Profile of Dr Aftab Memon by Tahir Hussain Maka
طاهر حسين ماڪا ايم اي پريويس رول نمبر 55 پروفائيل ڊاڪٽر آفتاب احمد ميمڻ ڊاڪٽر آفتاب احمد ميمڻ غريبن جو رحمدل ۽ مريضن جي لاءِ همدرد ۽ شفا ڏيندڙ انسان آهي، هي اهو انسان آهي جيڪو روزانو ڪيترن ئي مريضن جو مفت علاج ڪندو آهي،هي نه صرف پنهنجي فيس معاف ڪندو آهي بلڪه ان سان گڏوگڏ انهن کي دوا به مفت ڏيندو آهي. ڊاڪٽر آفتاب احمد جي پيدائش 1967ع ڳڙهي ياسين شهر ۾ عبدالحڪيم جي گهر۾ ٿي، هي پنهنجي والد کي اڪيلو پٽ آهي، هن جي والد جي خواهش هئي ته هي ڊاڪٽر ٿئي ان ڪري هن کي وڏي شوق سان پڙهايو، ڊاڪٽر صاحب پنهنجي شروعاتي تعليم جا 8 درجا ڳڙهي ياسين مان حاصل ڪيا، تنهن کانپوءِ ميٽرڪ قاضي حبيب الله اسڪول شڪارپور مان ڪيائين،انٽرميڊيٽ جي ڊگري ( C&S ) ڊگري ڪاليج شڪارپور مان حاصل ڪيائين، 1985ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ورتي، 1992ع ۾ ايم بي بي ايس جي ڊگري مڪمل ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب 1993ع ۾ لکي غلام شاهه جي سول اسپتال ۾ ڊاڪٽر ٿي آيو، 1997ع ۾ لکي غلام شاهه شهر ۾ ڪلينڪ به کولي، 2000ع ۾ تعلقه ڳڙهي ياسين جي مرزاپور شهر ۾ بدلي ٿي، ڊاڪٽر پنهنجي زندگي جا 10 سال مرزاپور ۾ غريبن جي مدد ڪئي، 20...