Siraj Bhagat Interview
انٽرويو: محمد بلال شيخ سراج الحق 2K15/MC/121 بي ايس سال ٽيون وقت جي گھرجن موجب نوجوانن کي ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۾ مهارت حاصل ڪرڻ گھرجي: محمد بلال شيخ محمد بلال شيخ پهرين جنوري1981ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو، پرائمري کان ميٽرڪ تائين جي تعليم سن رائيز انگلش گرامر اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪرڻ بعد انٽر ميمڻ اڪيڊمي شهدادپور مان ڪيائين، جنهن بعد ڪمپيوٽر سائنس جي ڊگري فاسٽ يونيورسٽي ڪراچي مان مڪمل ڪئي، گريجوئيشن ڪرڻ بعد ايم فل ڪرڻ لاءِ آءِ بي اي سکر جو رخ ڪيو، هينئر سنڌ يونيورسٽي جي شعبي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ ليڪچرر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، ان سان گڏوگڏ پي ايڇ ڊي لاءِ هيڪ جي طرفان هنگري (يورپ) جي اسڪالرشپ پڻ حاصل ڪئي آهي. سوال: ڪمپيوٽر واري شعبي ۾ ذاتي دلچسپي هئي يا اتفاقي طور تي اچي ويا آهيو؟ جواب: منهنجو شوق اليڪٽرانڪس ڏانهن هو، مهراڻ يونيورسٽي ۾ پڙهائي دوران اتي جي هڪ پروفيسر ڪمپيوٽر سائنس شعبي سان متعارف ڪرائي ان جي اهميت بابت ٻڌايو، جنهن کانپوءِ مون پنهنجو سڄو ڌيان ان ڏانهن لڳائي ڇڏيو، فاسٽ يونيورسٽي ڪراچي ۾ ڪمپيوٽر سائنس ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران کوڙ...