Siraj Bhagat Interview



 انٽرويو: محمد بلال شيخ
سراج الحق
2K15/MC/121
بي ايس سال ٽيون
وقت جي گھرجن موجب نوجوانن کي ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۾ مهارت حاصل ڪرڻ گھرجي:  محمد بلال شيخ
محمد بلال شيخ پهرين جنوري1981ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو، پرائمري کان ميٽرڪ تائين جي تعليم سن رائيز انگلش گرامر اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪرڻ بعد انٽر ميمڻ اڪيڊمي شهدادپور مان ڪيائين، جنهن بعد ڪمپيوٽر سائنس جي ڊگري فاسٽ يونيورسٽي ڪراچي مان مڪمل ڪئي، گريجوئيشن ڪرڻ بعد ايم فل ڪرڻ لاءِ آءِ بي اي سکر جو رخ ڪيو، هينئر سنڌ يونيورسٽي جي شعبي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ ليڪچرر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، ان سان گڏوگڏ پي ايڇ ڊي لاءِ هيڪ جي طرفان هنگري (يورپ) جي اسڪالرشپ پڻ حاصل ڪئي آهي.
سوال: ڪمپيوٽر واري شعبي ۾ ذاتي دلچسپي هئي يا اتفاقي طور تي اچي ويا آهيو؟
جواب: منهنجو شوق اليڪٽرانڪس ڏانهن هو، مهراڻ يونيورسٽي ۾ پڙهائي دوران اتي جي هڪ پروفيسر ڪمپيوٽر سائنس شعبي سان متعارف ڪرائي ان جي اهميت بابت ٻڌايو، جنهن کانپوءِ مون پنهنجو سڄو ڌيان ان ڏانهن لڳائي ڇڏيو، فاسٽ يونيورسٽي ڪراچي ۾ ڪمپيوٽر سائنس ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران کوڙ سارا مقابلا کٽيا.
سوال: پڙهائڻ کان علاوه يونيورسٽي طرفان ٻيون به ذميواريون ڏنل آهن، وقت کي ڪيئن مينيج ڪندا آهيو؟
جواب: ليڪچرر کان علاوه يونيورسٽي ۾ مينيجر ريسرچ آپريشن به آهيان، يونيورسٽي ۾ ريسرچ جي حوالي سان ٿيندڙ سموري ڪم جي ذميواري ڏنل آهي انهي سميت شعبي جي رزلٽ ٺاهڻ جو ڪم به سنڀاليندو آهيان، جڏهن وقت کي استعمال جي ڳالهه ايندي آهي ته آئون هر ڏينهن کي پهريان کان ئي پلان ڪري رکندو آهيان ته هڪ ڏينهن ۾ ڪهڙو ۽ ڪيترو ڪم ڪرڻو آهي، ظاهر آهي ايڏي ڪم کي سنڀالڻ ڪا آسان ڳالهه ناهي پر ماڻهو جڏهن پاڻ ۾ اعتماد پيدا ڪري ڪو ڪم ڪرڻ جو سوچي وٺندو آهي ته پوءِ اهو ڪم ايترو گھڻو مشڪل ناهي رهندو.
سوال: ٽيڪنالاجي خاص ڪري ڪمپيوٽر ۾ اسان جو نوجوان پٺتي پيل آهي، ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟
جواب: ٻين ملڪن ۾ شاگردن کي اسڪول کان وٺي ڪمپيوٽر جي تعليم ڏئي کين بنيادي شيون سيکاريون وينديون آهي پر اسان وٽ ان جي ابتڙ ڪم ٿي رهيو آهي، اسڪولن ۾ ڪمپيوٽر جي تعليم نه ڏيڻ سبب اسان جا شاگرد ڪمپيوٽر کان اڻواقف آهن،  سهولتن جي کوٽ سبب شاگرد ٽيڪنالاجي مان ڀرپور فائدو حاصل ناهن ڪري سگھيا جنهن سبب اهي هر ميدان ۾ ڪمپيوٽر جي ڪري پٺتي بيٺل هوندو آهي، ٻيو وري اسان جي سماج ۾ ڊاڪٽر يا انجنيئر ٿيڻ جو جيڪو جن سوار آهي تنهن سبب ان اهم شعبي ڏانهن ڪير ڌيان ئي نٿو ڏئي. دنيا ۾ اڄڪلهه سمورو ڪم ٽيڪنالاجي جي ذريعي ٿي رهيو آهي پر اسان وٽ گورنمينٽ طرفان نوڪريون نه هئڻ سبب به نوجوان انهي طرف ڌيان نٿا ڏين.
سوال: انفارميشن ٽيڪناليجي جي ڊگري وٺندڙ نوجواجن جو مستقبل ڇا آهي؟ 
جواب:  هي ايڪويهين صدي جو زمانو آهي، هينئر جيڪڏهن توهان وٽ آءِ ٽي جي ڊگري آهي ته توهان وٽ هن کان وڏي ٻي ڪا نعمت نٿي ٿي سگھي، توهان کي آءِ ٽي جي ڄاڻ آهي ته هر ملڪ کي توهان جي ضرورت آهي، پاڪستان کي به هينئر آءِ ٽي جي ڄاڻ واري نوجوانن جي تمام گھڻي ضرورت آهي جيئن تعليم، صحت، يونيورسٽي ۽ بئنڪنگ سميت هر شعبي ۾ ڪمپيوٽر جو ڪم تمام اهم هوندو آهي.
سوال: ڇا ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جا نوجوانن تي ناڪاري اثر ٿي سگھن ٿا؟
جواب: ان ڳالهه کان بلڪل انڪار نٿو ڪري سگھجي ته ٽيڪنالاجي جا ناڪري اثر آهن پر جڏهن اسين انهن ناڪاري اثرن کي اهميت ڏينداسين ته اسان ترقي نه ڪري سگهنداسين، اسان کي انهن ناڪاري اثرن جي ڊپ کان ٻاهر نڪري ڪري ٽيڪنالاجي جو وڌ کان وڌ فائدو وٺڻ گھرجي.
سوال: دهشتگرد ۽ انتهاپسند انفارميشن ٽيڪنالاجي جو سهارو وٺي رهيا آهن، انهي شئي کي ڪيئن ٿو روڪي سگھجي؟
جواب: ٽيڪنالاجي جو سٺو استعمال به آهي ته خراب استعمال به آهي پر انهي ڪم جي روڪٿام جي ذميواري گورنمينٽ جي آهي ته اها هر شئي کي ڏسي ته اسان جا نوجوان ڇا ڏسي رهيا آهن، ڇا ڪري رهيا آهن ته جيئن انهن کي ڪنهن ناڪاري اثرن مان ٻاهر ڪڍي سگھجي، اسان جا ادارا انهي شئي تي ڪم ڪري به رهيا آهن.
سوال: ڪمپيوٽر ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شاگردن کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيندو؟
جواب: وقت سان گڏوگڏ ڪمپيٽر ٽيڪنالاجي ۾ ارتقا ايندي رهي آهي، شاگردن کي گھرجي ته هو هر نئين شئي سکن پهريان نوڪيا ۽ بليڪ بيري موبائيل هوندا هئا پر هاڻي انڊرائيڊ جو رجحان وڌندو پيو وڃي، چوڻ جي ڳالهه ته شاگردن کي اپڊيٽ رهڻ تما ضروري آهي، توهان آءِ ٽي جا شاگرد ٿي ڪري نين شين کان واقف ناهيو ته توهان جي ڄاڻ مڪمل ناهي. 

Comments

Popular posts from this blog

TWO OLD GOVERNMENT SCHOOLS OF HYDERABAD CITY

Aqeel Ahmed Soomro

مسرت ٹالپر: فیچر تاریخی مسجد بھوڈیسر- Musrat Talpur