ميڊيا جي فيلڊ ڏانهن وڌندڙ رجحان
آرٽيڪل ميڊيا جي فيلڊ ڏانهن وڌندڙ روجهان نالو عبدلسبحان جمالي 2k15/MC/05 B.SIII تعليم اها شئي آهي جنهن جي نه هجڻ سان ڪئي قومون تباھ ٿيندي پڻ ڏٺا ويا.تعليم انسان جي ٽئين اک سڏبو آهي. تعليم جي بغير ڪنهن قوم جي ترقي ممڪن نه آهي بلڪه تعليم نه هجڻ ڪري تباهي آهي. تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڄڪلھ مختلف شعبا اسان جي تعليمي ادارن ۾ آهن جيڪي جديد تعليم جي صف ۾ اچن ٿا. اهڙو ئي جديد ۽ نئون شعبو جيڪي نه صرف پاڪستان پر دنيا جي سڀني ملڪن ۾ پنهجي شهريت ۽ قابليت سان دنيا ۾ ڌهوم مچائي ڏني آهي ها اها صرف ميڊيا جي فيلد آهي ها ان سان گڏوگڏ ٻيا به ڪئي ڊپارٽمنٽس آهن پر ميڊيا اڄڪلھ دنيا جي وسيح فيلڊن ۾ شمار ٿيندي صاف نظر اچي رهي آهي. انهي ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ميڊيا هن وقت اسان جي معاشري ۾ وڏي ڪردار ادا ڪري رهي آهي.پر ميڊيا کي نه صرف پاڪستان جي اندر پر دنيا سڄي ۾ مان حاصل آهي اهو ئي سبب آهي ته اڄڪلھ جو هي نوجوان پنهنجي معاشري جي برو ڀلو ڏسي هن فيلڊ ڏانهن وڌيڪ لاڙو رکن ٿا ڇاڪاڻ ته ميڊيا ئي آهي جيڪا هن وقت هر مظلوم،مسڪين ۽ هر ...