Posts

Showing posts with the label Pir Shah Fateh

Pir Shah Fateh Feature

ايم اي (پريويس) رول نمبر:38 فيچر ڪلهوڙن جي زماني جو تاريخي واھ! ”مارک واهه“ مارک واهه ڪلهوڙا دور جو هڪ عظيم واهه آهي، جيڪو موجوده نواب شاهه ضلعي جي مٽياري سان ملندڙ دنگ وٽان، سنڌو، درياهه مان نڪري 2 سئو ڪلوميٽر وهي هاڻوڪي ضلعي عمرڪوٽ جي ناري واري علائقي تائين ايندو هو، هن واهه جي ويڪر 20 ويهه پُرهه يعني 100 فوٽ ۽ اونهائي پنج پُرِههَ يعني 25 فوٽ هئي، هن واهه جي رٿا اهڙي نموني ٿيل آهي، جو زمين جي اهڙن هنڌن تان نڪتل آهي، جتي پاڻيءَ جو وهڪرو کاڌ ڪري واهه جي ويڪر کي نه وڌائي سگهي، يعني چيڪي مٽيءَ واري ايراضيءَ مان ڪڍيو ويو آهي مارک واهه جي کوٽائي قيدين ڪئي آهي يا ڇيڙن وسيلي مقامي بااثر ماڻهن وسيلي ڪرائي وئي آهي، اهڙي ڳالهه تر جي وڏي ڄمار ماڻيندڙ خميسي خان ماڇيءَ ٻڌائي. اهو چوي ٿو ته آئون ٻڪريون پيو چاريان، مون مارک جو اوج ڏٺو، ٻنهي ڪپرن تي نار ۽ اوطاقتون نارن سامهون ڳوٺ ۽ پتڻ واريون ٻيڙيون بيٺل ھونديون ھيون، مون ڪيترا ماڻهو ٻانهون هڻي مارک  واھ  تري هن پار ويندي ڏٺا، هو چوي ٿو ته  مارک واهه تمام تکو وهندو هو، جهڙو تهڙو تارو ته پاڻيءَ ۾ لهڻ لاءِ سنڊيندو ئي ڪو نه ه...

Profile of Dr Asad Shah By Pir Shah Fateh

Image
This is CV style. Write in profile style Write ur name in Sindh also It is short, 600 plus words are required Observe proper paragraphing It will be good if u can rewrite it in proper manner  پروفيسر ڊاڪٽر سيد اسد الله شاهه بخاري سيد اسد الله شاهه بخاري اڳوڻي ضلعي حيدرآباد ۽ موجوده مٽياري ضلعي جي تعلقي نيو سعيد آباد جي ڳوٺ امين لاکو ۾ 20 مارچ 1961ع تي سيد علي اڪبر شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو، ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان سيد لال شاهه بخاري کان ورتائين، ايم جي مدرسا هاءِ اسڪول هالا مان 1977ع ۾ ميٽرڪ ڪيائين، جنهن بعد حيدرآباد اچي گورنمينٽ ڪاري موري ڪاليج حيدرآباد مان 1979ع ۾ پري انجنيئرنگ ۾ انٽر ڪيائين. تنهن کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخل ٿيا ۽ 1984ع ۾ اليڪٽرانڪس ۾ بيچرلس (آنرس) ۽ 1985ع ۾ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ جي ماسٽرس ڪيائين، تنهن کانپوءِ ساڳئي ئي شعبي ۾ ليڪچرار طور ڀرتي ٿي پنهنجون خدمتون سر انجام ڏنائين. ڊاڪٽر سيد اسد الله شاهه بخاري صاحب جي محنت ۽ ذهانت کي ڏسندي کيس سي او ٽي ايوارڊ ڏنو ويو ۽ حڪومتِ پاڪستان کيس اسڪالر شپ ڏئي برطانيا پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ موڪليو، جتا...