Posts

Showing posts with the label اڪرم رانجهاڻي

عبدالرزاق عمراڻي جو انٽرويو: اڪرم رانجهاڻي - Akram Ranjhani

Image
U are sending it after deadline. Foto is very small Akram Ranjhani- M.A (Prev) Roll#MMC-09 Media & Communication Department Sindh University ميڊيا جي شاگردن جو مستقبل روشن آهي، نوجوانن کي سماجي خدمتن ۾ حصو وٺڻ گهرجي: سماج سڌارڪ عبدالرزاق عمراڻي ميڊيا دنيا جي طاقتور ڌرين ۾ شامل ٿئي ٿي  ۽ هر قسم جي تبديلي لاءِ وڏي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري رهي آهي: ناليواري سماج سڌارڪ جون خاص ڳالهيون انٽرويو: اڪرم رانجهاڻي تعارف:  ناليوارو سماج سڌارڪ عبدالرزاق عمراڻي 1960ع ڌاري مٽياري ضلعي جي تعلقي نيوسعيدآباد ۾ اتان جي هڪ دوڪاندار نالي محمد سليمان عمراڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. عبدالرزاق عمراڻي پنهنجي شروعاتي تعليم پنهنجي ئي شهر نيوسعيدآباد جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ 1965ع دوران پهرين درجي ۾ داخلا ورتي، ائين مئٽرڪ ۽ انٽر ڪلاس جا امتحان پاس ڪرڻ بعد 1983ع وارين گهڙين دوران مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو مان مائيننگ ڊپارٽمينٽ ۾ بيچلر آف انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي. 88ع ڌاري مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ 1989ع ۾ کيس سرڪاري نوڪري ملي ۽ سرڪاري نوڪري ڪرڻ سان گڏوگڏ کيس سماجي سرگرمي...

Akram Ranjhani - MA -article

Akram Ali Ranjhani(Roll#MMC- 09) (اڪرم علي رانجهاڻي... ايم. اي. پريويس. ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ، رول نمبر... ايم ايم سي. 09 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو) (آرٽيڪل) سنڌو درياهه ۾ گٽر نالن جو ڇوڙ اڪرم رانجهاڻي سنڌو درياهه جتي صاف پاڻي جي وهڪري جو هڪ اڻکٽ هنڌ آهي، ان ساڳئي درياهي وهڪري ۾ وهندڙ صاف پاڻي بدران اڄڪلهه حيدرآباد شهر جي گٽر نالن جي گندي پاڻي جو ڇوڙ به وڏي پيماني تي ٿي رهيو آهي. گٽر نالن جو اهو گندو پاڻي ڪٿان وهي اچي سنڌو درياهه جي سيني ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، اها ڳالهه بلڪل واضح ۽ چٽي پيل آهي ته اهي گٽر نالا قاسم آباد جي نسيم نگر، واڌو واهه، المصطفيٰ ٽائون، سٽيزن ڪالوني، عبدالله سينٽر، پڪوڙا چوڪ، قاسم آباد فيز ون، قاسم آباد فيز ٽو، ڀٽائي نگر، ماروي ٽائون، وحدت ڪالوني، حسين آباد، انور ولاز، شيدي ڳوٺ، سحرش نگر، لطيف آباد، جي او آر ڪالوني، لطيف آباد نمبر ون، لطيف آباد 2، لطيف آباد 3، لطيف آباد 4، لطيف آباد 5، لطيف آباد 6، لطيف آباد 7، لطيف آباد 8، لطيف آباد 9، لطيف آباد 10، لطيف آباد 11، لطيف آباد 12 ۽ ڪنڀار پاڙي توڙي سرڪاري آفيسن جي مرڪز بڻيل شهباز بلڊنگس ۽...