Sanjha Syed Interview of Hameed Sindhi

Sanjha Syed
Bs part 3
Roll no 77
Interview

سنڌ جي نامياري اديب, ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار سان ڪيل  ڳالھ ٻولھ
تعليمي ماهر حميد سنڌي جن جي پي جو نالو محمد اسماعيل ميمڻ ھو, پاڻ 12 آڪٽوبر 1939ع ۾ نوشھروفيروز ۾ پيدا ٿيا. والد صاحب روينيو ۾ مختيارڪار جي عهدي تي فائز هئا, جنهن جي ڪري هڪ تعلقي کان ٻي تعلقي بدلي ٿيندي رهندي هئي, ان ڪري سائين جن پرائمري تعليم جوهي ۾ حاصل ڪئي۽ ڇهين کان ٻارهين ڪلاس تائين حيدرآباد شهر ۾ پڙهيا. ان کان پو 1960ع ۾ بي اي ايڪنامڪس ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڪيو ۽ 1963ع ۾ ايم اي ايڪنامڪس ۾ ڪيو انهي سان گڏوگڏ ايل ايل بي ڪاليج حيدرآباد مان ڪئي. 
  
توهان پنهنجي ڪئرير جو آغاز ڪڏهن ۽ ڪٿان ڪيو
تعليم ختم ڪرڻ کانپو پهريان ت 1960ع ۾ پبليسٽي آفيسر رهيس, پو وري1970ع سنڌ يونيورسٽي ۾ ريجيسٽرار, ايڊيشنل ڊائيريڪٽر, ايڊيشنل ڪنٽرولر, ڊپٽي ڪنٽرولر, اسسٽينٽ ڪنٽرولر ۽ ايڊمينسٽريٽيو آفيسر رهيس.   انهي کان پو وري مان هليو آيس هتي پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾, 1978  پبلڪ اسڪول ۾ پرنسيپل طور رهيس, انهي کان پو شاه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جو 1991 تائين وائيس چانسلر ٿي رهيس, ڪجھ ئي سالن ۾ سنڌي لينگويئج اٿارٽي ۾ چئيرمين جي حيثيت سان رهيس ۽ 1998 ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ڄامشورو ۾ چيئرمين جي حيثيت سان ريٽائيرڊ ٿيس. اهو سڄو هو منهنجو  جوب ڪئرير.     

 لکڻ جي شروعات ڪئين ٿي؟
 سچ ٻڌايان مان جڏهن اڃا اسڪول ۾ هيس چوٿين يا پنجين ڪلاس ۾ پڙهندو هيس تڏهن دهلي مان کهلونا رسالو نڪرندو هو ان ۾ لکندو هيس ۽ جڏهن مئٽرڪ ۾ آيس ت باقائده ماهوار رسالو نڪرندو هو"روح رهاڻ" ۽ سهڻي ان ۾ لکڻ جي باقائده رفتار پڪڙي ۽ 1958ع ۾ منهنجو  پهريون ڪتاب چپيو, ڇوڪرا هئاسين انٽر ۾ پڙهندا هئاسين, 1960۾ باقائده ھڪ رسالو ب ڪڍيو.  پو وڏو داستان آهي ت ڪئين روح رهاڻ نڪري ٿو ۽ ڪئين ادبي زندگي جو خاڪو ٺھيو. پو مان ڪتاب ب لکيا"اُداس واڌيون" ۽ "راڻا جي رجپوت" هاڻي ت هڪ نئون ڪتاب آيو آهي جيڪو ادبي بورڊ ڇپيو آهي "ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون" جيڪو هيئر ئي مهراڻ ۾ ڇپيو آهي جيڪو سليڪٽيڊ شارٽ اسٽوريس جو آهي ۽ ان کانپو وري اينٿالاجي وغيره بابت ب لکيو آهي. پهرين جيڪو هلندو هو اهو ڪلاسڪ ليٽريچر هو ۽ جيڪو هاڻي آيو آھي اهو ماڊرن ليٽريچر آهي, هڪڙو ت هوندو آهي "ادب برائي ادب"  ۽ ٻيو وري آهي  "ادب برائي زندگي" جيڪو هوندو آهي زندگي لاء سماج لاء, انهي کانپو شيخ اياز , فراز ۽ ٻين کي مون انٽروڊيوس ڪرايو.

 ڪهڙي ڪهڙي موضوع تي لکيو اٿو
منهنجي لکڻ جو محور سنڌ رهي آهي, سماج ۾ ٿيندڙ سڀني نا انصافين لا نشاندهي ڪرڻ رهي آهي, منهنجون ڪهاڻيون گهڻي ڀاڳي سچيون آهن مون جيڪو ڪجھ ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي اهو ئي لکيو آهي.

گهڻا ڪتاب لکيا اٿو ۽ گهڻا ڇپيل آهن
باباهاڻي صحيح تعداد ت ياد ناهي پر پنجويھ کن لکيا اٿم جن مان 2 لينگويئج اٿارٽي وارن وٽ آهن اڃا تائين ڇپيا ڪونهن. 

 سنڌي ادب ۽ شاعري  بين القوامي ادب ۽ شاعري ۾ ڪٿي بيٺل آهي؟
منهنجو عالمي ادب جو گهرو مطالعو ناهي. مون روسي ادب ڪنهن زماني ۾ جام پڙهيو هو، جنهن منهنجي زندگيءَ ڏانهن رويي کي هاڪاري بڻائڻ، مون ۾ طبقاتي شعور جاڳائڻ ۽ پيڙهيل ۽ مظلوم طبقن لاءِ همدردي اڀارڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. ان کان سواءِ، شاعريءَ ۾ مون شيڪسپيئر جا ڪجهه ڊراما پڙهيا آهن. شاعرن مان ڪيٽس، شيلي، بائرن، ايليٽ جون چونڊ شيون پڙهيون آهن ۽ مختلف وقتن تي انهن جي شاعريءَ جا ترجما ڪري ڇپايا به آهن. ان کان سواءِ، چين، جاپان توڻي اساسي هندستاني شاعريءَ مان ڪي شيون مون انگريزي ترجمي ۾ مون پڙهي آهي. ان هوندي به، منهنجو مطالعو عالمي ادب جي ڏس ۾ ايترو گهڻو پکڙيل ناهي، انڪري شايد آئون ان پوزيشن ۾ ناهيان، جو ڪو ڀيٽوار جائزو يا راءِ ڏئي سگهان. اٺ ڏهه سال ٿيندا، جو مون ڪيٽس جي شاعريءَ کي هڪ ڪالم لکي ڇپايو هو، جيڪو گهڻو پسند ڪيو ويو هو. اديبن مان ميلان ڪنڊيرا، گارشيا مارڪيز ۽ پائلو ڪوئلهو جا ڪي ڪتاب مون پڙهيا آهن. جيستائين سنڌي شاعريءَ جو تعلق آهي ته اها هن وقت تائين تجرباتي نوعيت جي رهي آهي. ان جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ جيڪي ڪوششون، ورهاڱي کان پوءِ شروع ڪيون ويون ۽ ان لاءِ جيڪي معيار ماپا مقرر ڪيا ويا هئا، اهي اڃا تائين لاڳو ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهن. فن ۽ فڪر جي پاسن کان سنڌي شاعري اڃا تائين هڪ مخصوص شڪل وٺي نه بيٺي آهي. فڪري جي حساب سان ان جي اوسر هنگامي نوعيت جي رهي آهي. اها سنڌ جي مختلف دورن ۾ پنهنجو گهربل ڪردار ادا رهي آهي، جنهن جي ڪري ان ۾ قوميت جا لاڙا موجود رهيا آهن، ان کان سواءِ، انسان دوستي، وطن دوستيءَ کان رومانوي موضوعن تائين اها پکڙيل رهي آهي، پر منهنجي خيال ۾، انهن موضوعن جي حساب سان اڃا تائين سنڌي شاعريءَ پنهنجين بلندين کي نه رسي آهي، ان جو ڪارڻ اهو ئي آهي ته جديد سنڌي شاعريءَ کي اڃا گهڻو عرصو نه گذريو آهي. ڇهه ڏهاڪا ڪنهن به شاعريءَ جي، هيئت ۽ مواد جي لحاظ کان، بلندين تي رسڻ لاءِ ٿورا آهن. انهن ڇهن ڏهاڪن ۾، سنڌي شاعريءَ رڳو شيخ اياز جي صورت ۾ هڪ شاعر پيدا ڪيو آهي، جنهن جي شاعري فني توڻي فڪري حساب سان اعليٰ معيارن جو پورائو ڪري ٿي. سٺ، ستر، اسي ۽ نوي جا ڏهاڪا ان ڏس ۾ اهم آهن. مهڙين ڏهاڪن ۾ سنڌي شاعريءَ لاءِ مواد ۽ هيئت جي لحاظ کان شيون طئه ٿيون ۽ عمل ۾ آنديون ويون. اهي اڳتي سفر ڪنديون آيون آهن، پر پوءِ به سنڌي شاعريءَ جو حال پورو سارو رهيو آهي. آئون اها ڳالهه پنهنجي شاعراڻي تجربي جي بنياد تي چوان ٿو. مون اردوءَ جي شاعري سڄي جي سڄي پڙهي آهي، امير خسروءَ کان وٺي غالب تائين، ۽ غالب کان اصغر گونڊوي ۽ اتان کان احمد فراز تائين. انگريزيءَ چونڊ شاعري پڙهي آهي. ان کان سواءِ شاعريءَ جي فن ۽ گهرجن جي باري ۾ ايترو پڙهيو آهي، جيترو سنڌ شايد ئي ڪنهن شاعر پڙهيو ۽ پڻ پرجهيو هجي. ان حساب سان، آئون سمجهان ٿو ته شاعراڻي تخيل ۽ محاڪات ۾ سنڌي شاعري، ڪن نالن کي ڇڏي، هيٺيون اڏامون ئي اڏندي رهي آهي. ٻوليءَ جي نج نبار واهپي جي ڏس ۾ سٺي اڳڀرائي ٿي هئي، پر هاڻي اخبارن ۽ ميڊيا جي ڀرمار ۽ ڪتابن جي کوٽ سبب ان ۾ به لاٿ اچي رهي آهي. تنهن هوندي به، اميد رکجي، نئين پيڙهيءَ کي همٿائجي ۽ ان جي تربيت ڪجي. آئون ان ڏس ۾ ويچاري رهيو آهيان ته ڪنهن اداري گڏجي شاعريءَ جي سکيائن جو سلسلو شروع ڪجي، جڏهن تعليم صحت، انساني حقن، جمهوريت ۽ ٻين مامرن تي سکيائن جو اهتمام ٿي سگهي ٿو ته شاعريءَ جي مختلف ”جينرز“ تي سکيائون ڇو نٿيون ٿي سگهن؟  
نظرياتي خلا جي دور ۾ شاعر وٽ ٻيا ڪهڙا سگهارا بنياد هجڻ گهرجن؟
شاعريءَ جو بهرحال سماجي ڪردار هوندو آهي، پر سماج جي تبديليءَ جي عمل ۾ شاعري ڪڏهن به اڳواڻيءَ جو ڪم نه ڪندي آهي. شاعري سماج ۾ ٻين شعبن سان ملي پنهنجو گهربل ۽ حصي جو ڪردار ادا ڪندي آهي. دنيا جي وڏين تبديلين، انقلابن، اٿلن پٿلن ۽ تحريڪن ۾ شاعري هڪ ساٿاري سگهه طور ڪم ڪندي آئي آهي، ان ڪڏهن به اٿي، ڪو سماجي يا سياسي انقلاب برپا نه ڪيو آهي. انڪري، اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ کپي ته شاعري ان وقت ريسپانڊ ڪندي آهي، جڏهن سماج ۾ ڪا تحريڪ موجود هوندو آهي. شاعريءَ جو سماج جي تبديليءَ جي ڏس ۾ ڪو نج پج پنهنجو ارادو ناهي هوندو، پر اها سماج جي تبديلي ۽ تحرڪ واري ارادي سان سلهاڙيل هوندي آهي. جيئن ڪالهه سنڌي شاعريءَ ون يونٽ توڻي ايم آر ڊيءَ جي زماني ۾ ريسپانس ڪيو هو، اڄ سنڌ سان ڪئين مسئلا لاڳاپيل آهن، پر ان ڏس ۾ شاعريءَ جو حصو انڪري فعال ناهي، جو سماج ۾ ڪا اٿل پٿل ناهي، توڻي جو اڄوڪي شاعريءَ ۾ دور جي عڪاسي به آهي ۽ دور جو درد به آهي، پر اهو  پاڻ سماجي تبديلي نٿو آڻي سگهي. سنڌ ۾ ورهاڱي کان پوءِ ڪڏهن به نظرياتي خال نه رهيو آهي، پر سڄو مسئلو نظرين تي عمل جو رهيو آهي. انڪري اسان وٽ نظرين تي عمل جي کوٽ رهي آهي. ان لاءِ بهتر نظرياتي ۽ سياسي تنظيم سازيءَ جي گهربل آهي ۽ اهو ڪم اڳتي هلي، وقت جي ڪنهن حصي ۾ سياسي جماعتن کي ئي ڪرڻو آهي. سنڌ جو مسئلو ادبي نوعيت جو نه، پر سياسي نوعيت جو آهي. نظرياتي عمل جي کوٽ واري زماني ۾ شاعري پنهنجي ٻئي وڏي ڪم تي گهڻو ڀاڙيندي آهي، اهو آهي ان جو ثقافت ۾ يوگدان. شاعري لڳاتار ٻولي ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ ڪم ڪندي رهندي آئي ۽ ان ڏس ۾ اسرندي رهندي آهي. اهو ڪم سنڌي شاعري اڄ به ڪري آهي. توڻي جو اڄ جي سنڌي شاعريءَ سان اهو مسئلو به آهي ته ان ۾ سنڌي ٻوليءَ جو رچيل مچيل اظهار ناهي. ان ۾ سطحيت گهڻي آهي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته اسان جي شاعري گذريل هڪ ڏهاڪي ۾ هڪ الوپ ٿيل حالت ۾ هئي. هينئر سوشل ميڊيا جي ڪري، ان ۾ ٻيهر تحرڪ پيدا ٿيو آهي. ٻوليءَ جي حسين پيراين کي شاعريءَ ۾ موٽائڻ لاءِ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي وڌيڪ سينگارڻ لاءِ اڄ جي شاعر کي پنهنجيءَ شاعريءَ جي روايتن ۾ واپس وڃي، ان سلسلي کي اتان ئي ڳنڍڻو پوندو، جتان اهو ٽٽو هو، جنهن کي گهڻو زمانو نه گذريو آهي.  

 ادبي سنگت ۽ ٻين ادبي ادارن جي ڪردار کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
آئون سنڌي ادبي سنگت جي هاڻوڪي ڪردار مان بلڪل مطمئن ناهيان. ورهاڱي پوءِ سنڌي ادب جي نئين جاڳرتا لاءِ جيڪا رٿابندي ڪئي ويئي هئي، ان ۾ ادب کي هڪ تحريڪ ۽ هڪ لڳاتار عمل بڻائڻ جو ڪم به شامل هو، جنهن وسيلي سنڌ ۾ ترقي پسند، وطن دوست، قوم دوست، انسان دوست ۽ سيڪيولر ادب سرجڻ جا مقصد ماڻيا وڃڻا هئا. اڄ ادبي سنگت پنهجن انهن بنيادي مقصدن کان پري بيٺي آهي ۽ لابين جي ور چڙهي ويئي آهي. ياري باشيءَ جو هڪ سگهارو پليٽ فارم بڻجي ويئي آهي. ادب جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ ماضيءَ ۾ وڏا ڪم سرانجام ڏيندڙ هڪ اداري کي ڪي فرد پنهنجن ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن. جيئن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي نالي ۾ سياسي ۽ غير سياسي ٽولا پنهنجو منافعي بخش ڪاروبار هلائي رهيا آهن تهڙيءَ ريت ادب ۽ اديبن جي نالي ۾ ڪاروبار هلائڻ جو ذريعو ادبي سنگت آهي جنهن ۾ اڪثريت اهڙن ماڻهن جي آهي جن جو ادب ۽ تخليق سان ڪوبه واسطو ناهي .اهي سڀ هاڻي ادبي مافيا جي صورت اختيار ڪري ويا آهن. ان هوندي به، سنگت جي گراس روٽ ليول يعني ان جي شاخن سطح تي، ادب جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ جذبو ۽ سچائي موجود آهن، هيٺينءَ سطح تي سنگت ۾ “پيورٽي“ اڄ به موجود آهي، جنهن جي سطح اوچي ڪجي ته مٿين سطح تي تبديلي اچي سگهي ٿي ۽ سنگت وري پنهنجن بنيادي مقصدن ڏانهن موٽي سگهي ٿي. اهو ڪم بهرحال اسان جي اديبن کي ئي ڪرڻو آهي ۽ انهن جي ئي حصي جو آهي. جيڪڏهن ايشيا جي هيءَ وڏي ۾ وڏي تنظيم کي سڌارڻ لاءِ جوڳا ۽ وقتائتا اپاءَ نه ورتا ويا ته ايشيا جي عظيم الشان ادبي ڍونڍ ۾ تبديل ٿي ويندي. ان کي جديد تقاضائن سان هم آهنگ نه ڪيو ويو ته ان جي ڌپ ساهه منجهائي مارڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندي.

اوهان پنهنجي خوابن جي  سنڌ ڪيئن ڏسڻ چاهيو ٿا؟
منهنجن خوابن واري سنڌ عقل ۽ علم تي آڌاريندڙ وطن آهي، روشن خيال ۽ بصيرتن ڀريو هجي، جيڪو ظلم ۽ استحصال آجو هجي، جيڪو ترقيءَ کي چاهيندڙ هجي، متحرڪ هجي ۽ هر قسم جي فرقيواريت کان پوريءَ طرح آجو هجي.  مون لاءِ منهنجن خوابن واري سنڌ هر قسم جي تقدير پسندي، وهم پرستي ۽ شڪست خوردگيءَ جي براين کان آجو پاڻڀرو، خوشحال ۽ سُکيو وطن آهي. اهو وطن عظيم سماجي قدرن آزاديءَ، برابريءَ ۽ ڀائپيءَ جو آئينو آهي، اهو وطن عظيم اخلاقي قدرن نيڪي، سونهن ۽ سچ جو ساکي آهي. 

 سنڌ جي ڪهڙن اديبن کان متاثر آهيو؟
آئون سنڌ جي بنهه ٿورن اديبن مان متاثر آهيان. جن مان شاه سائين آهن. آئون انهن مان گهڻو متاثر رهيو آهيان.
سنڌ ۾ هن وقت جيڪو تخليقي ادب سرجي رهيو آهي، ان کان مطمئن آهيو؟ 
گهڻو مطمئن آهيان. ادب ۾ سنڌي شاعري اڄ ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سگهاري نموني سرجي رهي آهي. هڪ ڏهاڪي کان پوءِ اڄ جي شاعري گهٽ ۾ گهٽ هڪ دور بنجڻ جي صلاحيت رکي ٿي. سکيا ۽ سُونهپ جي کوٽ آهي. سکڻ سيکارڻ جي عمل ۾ سوچ ۽ خواهش جي کوٽ آهي، پر جذبو اڳي جي ڀيٽ ۾ گهڻو وڌيڪ سگهارو آهي. شاعرائن ۾ روبينه ابڙو ۽ رخسانه پريت چنڙ سٺو پيون لکن. شاعرن ۾ ڪيترائي شاعر پاڻ مڃائي چڪا آهن ۽ هن مهل به ڪانٽريبيوٽ ڪن ٿا. اڀرندڙ شاعرن ۾ فياض ڏاهري نظم جو سٺو شاعر آهي، هو نظم ۾ ٿيميٽڪ ائروچ سان سٺي نموني نڀاءُ ڪرڻ ڄاڻي ٿو ۽ شعر وسيلي ڪيفيت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو. ان هوندي به، فياض کي پنهنجيءَ شاعراڻي ٻوليءَ ۾ وڌيڪ رچاءُ پيدا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي شعوري مشق مان گذارڻو پوندو. روحل ڪالرو ڀلو شاعر آهي، سندس شاعري نواڻ ۽ عام مشاهدي جي شاعري آهي، سندس غزل ۾ تازگي آهي، پر سندس شاعريءَ ۾ به تاثر يا ڪيفيت جي کوٽ آهي، ان جي شاعري واکاڻجڻ کان پوءِ به اندر ۾ هڪ خاص تهه تائين لهي ٿي، شايد پنهنجيءَ شاعريءَ ۾ تاثر ۾ پيدا ڪرڻ لاءِ روحل کي نظم لکڻ کپن. منور هاليپوٽو به سٺو شاعر آهي، سندس شاعريءَ ۾ ٻولي ۽ ڪيفيت ٻئي موجود آهن، پر اها محبت ۾ وڇوڙي ۽ دوري واري موضوع جي ورجاءَ ڪارڻ هڪ خاص دائري ۾ ڦري ٿي. ان لاءِ منور کي، فطرت، سماج ۽ زندگيءَ جي انيڪ موضوعن تائين پنهنجيءَ شاعريءَ کي پکيڙ ڏيڻي پوندي ته جيئن سندس شاعريءَ مان موضوع جي محدوديت ختم ٿئي.
عورت ليکڪائن لاءِ اسان وٽ قبوليت جا بنياد درست آهن؟
نه، درست ناهن. اصل ۾ عورت کي اسان جي سماج ۾ اڃا تائين انساني مرتبو ناهي ڏنو ويو. اها اڄ به رڌڻي جي حوالي آهي ۽ ٻار ڄڻڻ جي مشين آهي، جيڪا پنهنجن سمورن انساني ۽ سماجي حقن کان محروم آهي. گهر ۽ گهر کان ٻاهر ان جي آزادي، ان جي راءِ کي مان نٿو ڏنو وڃي. ان کي تعليم ڏيارڻ عيب سمجهيو وڃي ٿو ۽ ان جي نوڪريءَ کي اڃا وڌيڪ خراب ڄاتو وڃي ٿو. اها ته آهي عورت لاڳاپيل عام صورتحال، پر عورتن جي سماجي آزاديءَ جي حوالي کان آئون سدائين ان راءِ جو رهيو آهيان ته ان ڏس ۾ عورتن جي تنظيم سازيءَ ۽ منجهن جاڳرتا سان گڏ مردن تي به ڪم ڪرڻ جي گهرج آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن مرد جي ذهن ۾ ڦيرو ايندو ۽ ان جي ذهن ۾ اها ڳالهه چڱي نموني ويهندي ته عورت ۽ مرد ٻئي انسان آهن، انهن ۾ ٿوري جسماني فرق کان سواءِ ٻيو ڪوبه فرق ناهي، ٻنهين ۾ سوچ آهي، شعور آهي، احساس آهي، خواب ۽ خواهشون آهن، امنگ ۽ اتساهه آهن. پاڻ کي ٺاهڻ ۽ ترقي ڪرڻ جي خواهش آهي، ٻنهين ۾ برابر صلاحيتون آهن. اهڙي سمجهه مرد جي ذهن ۾ وجهڻ سان عورتن جي سماجي آزادين، سندس گهريلو ۽ سماجي حيثيت ۽ انساني درجي جي مڃتا ۽ سندس حقن جي ڏس ۾ اڳڀرائيءَ ۾ گهڻي مدد ملندي. عورتون اسان جي سماج جو اڌ آهن. جڏهن آباديءَ جو اڌ گهرن ۾ واڙيل هجي ته ترقيءَ جو عمل گهڻو ڳرو ٿي پوي ٿو ۽ گهر ۾ واڙيل عورتن جي اڌ آباديءَ جي ذميواري به مردن مٿان ئي اچي پوي ٿي. ظاهر آهي ته ايترو گهڻو وزن مرد نٿا کڻي سگهن. نتيجي ۾ سماجي ترقيءَ جو عمل بيهجي وڃڻ جي حد تائين ڍرو ٿي وڃي ٿو. جيتوڻيڪ، مرد ٿڪا به آهن، اهڙا بار بار کڻي، پر پوءِ به اهي عورتن کي برابري ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. 
ليکڪائون اسان وٽ بنهه ٿورڙيون رهيون آهن، ايئن جيئن سماج جي ٻين شعبن ۾ عورتن جي ٿورائي آهي ۽ لڳ ڀڳ ادب جي ميدان ۾ به عورت سان به اهڙو ئي ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو، جهڙو ٻين شعبن ۾ ڪيو وڃي ٿو. اسان وٽ مرد ليکڪ آسمان مان نٿا آهن ۽ انهن جا رويا ليکڪائن سان اهي ئي آهن، جهڙا ٻين عام مردن جا آهن، جن کي اسان جون ليکڪائون ڀوڳينديون رهن ٿيون ۽ اهي عورتون جيئن ته ٻين عورتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ شعور ۽ جذبي جي وڌيڪ شدت رکن ٿيون، انڪري ليکڪن ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن جي اهڙي رويي تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪنديون رهن ٿيون. اوهان تصور ڪريو ته جنهن سماج ۾ ڇوڪرين جي اسڪول وڃڻ کي خراب ڄاتو وڃي ٿو، اتي جڏهن ڇوڪريون يا عورتون تخليقي يا ٻيو لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪن ته اهو ڪيترو نه ڏکيو ڪم هوندو ۽ انهن کي ڇا ڇا نه ڀوڳڻو پوندو هوندو. اسان کي پنهنجين شاعرائن ۽ ليکڪائن کي اتساهڻ کپي ۽ انهن جي همت وڌائڻ کپي. ان ڏس ۾ شروع ۾ تعداد وڌائڻ ضروري آهي. ان مان معيار جي واڌاري جا امڪان وڌندا. جڏهن اسين ليکڪائن جي ڪم تي ڳالهايون ٿا ته اسان کي سڄي سماجي سٽا کي به ڏسڻ کپي ته اهي ڪهڙا ۽ ڪيترا نه ڏکيا مرحلا ٽپي اڳتي اچن ٿيون. موقعن ۽ وسيلن جي کوٽ جي ور چڙهيل ليکڪائن سان سماجي طرح مراعت يافتا مرد لکندڙن جهڙو ورتاءُ نه ڪرڻ کپي. هيءُ سڄو مامرو ادبي انصاف يا ادبي ”ايڪوئٽي“ سان لاڳاپيل آهي، جنهن جو مطلب آهي ته اڳ ۾ عورت کي سماج ۾ ۽ ٻين شعبن وانگي ادب ۾ به برابر موقعا ڏئي، انهن کي اسرڻ ۽ وڌڻ جو ماحول ڏنو وڃي، کين پنهنجين صلاحيتن جي اڀار جا پورا ۽ برابرموقعا ڏنا وڃن، تنهن کان پوءِ منجهانئن مرد لکندڙن برابر ادبي ذميوارين ۽ ڪارڪردگيءَ جي اميد ڪئي وڃي. هيءَ به حقيقت آهي ته ليکڪائن لاءِ اڄ جو سنڌي سماج ڪو مثالي سماج ناهي. شايد انهن کي پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ اها آزادي نصيب نه ٿئي، جنهن جي کين تمنا آهي، پر ان کان پوءِ به، انهن کي همٿ نه هارڻ کپي ۽ جيترو به اسپيس آهي، کين ”اويل“ ڪرڻ کپي. ان ۾ هوريان هوريان، واڌ آڻڻ کپي ته جيئن سندن ڪوششن سان جيڪا راهه ٺهي، ان تي ايندڙ ليکڪائون سولائيءَ سان وکون وکاري سگهن
 ڪڏهن ڪو ايوارڊ مليو
ها بابا الاهي گهڻا ايوارڊ مليا آهن, مانکي  هڪ پريزيڊينٽ ايوارڊ مليو آهي, مونکي منهنجي ڪتاب جنهن جو نالو "ويريون" آهي ان تي نيشنل ايوارڊ مليو ۽ ٻيا ڪيئي جيڪي ڪتاب لکيا انهن مان منهنجي ڪتاب "راڻا جي رجپوت" ان کي ب بوڪ فائونڊيشن وارن جي طرفان ايوارڊ ملي چڪو آھي انهن کان علاوه ب گهڻا ئي ايوارڊ ملي چڪا آهن
 ريٽائيرمينٽ کان پو توهان جون ڇا مصروفيات رهيون 
ريٽائيرمينٽ کان پو ت ڪا مصروفيات رهي ئي ڪون ڇاڪاڻ ت ريٽائيرڊ ٿيندي مونکي سترهن سال ٿيا آهن آئون هئير ستتر سالن جو آهيان, مصروفيات منهنجي اها هئي ت ادبي طرح سان ڪتاب ڪمپائيل ڪيا, روح رهاڻ رسالو ورائي ڪڍيو پر پئسي جي ڪمي جي ڪري صرف اٺ پرچا ئي ڪڍيا. پهرين ت مان لکندو رهندو هئس پر هاڻي طعبيت  ۾ ناسازي جي ڪري مان لکان ٿو ت هٿ رفن ٿا, پر پو ب لکان پيو ڪم هلي ٿو, هڪ ت ناول آهي ٻيو بائيوگرافي پيو لکان پنهنجي زندگي ۾ جيڪي واقعا ٿي گذريا آهن ۽ هاڻي هر آچر تي منهنجي روح رهاڻ جي محفل هوندي آهي, آئون هو ب چوندو آهيان جيڪو ڪم ڪجي اهو توڙ نڀائجي جنهن جي ڪوشش ڪريان پيو ت توڙ نڀايان

Comments

Popular posts from this blog

TWO OLD GOVERNMENT SCHOOLS OF HYDERABAD CITY

Aqeel Ahmed Soomro

مسرت ٹالپر: فیچر تاریخی مسجد بھوڈیسر- Musrat Talpur