sanjha syed - feature
Corrected سانجها سيد بي ايس پارٽ ٽيون 2k15-Mc-77 مائي خيري واري مسجد مائي خيري جي مسجد حيدرآباد شھر جي موجود فقير جي پڙ واري علائقي ۾ آھي. هن مسجد کي تعمير ڪرائيندڙ خيرالنسا ٽالپر عرف مائي خيري هئي, جيڪا مير صوبدار خان ٽالپر جي گهرواري ۽ ٽالپر گهراڻي جي پهرين چوياري جي چئن حڪمرانن, مير فتح علي خان ٽالپر, مير غلام علي خان ٽالپر, مير ڪرم علي خان ٽالپر ۽ مير مراد علي خان ٽالپر جي ماءُ هئي. مائي خيرالنسا پنهنجي نالي سان گهڻيون ئي مسجدون, مدرسا تعمير ڪرايا سندس انهن خير جي ڪمن جي ڪري کيس 'مائي خيري' سڏيو ويندو ھو فقير جي پڙ ۾ ميان فقير محمد جوڻيجي جي پڙ (امام بارگاھ) جي ڀرسان هي عاليشان مسجد آهي ان جي تعمير 27 شعبان 1205ھ / پهرين مئي 1791ع ۾ مڪمل ٿي.اسان جڏھن فقير جي پڙ واري علائقي ۾ پھتا سين اتي ماڻھن جا ھجوم ڏسڻ ۾ آيا اصل ميلي جو سمان ھو ماڻھن جي ميڙ مان گذري مسجد آڏو پھتا سين عاليشان مسجد ڏسي ذھن ماضي طرف موٽ کاڌي اتي موجود ھڪ بزرگ نالي محمد بخش ٻڌايو ت تنهن وقت ۾ جمعي جي نماز ۽ عيد واريون نمازون ٽالپر امير ھن...