Posts

Showing posts with the label Naseer Channa

Investigation Report Ranjhani - Qasimabad

Akran Ranjhani, Muhammad Ali Junejo, Agha Noman, Saleem Lakho, Naseer Channa, سبجيڪيٽ: نيوز پيپر پراڊڪشن سر سهيل سانگي صاحب اسائنمينٽ: انويسٽيگيشن رپورٽنگ ٽاپڪ: ميونپسل ڪميٽي قاسم آباد جي ڪاروهنوارجي جاچ پڙتال انويسٽيگيشن رپورٽنگ گروپ: اڪرم رانجهاڻي، محمد علي جوڻيجو، آغا نعمان، سليم اختر لاکو ۽ نصير احمد چنا(ايم. اي. پريوويس. ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو) ميونسپل ڪاميٽي قاسم آباد ۾ مختلف ٽيڪسن جي مد ۾ سالياني لکين ۽ ڪروڙين روپين جي اوڳاڙي ٿيڻ باوجود حيدرآباد ضلعي جومک تعلقو قاسم آباد انفراسٽرڪچر، خوبصورتي توڙي ترقي واري معاملي ۾ اڃا تائين مڪمل طور سڌري نه سگهيو، صفائي سٿرائي، اشتهارن جي هولڊنگ بورڊ، شاپ بورڊ، پينافليڪس ۽ موبائيل وهيلڪز سميت ٻين ڪيترين ئي ڪمپنين جي بورڊن جي لڳائڻ، ڊولپمينٽ چارجز، راڻي باغ جي چڙيا گهر توڙي پارڪنگ چارجز، پيٽرول پمپ، سي اين جي پمپ، گئس، بجلي، جنريٽر ۽ ٻئي مشينري نصب ڪرڻ سوڌو ٻين مختلف مدن جي ٽيڪسن جي ٿيندڙ اوڳاڙي ۾ مبينا ڪرپشن ٿيڻ لڳي، جڏهن ته ٽيڪسن جي اوڳاڙي واري لکين ۽ ڪروڙين روپين جي رقم جو استعمال سواليا نشان بڻج...

Naseer channa Interview of Waseem Sitai

Image
U sent it after due date انٽريو نصير چنا 2K17/MMC/33 ايم اي پريويئس   وسيم آڪاش سيتائي (اديب ۽ شاعر) وسيم آڪاش سيتائي جو اصل نالو محمد صديق ميمڻ آهي، جيڪو 8 اپريل 1984ع تي دادو ضلعي جي تاريخي شهر سيتاروڊ   پيدا ٿيو، هن ادب جي شروعات 2003ع کان ڪئي، هن پنهنجي بنيادي تعليم به سيتاروڊ مان ئي حاصل ڪئي آهي، وسيم آڪاش 3 ڪتاب ”ھوائن ڇير ڇمڪائي“ ، ”ڏھر منجھ ڏيئا“ ۽ ”آلا نيڻ آڪاش جا“ ڇپرائي چڪو آهي پر اڃا به سندس ٻه ڪتاب اڻ ڇپيل پيل آهن، جيڪي هو نه ڇپرائي سگهيو آهي، هو سنڌي ادبي سنگت شاخ سيتاروڊ لاءِ گذريل ٻن سالن کان پنھنجون خدمتون سرانجام ڏئي رھيو آهي، کيس سنڌ نيشنل مومينٽ، نور الاسلام ايجوڪيشنل اينڊ ويلفيئر سوسائٽي، سنڌي ادبي سنگت ضلعي دادو ۽ شاخ سيتاروڊ طرفان ڪيترائي مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. سوال : اوھان شاعري جي شروعات ڪڏھن کان ڪئي؟ جواب: مون کي ته ائين لڳندو آھي ته شاعري سان عشق منھنجي ھجڻ کان اڳ جو آھي، شاعري منھنجي پناھگاھ آھي، جتي مان صدين جا ٿڪ ڀڃندو آھيان، مون کي اسڪول واري دور کان ئي شاعري سان لڳاءُ رھيو آھي، پڙھندو ھيس، ٿورو گھڻو ل...

نصير چنا : آرٽيڪل Naseer Channa

آرٽيڪل نصير چنا 2K17/MMC/33 ايم اي پريويئس   حيدرآباد ۾ منرل واٽر جو وڪرو ۽ ڪمپنيون نصير احمد چنا انساني جياپي لاءِ پيئڻ جو صاف پاڻي انتهائي ضروري آهي، صاف پاڻي مهيا نه ٿيڻ سبب ڪيتريون ئي بيماريون جنم وٺن ٿيون، تنهن ڪري لازمي آهي ته حڪومت پنهنجي عوام کي پيئڻ جو صاف ۽ صحت بخش پاڻي فراهم ڪرڻ واري عمل کي يقيني بڻائي، پر هتي اسان وٽ بدانتظامي سبب پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم نه پيو ٿئي، جنهن ڪري شهري صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي واپرائڻ تي مجبور بڻيل آهن، ان سلسلي ۾ تازو اعليٰ عدالت طرفان جوڙيل جوڊيشل واٽر ڪميشن   سڄي سنڌ مان پاڻي جا نمونا وٺي سمورن وڏن شهرن ۾ عوام کي سپلاءِ ٿيندڙ پاڻي جو معائنو ڪري جيڪا رپورٽ پيش جاري ڪئي آهي، تنهن ۾ پڻ خطرناڪ حد تائين صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي ظاهر ٿيو آهي، جيڪو ماڻهن کي پياري سندن حياتين سان کيڏيو پيو وڃي، انهيءَ رپورٽ مان ظاهر ٿيو آهي ته هتي عوام جي صحت بابت انتظاميا کي ڪو به فڪر ناهي ۽ نتيجي ۾ شهري گندو ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي واپرائي بيمارين ۾ وڪوڙجي پنهنجيون حياتيون وڃائيندا رهن ٿا. ان سلسلي ۾ پاڻ جڏهن سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد کي...

Naseer Channa - Profile

Image
Profile is reporting based.   It is describing. how to describe personality.  find some uniqueness in personality. Talk to  people cl;ose to him,  پرفائيل نصير چنا 2K17/MMC/33 ايم اي پريويئس   مشهور ميمڻ (سماجي اڳواڻ، اديب ۽ شاعر) دنيا ۾ اهڙيون سوين سماجي شخصيتون آهن جيڪي عوام جي وڌ کان وڌ خدمت ڪن ٿيون ۽ عوام جي مسئلن کي پنهنجا مسئلا سمجي انهن جي حل لاءِ جدوجهد ڪن ٿيون، اهڙن ئي سماجي شخصيت مان هڪ مشهور ميمڻ به آهي، جنهن پنهنجي ذاتي ڪمن کان وڌيڪ عوامي مسئلن کي اوليت ڏيندي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪئي آهي ۽ پنهنجي زندگي جو وڏو حصو عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ گذاريو آهي، هو سماجي اڳواڻ هئڻ سان گڏ اديب ۽ شاعر پڻ آهي، مشهور ميمڻ 1973_9_17 تي دادو ضلعي جي تعلقي خيرپورناٿن شاهه جي قديمي ڳوٺ وئجي شريف جنم ورتو، هو ننڍپڻ کان ئي ذهين، هوشيار ۽ محتني هوندو هو، کيس ننڍپڻ ۾ ئي سماجي ڪمن سان چاهه هوندو هو، هن پنهنجي پرائمري تعليم ڳوٺ وئجي شريف جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي، جنهن بعد 1985 ۾ وئجي شريف مان لڏپلاڻ ڪري سيتاروڊ ۾ رهائش اختيار ڪئي، هن مئٽرڪ 1989 ۾ سيتا...

Naseer Channa- MA -feature - ٽڪ جو ڪم

Image
Feature  should be reporting based. It is like an article.  Intro  should be interesting. It is not specific. too general. فيچر  نصير چنا 2K17/MMC/33 ايم اي پريويئس دادو ضلعي ۾ ٿيندڙ ٽڪ جو ڪم سنڌ هنر جي لحاظ کان مالا مال آهي، جتي نه صرف مرد ڪاريگرن پر  عورتن به ڪاريگري ۾ پاڻ ملهايو آهي، هو گهر جو ڪم ڪار ڪري پوءِ ٽوپو به ڏين ٿيون، ٽوپي جي انهي ڪم جي حوالي سان دادو ضلعي کي هڪ الڳ حيثيت حاصل آهي، سنڌ ۾ ڪٿي به ٽڪ جي ڪم جو ذڪر ٿيندو آهي ته دادو ضلعو سڀ کان پهرين ذهن ۾ ايندو آهي، جتي جي ٽڪ جو ڪم تمام گهڻو مشهور آهي ۽ اهو وڏي پئماني تي ٿي رهيو آهي. دادو ضلعي جي تعلقي ميهڙ، ڪي اين شاهه، دادو، جوهي ۽ راڌڻ جا اهڙا سوين ڳوٺ آهن جتي جي رهواسين جو دارومدار صرف هٿ جي هنر تي آهي، انهن ڳوٺن جون عورتون ٽڪ جو ڪم تمام وڏي چاهه سان ڪن ٿيون، دادو ضلعي جي ٽڪ جون رليون، چولا، رمال، ويهاڻا، چادرون ۽ روا ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ تمام گهڻا مشهور آهن، هن وقت ته هٿ جي هنر يعني ڀرت وغيرهه ڀرڻ جون مشينون اچي ويو آهن، پر دادو ضلعي جون عورتون هٿ ذريعي ٽڪ جي ڪم جو هنر قائم ۽ دائ...