهي جنهن سان اداري جي بهتري ٿيندي ۽ عوام کي جي پڻ عوام آزار ۽ ڪرپٽ آفيسرن مان جان آجي ٿيندي، جنهن تي ٻين ڊاڪٽرن پاران جيڪي ڪرپٽ آفيسرن جي حمايت ۾ سول سروينٽ رول جي ڀڃڪڙي ڪري احتجاج ڪري عوام کي ايذائن ٿا اسان ان لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ٿا ڪيون ته ان عمل جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي احتجاجين خلاف ڪاروائي ڪري ڪرپشن روڪي وڃين تعلقه اسپتال ۾ سهولتون عوام کي ميسر ڪري ڏنيون وڃن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته تعلقه اسپتال خيرپورناٿن شاهه ۾ سموري انتظامي بي ڌياني، دوائن جي سهولتن جي اڻاٺ، الٽرا سائونڊ تي ساڳي ساڳي ٿيل فوٽو ڪاپيز واري رپورٽ، غير فعال بڻيل پيٿالاجي ليبارٽي جو خاتمون آڻڻ، جو وزير اعلي سنڌ، صوبائي وزير صحت، سيڪريٽري صحت ۽ ٻيا وس وارا نوٽيس وٺي خيرپورناٿن شاهه واسين غريب مسڪين بي پهچ مريضن جي علاج جو سهولتون بهتر بڻائي سندن بي چيني ختم ڪئي وڃين.
INVESTIGATION REPORTING 1 Gorkh Hill Station
From: Aqeel Ahmed Soomro 2k15 MMC/9 improver
سنڌ ۾ ڪوهه مري سان مشابهت رکندڙ واحد تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن ۾ سهولتن جي اڻاٺ ختم نه ٿي سگهي، 3 فيزن ۾ جاري ٿيل ڪروڙين روپين باوجود کاول لڪ واري چاڙهي کي به سڌو نه ڪيو ويو، تفريح لاءِ ايندڙ سياحتن جو سهولتن جي کوٽ جون شڪايتون، صوبائي سرڪار کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو.
سائبريا جي ٿڌين هوائن جو گذر گاهه، ڪوه مري سان مشابهت رکندڙ سمنڊ جي سطح کان پنج هزار ڇهه اٺاسي فوٽ جي بلندي تي دادو ضلعي جي تعلقي جوهي ۾ واقع سنڌ جو تفريح گاه چارسئو ايڪڙ ايراضي تي مشتمل گورک ماٿري اديبن ۽ مقامي ماڻهن جي الڳ الڳ چواڻي موجب گورک بگهڙن جو آستانو هيو بلوچي ٻولي ۾ بگهڙ کي گورگ چيو وڃي ٿو گورگ مان بگڙي گورک نالو پيو ڪن جي راءِ آهي ته کيرٿر جبل تي اڇي پٿر جا گورا جبل آهن گورک به کيرٿر جبل جو تسلسل آهي ان لاءِ گورا مان بگڙي گورک نالو پيو ڪن جي راءِ آهي ته گورک ۾ رهندڙ بلوچ قبيلي جا ماڻهون انگريزن کي گورو سڏيندا آهن گورک برطانيا حڪومت جي نمائندي دريافت ڪيو تنهن ڪري ان گوري مان بگڙي گورک نالي سان سنڌ جو واحد تفريح گاه آهي جتي جون ۽ جولاءِ جي انتهائي سخت گرمي جي مهينن سياري جي ٿڌين هوائن ۾ گرمي جو احساس ئي ختم ٿي ويندو آهي. جون مهيني ۾ گرمي ٽيمپريچر 17 کان 30 سينٽي گريڊ جڏهن ته سيپٽمبر ۾ گرمي پد 5 کان 20 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي جڏهن ته سج لهڻ جو ٽائيم سيارو ۾ 10 ڪلاڪ 50 منٽ ۽ اونهاري ۾ 13 ڪلاڪ 55 منٽ آهي. برساتن جي ايوريج هڪ سال ۾ 12.5 انچ رڪارڊ ڪئي وئي آهي جڏهن ته هوائن جي رفتار مئي مهيني ۾ 14 ميل هڪ ڪلاڪ ۽ آگسٽ مهيني ۾ 8 ميل في ڪلاڪ ۽ نارمل هوائون 2 کان 6 ميل في ڪلاڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ملڪ جا مشهور نامور سياسي شخصيتون، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، ملڪ جو موجوده وزير اعظم نواز شريف، وزير اعلي سنڌ سيد قائم علي شاه، لياقت علي جتوئي، ارباب غلام رحيم، غوث علي شاه، ٻيا دورا ڪري، ترقياتي ڪم جو جائزو وٺي چڪا آهن ، پر بدقسمتي سان ملڪ جي اهم اڳواڻن جي اچڻ جي باوجود گورک جي ترقي ۾ انهن جي دورن جو ڪو به اثر نه پئجي سگهيو آهي. گورک هل ميگا پروجيڪٽ جو ڪم 25 سال گذرڻ باوجود ڪرپشن جي عذاب ڪري مڪمل نه ٿي سگهيو آهي.
2010 ۾ وڏي وزير سيد قا.ئم علي شاه جي گورک تي دوري دوران سندس کي گورک هل ڊوولپمينٽ اٿارٽي پاران ڏنل بريفنگ موجب تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن جي ترقياتي ڪمن کي 3 فيزن ۾ ورهايو ويو ترقياتي مد ۾ فيض هڪ تحت ڊولپمينٽ لاءِ آگسٽ 1998ع ۾ 583.369 ملين رپيا رکيا ويا جيڪي پئسا جون مهيني جي 2011ع ۾ ختم ٿيا فيز 2 جي نالي تي 173.181 ملين رپيا رليز ڪيا ويا جيڪي پڻ ڊولپمينٽ ۾ خرچ ڏيکاريا ويا فيز 3 تحت 999 ملين رپيا آگسٽ 2005 ۾ سنڌ ۽ وفاق حڪومت 50 سيڪڙو جي شيئرنگ طور تي ڏنا.جيڪي پئسا اي سي اين اي سي طرفان خرچ ڏيکاريا جڏهن ته 2009ع ۾ ناڻي کاتي 100 سيڪڙو فنڊ رليز ڪيا جيڪي گورک هل اسٽيشن جي ڊائريڪٽر جنرل جي اسپيشل اڪائونٽ ايس ڊي اي ۾ ٽرانسفر ڪيا ويا 16 فيبروري 2010ع تي تفريح ماڳ ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ 21 نوان ٽينڊر 60 ملين روپين وارا گهرايا ويا. ملين روپيه تفريحي ماڳ کي جاري ٿيڻ باوجود حالت اها آهي جو گورک تائين پهچڻ لاءِ رستا ۽ پلون مڪمل نه ٿيو آهن، جيڪا تيار ٿيا اهي به ناقص ڪم سان تعمير هجڻ ڪري هلڪين برساتن ۾ هنڌان هنڌان ٽٽي تباه ٿي ويا آهن جنهن کي جوڙڻ لاءِ گورک انتظاميا ڪي به اپاءُ نه ورتا آهن. نه فقط ايترو پر کاول لڪ واري چاڙهي کي جديد فني طريقن سان ڊاهي ختم ڪري آسان رستو ٺاهڻ بجاءِ سياحن جي لاءِ نا خوش گوار کاول لڪ واري چاڙهي تي اتان جي مقامي ماڻهن پاران 100 سال پهرين پنهنجي گڏه ۽ اٺن تي اچ وڃ واري هٿرادو گس، لنگهه تي پهريون پٿر وچائي فيز ون ۾ روڊ ٺاهيو ويو جيڪو ناقص مٽيريل سان تيار هئڻ ڪري ختم ٿي ويو هاڻي ان جو ٻيهر ڪم ڪنهن معياري، ساک واري ڪمپني کان ڪرائڻ بجاءِ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ۾ ملوث سب انجنيئر جي سپروين ڪري، من پسند مقامي سيکراٽ ٺيڪيدارن حوالي ٿيل آهي، ٺيڪيدار پنهنجي من پسندي تي ڪم مشينن تي ڪرائڻ بجاءِ ناقص مٽيريل سان مزدورن کان هٿ واري تغاري تي ڪم وٺي رهيا آهن. جنهن ڪري رستا سالن جا سال گذرڻ باوجود تيار نه ٿي سگهيا آهن تا حال تباه هجڻ ڪري سياحن لاءِ پريشانين جو سبب آهي .
گورک هل اسٽيشن تفريح گاه کي فاريسٽ ڊپارٽمينٽ پاران 100 ملين جي لاڳت سان شجرڪاري جي تناسب ۾ فنڊس جاري ڪيا ويا.ڪرپشن جي عذاب ڪري پوکيل وڻن ۽ ٻوٽن جي سنڀال نه ٿي سگهي جنهن ڪري ٻوٽن ۽ وڻن کي پاڻي پهچائڻ لاءِ انتهائي غير معياري واري ڪوالٽي واريون فائبر پلاسٽڪ واريون ٽانڪيون ۽لائينون هجڻ ڪري 30 ڏينهن ۾ هنڌا هنڌا ٽٽي تباه ٿي ويو آهن ۽ ٻوٽن جي سنڀال لاءِ مقامي ملازمن جو 10 مهينن کان پگهارون بند هجڻ ڪري ٻوٽن کي پاڻي نه ملڻ ڪري سڪي ۽ سري ويا آهي
تفريح گاه گورک جي مقامي رهواسين جي ترقي وٺرائڻ ، نوڪريون ڏيڻ يا انهن کي بنيادي سهولت اسڪول ، اسپتال، واٽر سپلاءِ سميت ڪي به سهولتون هن وقت تائين فراهم نه ڪيو ويو آهن، رهواسي پنهنجي پيٽ گذر لاءِ چوپايومال ۽ پيش ، تڏا ٺاهي وڪرو ڪرڻ، پر گهٽ اجرت ملڻ ڪري مفلسي واري زندگي گهارن پيا مقامي ماڻهن جو الزام آهي ته اڳوڻي سياحت تي صوبائي وزير سسئي پليجو 300 کان وڌيڪ نوڪريون ٻاهرين ماڻهن کي ڏياريون، جيڪي ڊيوٽي ڪرڻ بجاءِ گهر ويٺي پگهارون وٺي رهيا آهن ۽ اسان گورک جي مقامي رهواسين کي هڪ نوڪري به نه ملي آهي، گورک تي هلندڙ ترقياتي ڪم تي به سندن کي مزدوري ڏيڻ بجاءِ ٻاهرين ماڻهن کي ڪم ڏنو وڃين ٿو.
گورک هل اسٽيشن کي تفريحي ماڳ بنائڻ واريون حڪومتي دعوائون صرف اعلانن ۽ هٿ مبارڪ سان افتتاحي بورڊن تائين محدود رهيون آهن عملي طور تي ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيو آهي جنهن ۾ گورک پهچڻ لاءِ آسان رستي، اينيٽيشن پلانٽ جي تنصب 10 کان 20 بسترن تي مشتمل اسپتال، بس ٽرمينل، چڙيا گهر ۽ جانورن جي پالنا جا واهن ۽ وهڪرن تي پُلن ٺاهڻ، روڊ تي احتياطي تدبيرن وارا بورڊ لڳائڻ ۽ آئينا هڻڻ، واهي پانڌي روڊ کي ملائيندڙ ذيلي رستن جي تعمير، رستن جي سڌائي پاڻي جا ذخيرا، نئين گاج ۾ فراهمي آب جا منصوبا، فلٽر پلانٽ ، صحت مرڪز، شجرڪاري مقامي ثقافت ۽ دستڪاري جي صنعت کي اجاگر ڪرڻ سميت ٻيا منصوبا، سالن کان رولڙي جو شڪار آهن جڏهن ته ڄاڻايل منصوبن جي تعمير لاءِ فنڊز موجود آهن باوجود ان جي تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن تي بين الاقوامي معيار جون ڪي به سياحتي تفريح جون راهون هموار نه ٿي سگهيون آهن
جڏهن ته سنڌ جي تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن جي ميگا پراجيڪٽن ۾ ڏيکاريل فنڊ حقيقي معنيٰ خرچ ڪيا وڃن ته گورک هل ڪوهه مري کان وڌيڪ عالمي سطح تي تفريح ماڳ جو اعزاز ماڻي ها پر ڪرپشن ۽ بدعنوانين سبب تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن ترقي نه ڪري سگهي آهي هن وقت تائين گورک هل اسٽيشن عالمي سطح تي شهرت نه ماڻي سگهي آهي گورک هل اسٽيشن تي هن وقت تائين ڪو به فارينن سياح تفريح لاءِ نه اچي سگهيا هن وقت گورک تي سياحت لاءِ يا سيڙپڪاري لاءِ ڪو به تاجر تيار ناهي تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن جي سيٽلائيٽ سروي شينڪ لينڊ ڪمپني کان 26.615 ملين روپيا ڏئي ڪرايو ويو پر تنهن مان به ڪو لاڀ نه ملي سگهيو تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن هن وقت ترقياتي ڪمن کان وانجهيل آهي گورک تي ايندڙ سياحن لاءِ نه ڪو ريسٽ هائوس آهي نه ئي کاڌي پيتي لاءِ ڪي جوڳا اپاءُ ورتا ويا آهن، تنهن ڪري هن وقت
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اقتداري ڌريون سنڌ جي واحد تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن جي ترقي ۽ علائقي جي خوشحالي لاءِ سنجيدگي سان سوچن ۽ تفريحي ماڳ کي عالمي سطح تي مقبول بنائڻ لاءِ رڪاوٽ بڻيل کاول لڪ جي چاڙهي کي ڊاهي،هنگامي بنيادن تي ميگا پراجيڪٽ جا ڪم سيکراٽ ٺيڪيدارن کان واپس وٺي ڪنهن ساک واري ڪمپني جي حوالي ڪري، ٿيل ڪرپشن جو نوٽيس وٺي ڪم مقرر وقت تائين پورو ڪرائي ملڪي ۽ غير ملڪي سياحن لاءِ آسان ۽ آرام ده رستو تيار ڪرايو وڃين ته جيئن سنڌ جي واحد تفريح گاه گورک کي بين الاقوامي سطح تي ترقي ملي سگهي. ..
BoxCryptor Review
ReplyDeleteGood Thanks For Share
ReplyDeleteGood Carryminati fans Click Here
Good BB Ki Vines fans Click Here
Good Soul Mortal fans Click Here
Good Scout income. fans Click Here
levino girlfriend income. fans Click Here
CCleaner Crack key
ReplyDeleteIDM Crack Serial Number
4k video downloader crack License key
Thanks for the post. Very interesting post. This is my first-time visit here. I found so many interesting stuff in your blog. Keep posting.. wondershare-uniconverter-crack
ReplyDeleteThis article is so innovative and well constructed I got lot of information from this post. Keep writing related to the topics on your site. Painttool Sai Crack
ReplyDeletegood work
ReplyDeletehttp://freecrackkey.com/avg-secure-vpn-crack-2021/
http://freecrackkey.com/poweriso-7-9-crack-2021/
http://freecrackkey.com/r-driver-image-crack-2021/
It's fascinating to visit this website and read all of your friends' opinions.
ReplyDeleteWhile I am interested in the subject of this piece of writing, I am also excited to
acquire familiarity
serato dj crack
parallels desktop crack
pc reviver crack
need for speed payback crack
Sweethearts! Wonderful individual! The RSS feed isn't working properly for me for some reason.
ReplyDeleteI'm baffled as to why I'm unable to join.
Has anyone else had trouble using RSS in the past? Are there any decent people out there that can help?
Thank you very much!
netgate amiti antivirus crack
movavi pdf editor crack
fileviewpro crack
I'm glad you like it as much as I did.
ReplyDeleteSketch, a theme for your author, is here.
a classy purchase
A lack of interest in what you have to say.
You'll be back before then, and you'll be back a lot more if you help our expansion.
soundtap streaming audio recorder crack
mobirise crack
start menu crack
cyberlink powerdirector crack
On the Internet, I was happy to discover this installation.
ReplyDeleteIt was a wonderful read and I owe it to you at least once.
It touched my interest a little and you kindly kept it.
Become a fan of a new article on your site
amazon music crack
adobe bridge crack
wondershare mobiletrans crack
among us crack
Excellent posting. I have constantly checked this blog and I am impressed!
ReplyDeleteVery useful information, especially the last part. I care a lot about this information.
I've been looking for this special information for a long time.
Thanks and good luck.
clamwin antivirus crack
blumentals rapid php crack
anymp4 dvd ripper crack
bittorrent pro crack
Thank you so much for letting me express my feeling about your post.
ReplyDeleteYou write every blog post so well. Keep the hard work going and good luck.
Hope to see such beneficial post ahead to.
pdf replacer crack
poweriso crack
revo uninstaller pro crack
screenpresso pro crack
sejda pdf desktop pro crack
serato dj pro crack
I am very thankful for the effort put on by you, to help us, Thank you so much for the post it is very helpful, keep posting such type of Article.
ReplyDeleteIM-Magic Partition Resizer Crack
Parallels Desktop Crack