Tahir Maka Feature
Observe proper paragraphs
Do not start feature like this. see notes
Feature is always reporting based. This is not so
U sent feature after deadline..
فيچر
طاهر حسين ماڪا
ايم اي پرويس رول
نمبر 2k17 MMC- 55
سکر شهر جي نئين سونهن شهيد بينظير ڀٽو پارڪ
سکر شهر پنهنجي تاريخي
حيثيت سان گهڻو مشهور آهي، سنڌ جو ٽيون نمبر وڏو شهر لکيو ويندو آهي، هتان جا
ماڻهو پڙهيل لکيل ۽ ڪاروباري آهن، ڇو ته سکر اهڙي جڳهه تي واقع آهي جيڪو وچ مرڪز
سڏايو ويندو آهي، سکر شهر ۾ ڪيتريون ئي تاريخي جايون آهن، جيڪو سکر اچي اهو سکر
بئراج نه گهمي ته ان جو سکر اچڻ بيڪار آهي، معصوم شاهه جو منارو به ڪنهن کان گهٽ
ناهي، ان کان علاوه لب مهراڻ جيڪو سنڌو جي ڪناري تي واقع آهي اهوپڻ سکر جي
خوبصورتي کي چار چنڊ لڳائي رهيو آهي، ان کان علاوه ايوب پل به ڏسڻ وٽان آهي، اها
ڳالهه اتي ختم نه ٿيندي آهي، سکر ۾لئنسڊائون پل به پنهنجو مٽ پاڻ آهي، تعليم جي
حوالي سان سکر جي آءِ بي اي ڪاليج به ڪنهن تعليمي اداري کان گهٽ ناهي، آءِ اي بي ۾
سنڌ جا شاگرد ايندا آهن، ڏٺو وڃي ته سمور سنڌ جي شاگردن جي خواهش هوندي ته آءِ بي
اي سکر ۾ پڙهو، ان کان علاوه غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج به پنهنجو مٽ پاڻ آهي، ان
۾ به ڪيترائي شاگرد پڙهن ٿا،جڏهن شام ٿيندي آهي سکر جي سنڌو ڪناري سج لهڻ وارو
منظر ڏسڻ وٽان هوندو آهي،هتي ڳالهه ڪجي ته سکر جي سونهن سکر واسين کان علاوه ان جي
آسپاس وارن علائقي وارن جي پسنديده جڳهه سکر جو شهيد بينظير ڀٽو فيملي پارڪ آهي،سکر
۾ فيملي پارڪ اهو هڪ آهي، هن فيملي پارڪ جي ٽڪيٽ مخصوص ٿيل آهي،هي فيملي پارڪ
2014ع ۾ ٺهي راس ٿيو، هي پارڪ سکر هاءِ ڪورٽ جي ڀرسان واقع آهي، بئراج روڊ پڻ جي
ڀرسان گذرندو آهي، هتي هر قسم جا جهولا جيڪي ٻارن جي توجهه جو مرڪز بڻيل هوندا
آهن، کائڻ پيئڻ جي حوالي سان ان فيملي پارڪ ۾ هر قسم جا کاڌا پڻ موجود آهن،
هڪ
فيملي پارڪ مٿان جهولا آئس ڪريم نه هجي ته مزو ئي نه اچي، ڇا ڳالهه ڪجي شهيد بينظير
ڀٽو فيملي پارڪ جي آئس ڪريم جي، هن پارڪ ۾ سيڪيورٽي جا پڻ سخت انتظاميا ڪيا ويا
آهن، هتي جي سيڪيورٽي لاءِ ليڊي پوليس اهلڪار پڻ موجود هونديون آهن، سيڪيورٽي جي
ڪري هتي اچڻ ۽ وڃڻ ۾ ڪنهن کي به ڪنهن به قسم جي پريشاني نه ٿيندي آهي، هڪ فيملي
پارڪ آهي، جهولن، کائڻ پيئڻ کان علاوه هن پارڪ ۾ هرقسم جا گل، ساوڪ ئي ساوڪ جيڪا
دل کي وڻندڙ هوندي آهي، هن پارڪ ۾ صبح جو هتان جا رهواسي ۽ شاگرد ورزش ڪرڻ پڻ
ايندا آهن ته وري شام جو واڪ پڻ ڪيو ويندو آهي، سيارو هجي يا اونهارو هن پارڪ ۾ رش
لڳل هوندي آهي، شهيد بينظير ڀٽو فيملي پارڪ ۾ ساوڪ ۽ هرقسم جي گلن جون قطارون تمام
وڻندڙ آهن، جيڪي پڻ ڏسڻ وٽان آهن، جيڪي طرح طرح جي قسمن جي خوشبو سان هن پارڪ کي
چار چنڊ لڳائي رهيا هوندا آهن، ساون وڻن ۾ رنگ برنگي بلبن جون قطارون پڻ ڏسڻ وٽان آهن ۽ شام جو انهن وڻن تي مختلف قسم
جا پکي ويهي طرح طرح جون ٻوليون ٻولين ٿا، جيڪي گهمندڙن کي تمام گهڻيون پسند آهن،
هن فيملي ۾ پارڪ ۾ هڪ محفوظ ۽ تمام وڏي
پارڪنگ ايريا پڻ موجود آهي، هن فيملي پارڪ ۾ عام ڏينهن تي رش هوندي آهي پر ڪنهن
خاص ڏينهن جهڙوڪ عيدون، جشن آزادي وارن ڏينهن سکر پر سکر جي ڀرپاسي وارا ماڻهو پڻ
پنهنجي ٻارن سان گڏجي ايندا آهن، اهڙن ڏينهن ۾ هن فيملي پارڪ ۾ پير رکڻ جي به جاءِ
نه هوندي آهي، هن پارڪ ۾ گهمڻ لاءِ هڪ فيملي کان پڇيو ويو ته توهان ڪٿان کان آيا
آهيو ته هنن جو چوڻ هو ته اسان شڪارپور کان آيا آهيو ڇو ته شڪارپور ۾ ڪو به فيملي
پارڪ نه آهي، سکر شهر جي هڪ فيملي کان پڇيوسين ته هنن جو چوڻ هو ته سڄو سکر هڪ
پاسي هي پارڪ هڪ پاسي، ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته هي پارڪ اڳتي هلي سکر جي سڃاڻپ
ٿي ويندو، سکر واسين جو چوڻ آهي ته هن پارڪ کي اڃا به وڌيڪ ايراضي ڏئي وڏئي پئماني
تي وڌايو وڃي ته جيئن اڃا به وڌيڪ بهتر ٿي پوي،
Comments
Post a Comment