Posts

Showing posts with the label Yasir Sodhar

قاسم آباد جا پرائيوٽ سينٽرز ۾ سرڪاري استاد ۽ ڳاٽي ٽوڙ فيسون

انويسٽيگشن رپورٽ ٽاپڪ قاسم آباد جا پرائيوٽ سينٽرز ۾ سرڪاري استاد ۽ ڳاٽي ٽوڙ فيسون سب ٽاپڪس ۽ گروپ ممبرن جا نالا قاسم آباد ۾خانگي سينٽرز ۽ سرڪاري استاد    ( عبدالسبحان جمالي) صحافين پاران ڪيل ڇند ڇاڻ ۽ انهن جا انٽرويوز    ( نبيل ابڙو) ٻهراڙي جي شاگردن پاران سينٽرز جي تعليم کي ترجيح جا ڪارڻ   ( ياسر سوڍر) داخلا ٽيسٽ جي تياري ۽ پاس ٿيندڙ شاگردن جو تعداد     (شير زمان کوسو) خانگي اڪيڊميز جي تعليم  (آنند ڪمار) 1.قاسم آباد ۾ خانگي سينٽرز ۽ سرڪاري استاد ـ                                       عبدالسبحان جمالي             قاسم آباد حيدرآباد جو دل يعني ڪاروباري مرڪز پڻ سڏيو وڃي ٿو،هي هڪ سنڌي آبادي جو وڏو علائقو به آهي ۽ ان سان گڏوگڏ تعليمي ادارن سان به سورشار آهي ان ...

Feature Yasir Sodhar - Hamal Lake - Sindhi

Image
ياسر سوڍر بي ايس پارٽ 3 رول نمبر 93 فيچر حمل ڍنڍ قدرت جا ڪيترائي حسين رنگ دنيا ۾ موجود آهن جيڪي ڏسڻ سان انسان جي وجود۾ هڪ عجيب سڪون ۽ ڪيفيت پيدا ٿيندي آهي، جنهن سان انسان جي من ۾ خوشي جي لهر پيدا ٿي ويندي آهي. انهن قدرتي شين ۾ هڪ الڳ ڪشش ڀريل هوندي آهي جنهن سان انسان ڪيترو به مايوس ڇو نه هجي ان کي ڪنهن حد تائين سڪون ملندو آهي. انهن شين جا مثال برفاني پوشاڪ ۾ ڍڪيل جبل، نديون، سمنڊ، درياھ ۽ قدرتي ڍنڍون ٿي سگھن ٿا. انهن ئي قدرتي شين ۾ سنڌ جي جابلو پٽي جنهن کي کيرٿر جبل جي نالي سان سڏيو ويندو آهي به هڪ آهي، کيرٿر جبل جو هڪ خوبصورت منظر جبلن مان نڪرندڙ پاڻي آهي جيڪو ندين ذريعي حمل ڍنڍ ۾ ڇوڙ ٿئي ٿو. حمل ڍنڍ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ موجود آهي، جيڪا قمبر شهر کان اٽڪل 40 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي، هن ڍنڍ جي ڊيگھتقريبن 24 ڪلوميٽر ٿيندي، ايراضي جي حساب کان ڏٺو وڃي ته حمل ڍنڍ ٽي هزار ايڪڙ زمين تي مشتمل آهي. هن ڍنڍ ۾ پاڻي کير ٿر جبل جي مختلف ٽڪرين جو سينو چيري  جبل جي مختلف قسمن جي ڇپن کي پاڻ سان گھليندو ننڍين ننڍين جھيلن ۽ ندين کان ٿيندو حمل ڍنڍ ۾ ڇوڙ ٿئي ٿو.حمل ڍنڍ جو نالو...

Yasir Sodhar -Interview with Waheed Akber Khaskheli

Image
To be checked ياسر سوڍر رول نمبر؛ 93 بي ايس پارٽ ٽيون انٽرويو وحيد اڪبر خاصخيلي وحيد اڪبر خاصخيلي پهرئين آگسٽ 1982ع ۾ تعلقي ميهڙ جي هڪ ننڍي شهر فريد آباد ۾ علي اڪبر خاصخيلي جي گهر ۾ جنم ورتو، هن شروعاتي تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ ٻارهين جماعت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ميهڙ مان پاس ڪئي، ان کانپوءِ هن تعليمي شهر ڄامشوري جو رک ڪيو جتي هو سنڌ يونيورسٽي جي شعبي سوشل ورڪ ۾ داخل ٿيو، جٿان هن بي.اي ۽ ايم اي سٺن نمبرن مان پاس ڪئي ۽ سلور ميڊل حاصل ڪيو. تنهن کانپوءِ هن مختلف NGOs ۾ ڪم ڪيو ۽ معاشري جي ترقي لاءِ جاکوڙ شروع ڪئي. وقت سان گڏو گڏ وحيد اڪبر خاصخيلي به پنهنجي محنت جاري رکي ۽ هو سنڌ يونيورسٽي جي شعبي سوشل ورڪ ۾ ريسرچ اسسٽنٽ مقرر ٿيو، ۽ ڪجھ وقت کانپوءِ هو فيڊرل اردو يونيورسٽي آف آرٽس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو جتي  ڪجھ وقت رهڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي جي شعبي سوشل ورڪ ۾ ليڪچرار طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. جنهن سان ڳالھ ٻولھ ڪجي ٿي. سوال : توهان جو سوشل ورڪ شعبي ۾ شوق ڪيئن پيدا ٿيو؟ جواب : جڏهن آئون ننڍو هيس ته اسان جي ڳوٺ ۾ بنيادي سهولت...