Ali Raza MA- Feature
This is not feature. Topic which was discussed and approved was different from what u wrote. Plz stick to the topic and focus statement which was approved. Feature is always reporting based. In ur case it is not so. Revise it, till coming Friday evening نالو علي رضا لاشاري ڪلس ايم اي پريويس رول نمبر 11 فيچر وونئڻن جي مند پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، جتي ڦٽي، ساريون ۽ ڪڻڪ سميت ڪيترائي فصل ٿيندا آهن. ڦٽيون سنڌ ۾ اپريل مهيني کان عام جام ڪاهيون وينديون آهن ۽ ڦٽي پوکڻ جا ٻه طريقا هوندا آهن ڪي هاري ناڙيءَ ته ڪي وري کريا ڪڍي ڪڪڙن جون چنگيون هڻندا آهن، ناڙي ذريعي ڦٽيون هڻڻ جو طريقو کرين کان بلڪل مختلف هوندو آهي ڇاڪاڻ جو ناڙي دوران ٻه هاري ٽريڪٽر جي پويان ناڙي تي ويٺل هوندا آهن ناڙي به هر وانگر ئي هوندي آهي جنهن ۾ ٻه ڪرسيون لڳل هونديون آهن ۽ انهن ڪرسين جي سامهون هڪي نموني جا ٻه سوراخ هوندا آهن جنهن ۾ ڪرسين تي ويٺل ٻه هاري ٻج يعنيٰ ڪڪڙن جون مٺيون ڀري هاريندا رهندا آهن ۽ اهڙي طرح سان اهو ٻج زمين ۾ پيو هاربو آهي جنهن کي ناڙيء ذريعي ڪاهه چئبو آهي جڏهن ته ٻيو طري...