Feature Yasir Sodhar - Hamal Lake - Sindhi
ياسر سوڍر بي ايس پارٽ 3 رول نمبر 93 فيچر حمل ڍنڍ قدرت جا ڪيترائي حسين رنگ دنيا ۾ موجود آهن جيڪي ڏسڻ سان انسان جي وجود۾ هڪ عجيب سڪون ۽ ڪيفيت پيدا ٿيندي آهي، جنهن سان انسان جي من ۾ خوشي جي لهر پيدا ٿي ويندي آهي. انهن قدرتي شين ۾ هڪ الڳ ڪشش ڀريل هوندي آهي جنهن سان انسان ڪيترو به مايوس ڇو نه هجي ان کي ڪنهن حد تائين سڪون ملندو آهي. انهن شين جا مثال برفاني پوشاڪ ۾ ڍڪيل جبل، نديون، سمنڊ، درياھ ۽ قدرتي ڍنڍون ٿي سگھن ٿا. انهن ئي قدرتي شين ۾ سنڌ جي جابلو پٽي جنهن کي کيرٿر جبل جي نالي سان سڏيو ويندو آهي به هڪ آهي، کيرٿر جبل جو هڪ خوبصورت منظر جبلن مان نڪرندڙ پاڻي آهي جيڪو ندين ذريعي حمل ڍنڍ ۾ ڇوڙ ٿئي ٿو. حمل ڍنڍ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ موجود آهي، جيڪا قمبر شهر کان اٽڪل 40 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي، هن ڍنڍ جي ڊيگھتقريبن 24 ڪلوميٽر ٿيندي، ايراضي جي حساب کان ڏٺو وڃي ته حمل ڍنڍ ٽي هزار ايڪڙ زمين تي مشتمل آهي. هن ڍنڍ ۾ پاڻي کير ٿر جبل جي مختلف ٽڪرين جو سينو چيري جبل جي مختلف قسمن جي ڇپن کي پاڻ سان گھليندو ننڍين ننڍين جھيلن ۽ ندين کان ٿيندو حمل ڍنڍ ۾ ڇوڙ ٿئي ٿو.حمل ڍنڍ جو نالو...