Posts

Showing posts with the label Anand Kumar

قاسم آباد جا پرائيوٽ سينٽرز ۾ سرڪاري استاد ۽ ڳاٽي ٽوڙ فيسون

انويسٽيگشن رپورٽ ٽاپڪ قاسم آباد جا پرائيوٽ سينٽرز ۾ سرڪاري استاد ۽ ڳاٽي ٽوڙ فيسون سب ٽاپڪس ۽ گروپ ممبرن جا نالا قاسم آباد ۾خانگي سينٽرز ۽ سرڪاري استاد    ( عبدالسبحان جمالي) صحافين پاران ڪيل ڇند ڇاڻ ۽ انهن جا انٽرويوز    ( نبيل ابڙو) ٻهراڙي جي شاگردن پاران سينٽرز جي تعليم کي ترجيح جا ڪارڻ   ( ياسر سوڍر) داخلا ٽيسٽ جي تياري ۽ پاس ٿيندڙ شاگردن جو تعداد     (شير زمان کوسو) خانگي اڪيڊميز جي تعليم  (آنند ڪمار) 1.قاسم آباد ۾ خانگي سينٽرز ۽ سرڪاري استاد ـ                                       عبدالسبحان جمالي             قاسم آباد حيدرآباد جو دل يعني ڪاروباري مرڪز پڻ سڏيو وڃي ٿو،هي هڪ سنڌي آبادي جو وڏو علائقو به آهي ۽ ان سان گڏوگڏ تعليمي ادارن سان به سورشار آهي ان ...

روشني اخبار جا ڏھ سال 10 years of weekly Roshni

Image
روشني اخبار جا ڏھ سال 10 years of weekly Roshni سنڌ يونيورسٽي جي شعبي ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽيڊيز شاگردن کي صحافت جي عملي ڪم جي سکيا ڏيڻ لاءِ شعبي جي ان وقت جي سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر هربخش ماکيجاڻي طرفان هڪ  هفتيوار اخبار روشني جي نالي سان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو, جنهن کي عملي جامو آغا رفيق پارايو. هن سال روشني کي ڏهه سال پورا ٿي چڪا آهن ۽ اخبار جي شايع ٿيڻ جو سلسلو جاري ۽ ساري آهي، انهن ڏهن سالن ۾ اسان جي استاد سينيئر صحافي سهيل سانگي جو تمام اهم ڪردار رهيو آهي، هي اهو واحد ماڻهو آهي جيڪو ٽن ٻولين ۾ اخبار جي نگراني ڪري رهيو آهي، ان ڏهن سالن ۾ هن اخبار جي ٽيم هر سال مٽجندي رهي آهي، هن شعبي ۾ پڙهندڙ هر شاگرد ان مان فيضياب ٿي چڪو آهي. جڏھن به ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز شعبي ۾ نئون چيئرمين آيو آھي, ان روشني اخبار ۾ مثبت تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. روشني اخبار جي ويب سائيٽ شعبي جي اڳوڻي چيئرپرسن رضوانه چانگ جي دور ۾ ٺھي. جڏھن ته اخبار جي سرڪيوليشن شعبي جي موجوده چيئرپرسن ڊاڪٽر بدر سومري 500 مان وڌائي 100 ڪئي آھي. ھن اخبار جي خصوصيت ھي به آهي ته اخبار ٽن ...

Anand Kumar article

آرٽيڪل آنند ڪمار 2K15-MC-19 بي ايس سال ٽيون         ماحولياتي تبديليون ۽ اسان جي ذميواري ماحول جاندار لاءِ قدرت طرفان هڪ اهڙو انمول تحفو آهي جنهن جو متبادل ملڻ ناممڪن آهن، ماحول بنا انسان سميت ڪنهن به جاندار جي زندهه رهڻ جو تصور به نٿو ڪري سگھجي. اڄڪلهه انسان جي ڪجھ عملن جي ڪري ماحول ۾ تمام گھڻو بگاڙ اچي رهيو آهي جيڪو ماحولياتي تبديلين جي صورت ۾ اسان جي سامهون آهي، جن ۾ ماحول ۾ ڪاربان ڊاءِ آسڪائيڊ گئس ۾ واڌارو، سامونڊي ٻوڏون، گرمي پد ۾ مسلسل واڌ، ڪٿي برسات جو تمام گھڻو پوڻ ته ڪٿي وري بلڪل نه پوڻ شامل آهن، انهن ماحولياتي تبديلين جو سڌو سنئون ڪارڻ انسان پاران ٿيندڙ غير فطري عمل آهن. ٻيلن جي واڍي، هوائي گدلاڻ، پاڻي جي گدلاڻ، زميني گدلاڻ، ڏڪار ۽ قدرتي آفتون وغيره به ماحولياتي تبديلين جي ڪري پيش اينديون آهن. ملڪي آبادي وڌڻ سان گڏوگڏ اهي مسئلا به ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن پر حڪومت جو گھڻو ڌيان ملڪي معيشت ۽ دهشتگردي جي خاتمي ڏانهن هئڻ سبب هن ڌيان طلب مسئلي ڏانهن ڪنهن جي به نظر نٿي وڃي. جرمن واچ گلوبل ڪلائميٽ رسڪ انڊيڪس پاران جاري ڪيل هڪ ...

Nagarparkar feature- Anand Kumar

Image
فيچر: ننگرپارڪر آنند ڪمار 2k15-MC-19 بي ايس سال ٽيون ننگر پارڪر: تپندڙ ريگستان کان ساوڪ سان ڍڪيل وادي تائين لفظ ٿر ٻڌڻ شرط ذهن ۾ ڏڪار، بک ۽ بدحالي جو عڪس ٺهي ويندو آهي، جيئن هڪ سڪي جا ٻه پاسا هوندا آهن تيئن ئي ٿر به پورو سال ڏڪاريل ڏيهه ناهي رهندو. تپندڙ ريگستان کي تازين پيل برساتن هڪ نئين ڪنوار وانگي سنواري ڇڏيو آهي، اها ڪنوار جنهن جي خوبصورتي جي هاڪ ٻڌي سياح ۽ عام ماڻهو سوين ڪلوميٽر پنڌ ڪري هتي پڄندا آهن. ٿرپارڪر ضلعي جي هيڊڪوارٽر مٺي کان 129 ڪلوميٽر مفاصلي تي واقع هي ننڍڙو شهر پنهنجي اندر ۾ پراڻي تاريخ لڪايو ويٺل آهي، اها تاريخ جنهن تي اسان کي ڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هونءَ ته ضلعي جي هيڊڪوارٽر مٺي کان اڳ ۾ ئي ڀٽن جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو پر اهي ڀٽون ننگر جي ويجھو پڄڻ کان اڳ ئي غائب ٿيو وڃن ۽ پري کان هڪ جابلو سلسلو نظر ايندو آهي، جيڪو ڪارونجھر جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. انهي جابلو سلسلي کان پهريان ئي ننگرپارڪر جا حسين نظارا ڏسڻ لاءِ ملندا آهن، جن جي شروعات ننگرپارڪر کان پهريان ايندڙ گوڙي مندر سان ٿيندي آهي، جيڪو ويراواهه چيڪ پوسٽ کان ڪجھ 14 ميل اندر آهي، جنه...