Shafqat Jarwar Not approved Profile
پروفائيل ۔۔۔۔۔۔۔ ذولفقار علي ڀٽي جو پراڻو ساٿي سردار حاجي محمد يوسف جروار۔۔ سڄي سنڌ م ھون ته انيڪ شخصيتون موجود آهن انهن مان بدين ضلعي تعلقي ماتلي جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ امن آباد م جنم وٺندڙ حاجي محمد يوسف جروار بي ھڪ آهي ۔ سردار صاحب جي پي جو نالو حاجي عبدالرحمان جروار ھو جنهن جون ٽوٽل 9 شاديون ھيون 8 شادين مان کيس اولاد نا ھيو تنھنڪري نائين شادي ڪئي ھئائين جنهن مان کيس اولاد ٿيو سندس پي جي زمين 4500 ايڪڙ تي مشتمل ھئي۔ سردار حاجي محمد يوسف جا 3 ڀائر ۽ 2 ڀينرون ھيون۔ سياست سان سندس وڏو چاھ رهيو انڪري ذولفقار علي ڀٽي سان تمام ويجهو ھيو ان دؤر م حاجي محمد يوسف جروار جا تمام گھڻن آفيسرن سان سٺا تعلقات پڻ رھيا ۔ سياسي ليڊرن م نواز شريف محترما بينظير ڀٽو جا خط ۽ تصويرون پڻ موجود آھن۔ قائم علي شاھ مخدوم امين فھيم نثار کوڙو سان پڻ سٺا تعلقات رھيا۔ جڏهن ته ريڊيو پاڪستان حيدر آباد جي ڊاريڪٽر نصير مرزا سردار حاجي محمد يوسف کان مھان شخصيت جي حوالي سان انٽرويو پڻ ڪيو ۔ حاجي صاحب جي عمر ھن وقت اٽڪل 90 سال جي لڳ ڀڳ آهي ۔ جڏ...