Investigation Report Ranjhani - Qasimabad
Akran Ranjhani, Muhammad Ali Junejo, Agha Noman, Saleem Lakho, Naseer Channa, سبجيڪيٽ: نيوز پيپر پراڊڪشن سر سهيل سانگي صاحب اسائنمينٽ: انويسٽيگيشن رپورٽنگ ٽاپڪ: ميونپسل ڪميٽي قاسم آباد جي ڪاروهنوارجي جاچ پڙتال انويسٽيگيشن رپورٽنگ گروپ: اڪرم رانجهاڻي، محمد علي جوڻيجو، آغا نعمان، سليم اختر لاکو ۽ نصير احمد چنا(ايم. اي. پريوويس. ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو) ميونسپل ڪاميٽي قاسم آباد ۾ مختلف ٽيڪسن جي مد ۾ سالياني لکين ۽ ڪروڙين روپين جي اوڳاڙي ٿيڻ باوجود حيدرآباد ضلعي جومک تعلقو قاسم آباد انفراسٽرڪچر، خوبصورتي توڙي ترقي واري معاملي ۾ اڃا تائين مڪمل طور سڌري نه سگهيو، صفائي سٿرائي، اشتهارن جي هولڊنگ بورڊ، شاپ بورڊ، پينافليڪس ۽ موبائيل وهيلڪز سميت ٻين ڪيترين ئي ڪمپنين جي بورڊن جي لڳائڻ، ڊولپمينٽ چارجز، راڻي باغ جي چڙيا گهر توڙي پارڪنگ چارجز، پيٽرول پمپ، سي اين جي پمپ، گئس، بجلي، جنريٽر ۽ ٻئي مشينري نصب ڪرڻ سوڌو ٻين مختلف مدن جي ٽيڪسن جي ٿيندڙ اوڳاڙي ۾ مبينا ڪرپشن ٿيڻ لڳي، جڏهن ته ٽيڪسن جي اوڳاڙي واري لکين ۽ ڪروڙين روپين جي رقم جو استعمال سواليا نشان بڻج...