Sanjha Profile

Sanjha syed
Bs part - 3
2k15-MC-77
Profile
                        
: موجود دور جي مشهور شاعر, ليکڪ ۽ دانشور علي آڪاش جي زندگي بابت 

علي آڪاش موجوده دور ۾ نوجوان نسل جي نمائيندگي ڪندڙ شاعر ۽ ليکڪ آھي, ادبي ميدان ۾ سندس خدمتون
سارائيڻ جوڳيون آھن, هي قمبر شهر جي گوپانگ محلي ۾،15 اپريل  1975ع ۾، شهر جي نامياري اوستي استاد جان محمد گوپانگ جي گهر ۾ پيدا ٿيا. سندن ڇٽيءَ تي  مٿن ڏاڏي جو نالو صاحب خان رکيو ويو. ڏاڏيءَ هن کي ان نالي سان سڏڻ بدران ”معشوق“ سڏيندي هئي، جيڪو پوء سڀ سڏڻ لڳا.
تعليم جي لحاظ کان هنن ابتدائي تعليم پهرين کان ٻارهين تائين قمبر علي خان ۾ حاصل ڪئي, ان کان پو بي اي شاه لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڪئي, ايم اي اردو ادب ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1998ع ۾ ڪئي ۽ ان کان سواءِ 2007ع ۾ ايم اي سوشلاجيءَ ۾ خيرپور يونيورسٽيءَ مان ڪئي.
علي آڪاش جو چوڻ آھي ت ننڍي ڄمار ۾ مون ڪرڪيٽ جام رهي جوانيءَ تائين آئون ڪرڪيٽ کي چنبڙيل رهيس ۽ گڏوگڏ ڪتاب به پڙهندو آيس ۽ شاعري ڪندو آيس, اڳتي هلي ڪرڪيٽ ۽ ڪتابن مان منهنجي چونڊ ڪتاب رهيا، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ڪرڪيٽ جو ڪوبه مستقبل نه هو. مون کي اندازو آهي ته جيڪڏهن سنڌ جي پنهنجي ڪا ٽيم هجي ها ۽ موقعا هجن ها ته مون ۾ اعليٰ پايي جي ڪرڪيٽ رهڻ جون صلاحيتون هيون. دلچسپ ڳالهه هيءَ آهي ته اڄ به مون کي پنهنجي شهر ۾ گهڻا ماڻهو هڪ شاعر ۽ ليکڪ کان وڌيڪ هڪ ڪرڪيٽر طور سڃاڻين ٿا, عاي آڪاش گڏو گڏ سي ايس ايس جي امتحان جي تياري شروع ڪئي. ۽ پنهنجي انگريزي وڌيڪ امپروو ڪرڻ  لاءِ ڪراچيءَ جي پاڪ امريڪن ڪوچنگ سينٽر ۾ داخلا ورتي، جتي ڇهه مهينا پڙهيا, اتان واپسيءَ تي،پنهنجيءَ پڙهائيءَ تي گهڻو ڌيان ڏنو. پر امڙ جي دل جي دوري ڪارڻ گذاري وڃڻ کان پوءِ هنن ۾ جيڪو خالي پڻو ٿيو هو، ان سندن زندگيءَ مان پڙھڻ تان دلچسپي ختم ڪري ڇڏي هئي.
انهيءَ واقعي کان پوء   هنن ڪُليءَ طرح شاعريءَ ۾ پناه ورتي, هنن شاعريءَ جي شروعات پنجين جماعت کان وٺي ڪئي هئي ۽ اٺين درجي تائين پهچندي  گهڻو اڳتي نڪري چڪا هئا, هنن جو چوڻ آهي ت شاعريءَ جي صلاحيت جهڙوڪ ڄائي ڄم کان هئي. ٿورڙي هوش سنڀالڻ کان پوءِ ان جي شروعات ٿي.
  سندنءَ شاعريءَ فطرت ۽ ڪيفيتن جو ميلاپ آهي. شاعرن مان ڪيٽس، شيلي، بائرن، ايليٽ جون چونڊ شيون پڙهيون آهن ۽ مختلف وقتن تي انهن جي شاعريءَ جا ترجما ڪري ڇپايا به آهن.  سندن پهريون ڪتاب"ڪاڪ  ڪناري شام"(غزلن جو مجموعو) جيڪو 1998 ۾ ڇپيو, سندن ٻيو ڪتاب "شاعري جي بچاءُ ۾"(شاعري بابت مضمون) جيڪو 2017 ۾ ڇپيو ۽ سندن ٽيون ڪتاب "هيئنڙو اوٺي وڳ جئن"(نظمن جو مجمعو) جيڪو 2017 ۾ ڇپيو.
علي آڪاش شاه سائين ۽ محمد تاج جويي صاحب مان متاثر آهن,
انسان جي زندگي ۾ گهڻا ئي اهڙا موڙ ايندا آهن ڪي پوزيٽيو اثر ڇڏيندا آهن ت ڪي نيگيٽيو, سندن ماءُ جي وڇوڙي  ذهني صدمو رسايو ان واقعي کان پو ڪا ب مشڪل, مشڪل ناهي لڳندي 
علي آڪاش ماءُ جي وڇوڙي تي ھڪ شعر ب لکيو:  
محبوب, ماءُ ۽ مقصد ٽيئي ن زندگي ۾
آڪاش هاڻي ڪهڙو جئيڻ سندو حوالو.
علي آڪاش جن جو  واندڪائي جو وقت ادبي گڏجاڻين ۽ ادبي فنڪشنن ۾ گذري ٿو. علي آڪاش هن وقت انگريزي شاعري جي ڪتابن جي ترجمي ڪرڻ ۽ ايڊيٽينگ ڪرڻ ۾ مصروف آھن

Comments

Post a Comment

Popular posts from this blog

Yousuf Laghari Profile by Nimra

Aqeel Ahmed Soomro

TWO OLD GOVERNMENT SCHOOLS OF HYDERABAD CITY