Interview by Irfan Gabol
عرفان گبول ايم. اي پريويس، ايم ايم سي. رول # 20 انٽرويو اديب ۽ شاعر وسيم گبول کان انٽرويو سوال: اوهان جو تعارف؟ جواب: منهنجو پورو نالو وسيم گبول آهي، آئون 1983ع ڌاري گهوٽڪي ضلعي جي تعلقي ميرپورماٿيلي ڀرسان ڳوٺ مير خان گبول ۾ محمد صالح گبول جي گهر جنم ورتو، مون ابتدائي پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي، ان کانسواءِ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جروار مان پڻ حاصل ڪيم، ان کان بعد انٽرميڊيٽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ميرپورماٿيلو ۾ پڙهي، جڏهن ته وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آئون شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس ۾ داخلا ورتي، جتان ايم اي سوشالاجي ۽ ايم اي سنڌي وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي ورتي. سوال: توهان ادبي دنيا ۾ ڪڏهن کان پير پاتو؟ جواب: جڏهن کان سمجهه ڀريا ٿياسين، تڏهن کان ادب سان تعلق ڳنڍيو آهي، ننڍپڻ کان ئي منهنجو ادب سان چاهه رهيو آهي، ان کانسواءِ شروع کان منهنجي دوستن جو حلقو به ادب جي دنيا سان سلهاڙيل رهيو، جنهن ڪري ادبي دوستن سان گڏجي زندگي جا ڏينهن گذارڻ دوران به ادب سان واسطو گهرو ٿيندو ويو. سوال: اوهان ادب جي دنيا ۾ شاعري کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ جواب: ادب جي ...