sanjha syed - feature
Corrected


Write ur name in the file in Sindhi also.
سانجها سيد
بي ايس پارٽ ٽيون
2k15-Mc-77
مائي خيري واري مسجد
مائي خيري جي مسجد حيدرآباد شھر جي موجود فقير جي پڙ واري علائقي ۾ آھي. هن مسجد کي تعمير ڪرائيندڙ خيرالنسا ٽالپر عرف مائي خيري هئي, جيڪا مير صوبدار خان ٽالپر جي گهرواري ۽ ٽالپر گهراڻي جي پهرين چوياري جي چئن حڪمرانن, مير فتح علي خان ٽالپر, مير غلام علي خان ٽالپر, مير ڪرم علي خان ٽالپر ۽ مير مراد علي خان ٽالپر جي ماءُ هئي. مائي خيرالنسا پنهنجي نالي سان گهڻيون ئي مسجدون, مدرسا تعمير ڪرايا سندس انهن خير جي ڪمن جي ڪري کيس 'مائي خيري' سڏيو ويندو ھو فقير جي پڙ ۾ ميان فقير محمد جوڻيجي جي پڙ (امام بارگاھ) جي ڀرسان هي عاليشان مسجد آهي ان جي تعمير 27 شعبان 1205ھ / پهرين مئي 1791ع ۾ مڪمل ٿي.اسان جڏھن فقير جي پڙ واري علائقي ۾ پھتا سين اتي ماڻھن جا ھجوم ڏسڻ ۾ آيا اصل ميلي جو سمان ھو ماڻھن جي ميڙ مان گذري مسجد آڏو پھتا سين عاليشان مسجد ڏسي ذھن ماضي طرف موٽ کاڌي اتي موجود ھڪ بزرگ نالي محمد بخش ٻڌايو ت تنهن وقت ۾ جمعي جي نماز ۽ عيد واريون نمازون ٽالپر امير ھن ئي مسجد ۾ اچي پڙھندا هئا
شروع ۾ مسجد جا ٽي گنبذ هئا ۽ مسجد جون ديوارون تمام ٿلهيون ۽ پٿر جون ٺهيل هيون,ھن مسجد سان لاڳو ھڪ ديني مدرسو ب ھلندڙ ھو جيڪو اڄ ڏينهن تائين قائم آھي جنهن جو سمورو خرچ مائي صاحبه پاڻ ڀريندي ھئي بزرگ پنهنجي وڏن کان ٻڌل ڳالهيون ونڊيندي وڌيڪ ٻڌايو ت جيڪي طالبعلم ھن مدرسي ۾ پڙھندا ھئا انهن جو کاڌو پيتو ڪپڙو لٽو وغيره سندس ذمي ھوندو ھو مدرسي جي معلمن بلڪ سندن ڪنٽبن جو سمورو خرچ ب پنهنجي ھڙان وڙان ڏيندي ھئي 1960ع ۾ شروعاتي مسجد کي ڪاري عبدلرزاق صاحب شھيد ڪرائي ٻيھر جوڙايو, جنهن 40 سال مسجد جي امامت ڪئي, جڏهن مسجد کي شهيد ڪيو ويو ت ان مان پراڻا هيرا ۽ جواھرات مليا هئا, پراڻو لڳل ڪاٺ جو عاليشان دروازو(ٽڪ گلوڪاري جو ڪم ٿيل) ڪڍرائي ننڍو لوھ جو دروازو ھڻايو ويو آھي ۽ باقي بچيل جڳھ تي دڪان ٺھرايا ويا آهن, هن وقت 2015ع ۾ مسجد جي تزين و آرائش جو ڪم حافظ حامد صاحب ڪرايو آهي ڇت اها ئي آهي بلڊنگ ب ساڳئي آهي صرف ديوارن ۽ فرش
۾ ٽائل ۽ ماربل جو ڪم ٿيو آهي, جئين ت هاڻو ڪي مولوي ڪاري افتخار جي چوڻ موجوب وضو خانو 1935ع جو تعمير ڪيل آهي جنهن ۾ اڄ
تائين ڪا تبديلي ن آندي وئي آهي جماعت هاڻي سوچي پئي ت وضو خاني کي نئي سري تيار ڪرايو وڃي, ۽ ان سان گڏوگڏ ڏينهون ڏينهن نمازين جي وڌندڙ انگ کي نظر ۾ رکندي مسجد جي ھڪ منزل اڃا ب ٺاھڻ لا سوچيوآھي جيڪو ڪم انشاالله جلدي شروع ڪيو ويندو ھي مسجد جيئن ت ڳتيل آبادي ۾ واقعي آھي موذن جي چوڻ مطابق جمعي نماز ۾ مسجد جون ٻئي منزلون نمازين سان ڀرجي وينديون آهن ۽ عيد نماز ۾ ت صفون مسجد کان ٻاهر تائين ب وينديون آهن ۽ هتي 1959ع کان هڪ مدرسو ب قائم آهي جنهن ۾ ٻارن کي حفظ ۽ ناظره پڙهائيو وڃي ٿو, شام جو عالم جو ب ڪورس ڪرايو ويندو آهي, هتي چار پنج استاد رکيل آهن جن جو پگهار اوقاف کاتو ڏيندو آھي هي مسجد ۽ مدرسو 1959ع کان وٺي اوقاف کاتي جي حوالي آھي, مسجد جي تزين و آرائش ۽ ٻيا سنها ٿلها خرچ جماعت پنهنجي سر ڀريندي آھي, هن مسجد ۾ مقرر موذن ۽ خطيب جو تعلق ڪشمير
سان آهي جيڪوگذريل 18 سالن کان خطيب جا فرائض انجام ڏئي رهيو آهي هن وقت مسجد جو ٻاهريون ڏيک بلڪل تبديل ٿي چڪو آهي
Write ur name in the file in Sindhi also.
It should be reporting based.
sanjha syed
bs part 3
roll no 77
feature
مائي خيري واري مسجد
مائي خيري جي مسجد حيدرآباد شھر ۾ موجود فقير جي پڙ واري علائقي ۾ آھي. هن مسجد کي تعمير ڪرائيندڙ خيرالنسا ٽالپر عرف مائي خيري هئي, جيڪا مير صوبدار خان ٽالپر جي گهرواري ۽ ٽالپر گهراڻي جي پهرين چوياري جي چئن حڪمرانن, مير فتح علي خان ٽالپر, مير غلام علي خان ٽالپر, مير ڪرم علي خان ٽالپر ۽ مير مراد علي خان ٽالپر جي ماءُ هئي. مائي خيرالنسا پنهنجي نالي سان گهڻيون ئي مسجدون, مدرسا تعمير ڪرايا سندس انهن خير جي ڪمن جي ڪري 'مائي خيري' سڏيو ويندو آهي فقير جي پڙ ۾
ميان فقير محمد جوڻيجي جي پڙ (امام بارگاھ) جي ڀرسان هي عاليشان مسجد آهي ان جي تعمير 27 شعبان 1205ھ / پهرين مئي 1791ع ۾ مڪمل ٿي. تنهن وقت ۾ جمعي جي نماز ۽ عيد واريون نمازون ٽالپر امير ھن ئي مسجد ۾ اچي پڙھندا هئا.
پهرين ان دور ۾ ٽي صفن تي مسجد هئي مسجد جا ٽي گمبذ هئا ۽ مسجد جون ديوارون تمام ٿلهيون ۽ پٿر جون ٺهيل هيون, 1960ع ۾ شروعاتي مسجد کي ڪاري عبدلرزاق صاحب شھيد ڪرائي ٻھير جوڙايو, جنهن 40 سال مسجد جي امامت ڪئي, جڏهن مسجد کي شهيد ڪيو ويو ت ان مان پراڻا هيرا ۽ جوارات مليا هئا, پراڻو لڳل ڪاٺ جو عاليشان دروازو(ٽڪ گلوڪاري جو ڪم ٿيل) ڪڍرائي ننڍو لوھ جو دروازو ھڻايو ويو آھي ۽ باقي بچيل جڳھ تي دڪان ٺھرايا ويا آهن, هن وقت 2015ع ۾ مسجد جي تزين و آرائش جو ڪم حافظ حامد
صاحب ڪرايو آهي ڇت اها ئي آهي بلڊينگ ب ساڳئي آهي صرف ديوارون ۽ فر ۾ ٽائل ۽ ماربل جو ڪم ٿيو آهي, جئين ت وضو خانو 1935ع جو تعمير ڪيل آهي جنهن ۾ اڄ تائين ڪا تبديلي ن آندي وئي آهي جماعت هاڻي سوچي پئي ت
وضو خاني کي نئي سري تيار ڪرايو وڃي, ۽ ان سان گڏوگڏ ڏينهون ڏينهن نمازين جي وڌندڙ انگ کي نظر ۾ رکندي مسجد جي ھڪ منزل اڃا ب ٺاھڻ لا سوچيوآھي جيڪو ڪم انشاالله جلدي شروع ڪيو ويندو ھي مسجد جيئن ت ڳتيل آبادي ۾ واقعي آھي موذن جي چوڻ مطابق جمعي نماز ۾ مسجد جون ٻئي
منزلون نمازين سان ڀرجي وينديون آهن ۽ عيد نماز ۾ ت صفون مسجد کان ٻاهر تائين ب وينديون آهن ۽ هتي 1959ع کان هڪ مدرسو ب قائم آهي جنهن ۾ ٻارن کي حفظ ۽ ناظره پڙهائيو وڃي ٿو, شام جو عالم جو ب ڪورس ڪرايو ويندو آهي, هتي چار پنج استاد رکيل آهن جن جو پگهار اوقاف کاتو
ڏيندو آھي هي مسجد ۽ مدرسو 1959ع کان وٺي اوقاف کاتي جي حوالي آھي, مسجد جي تزين و آرائش ۽ ٻيا سنها ٿلها خرچ جماعت پنهنجي سر ڀريندي آھي, هن مسجد ۾ مقرر موذن ۽ خطيب جو تعلق ڪشمير سان آهي جيڪوگذريل 18 سالن کان خطيب جا فرائض انجام ڏئي رهيو آهي هن
وقت مسجد جو ٻاهريون ڏيک بلڪل تبديل ٿي چڪو آهي
Comments
Post a Comment