A.D Khwaja Profile
Unedited ROLL NO; 2K17-MMC-25 PEACE; PROFILE پروفائيل جيڪڏهن نيت صاف هجي ته خدا مدد ڪندو آهي،، الله ڏنو خواجه الله ڏنو خواجه 24 اپريل 1965ع تي ٽنڊو محمد خان ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو سيٺ عزيز علي خواجه آهي جيڪو اصل ڏندو اسٽيشن تلهار جو رهواسي هو ۽ سندس اباڻي زمين به اتي ئي آهي پاڻ بعد ۾ ٽنڊو محمد خان طرف لڏپلاڻ ڪيائون کيس اي ڊي خواجه سميت 5 پٽن ۽ 4 نياڻين جو اولاد آهي، اي ڊي خواجه جي پرورش سيٺ درياڻو مل نالي واڻيي ۽ سندس والد گڏيل طور تي ڪئي هـئي ڇاڪاڻ ته سيٺ درياڻو مل سندس والد عزيز علي خواجه جو بهترين دوست هو ۽ اها دوستي ايتري ته پڪي هئي جو هو گهر جي مسلن ۾ به هڪ ٻئي سان صلاح مشورو ڪندا هئا سيٺ درياڻي مل کي 4 نياڻين جواولاد هيو پر کيس پٽ جو اولاد نه هو جنهن ڪري هن اي ڊي خواجه کي پٽ ڪري سڏيو هو ۽ سندس پرورش سيٺ درياڻو مل ۽ سندس والد ٻنهي جي هٿن ۾ ٿي، اي ڊي خواجه پنهنجي پرائمري تعليم ٽنڊو محمد خان مان حاصل ڪئي جنهن کانپوءِ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مستقبل جي هن چمڪندڙ ستاري ڄامشوري جو رخ ڪيو، ۽ ڪيڊٽ ڪاليج ڄامشورو مان انٽرميڊيئيٽ جو امتحان پاس ڪيائين. انٽرميڊيئيٽ ڪ...