Anand Kumar article
آرٽيڪل آنند ڪمار 2K15-MC-19 بي ايس سال ٽيون ماحولياتي تبديليون ۽ اسان جي ذميواري ماحول جاندار لاءِ قدرت طرفان هڪ اهڙو انمول تحفو آهي جنهن جو متبادل ملڻ ناممڪن آهن، ماحول بنا انسان سميت ڪنهن به جاندار جي زندهه رهڻ جو تصور به نٿو ڪري سگھجي. اڄڪلهه انسان جي ڪجھ عملن جي ڪري ماحول ۾ تمام گھڻو بگاڙ اچي رهيو آهي جيڪو ماحولياتي تبديلين جي صورت ۾ اسان جي سامهون آهي، جن ۾ ماحول ۾ ڪاربان ڊاءِ آسڪائيڊ گئس ۾ واڌارو، سامونڊي ٻوڏون، گرمي پد ۾ مسلسل واڌ، ڪٿي برسات جو تمام گھڻو پوڻ ته ڪٿي وري بلڪل نه پوڻ شامل آهن، انهن ماحولياتي تبديلين جو سڌو سنئون ڪارڻ انسان پاران ٿيندڙ غير فطري عمل آهن. ٻيلن جي واڍي، هوائي گدلاڻ، پاڻي جي گدلاڻ، زميني گدلاڻ، ڏڪار ۽ قدرتي آفتون وغيره به ماحولياتي تبديلين جي ڪري پيش اينديون آهن. ملڪي آبادي وڌڻ سان گڏوگڏ اهي مسئلا به ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن پر حڪومت جو گھڻو ڌيان ملڪي معيشت ۽ دهشتگردي جي خاتمي ڏانهن هئڻ سبب هن ڌيان طلب مسئلي ڏانهن ڪنهن جي به نظر نٿي وڃي. جرمن واچ گلوبل ڪلائميٽ رسڪ انڊيڪس پاران جاري ڪيل هڪ ...