Rawal article سوشل ميڊيا جو سماج تي مثبت ۽ منفي اثر



Rawal: 2K15/MC/120 Article
سوشل ميڊيا جو سماج تي مثبت ۽ منفي اثر
ڪائنات کان وٺي اڄڪلهه جي جديد دور تائين جتي خاڪي ڪائنات يعني انسان ذات پنهنجي لاءِ آسائش زندگي جون کوڙ ساريون شيون ايجاد ڪيون جيڪي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري يعني پنهنجي جسم ڍڪڻ ، جانورن کي ڇڏي سفر کي تيز تر بنائڻ لاءِ مختلف ڪلون گاڏين ، ريل پاڻي جا جهاز ۽ ٻيڙيون ايجاد ڪيون اتي ٿامس ايڊيسن جو ايجاد ٿيل بلب ۽  مارڪوني جو ريڊيو جديد دور جي سهوليتن مان اهم ترين ايجادون ثابت ٿيون ترقي جي ان سفر ۾ پيغام رساني جي طريقي کي آسان تر بنائڻ لاءِ گرهام بيل ٽيليفون ايجاد ڪيو ته اها هڪ عجوبي کان گهٽ ايجاد نه هئي هاڻي اچون ٿا پنهنجي موضوع طرف جيڪو پڻ ٽيليفون جي ايجاد جعو تسلسل آهي ٽيليفون وقت سان گڏ مختلف تبديلين ۾ ايندي بالآخر بغير تار جي موبائيل سيل فون  جي صورت ۾ سامهون آيو ۽ ڏسندي ڏسندي هن ڪارآمد ايجاد جڏهن ڪي پيڊ مطلب سادي فون مان سمارٽ بفون يعني انڊرو آئڊ سيٽ جو جديد روپ ڌاريو ته هي لاڀائتي ايجاد مختلف انٽرنيٽ ايپليڪيشن جي ذريعي مني ڪمپيوٽر بڻجي ويو . هاڻي اچون ٿا هن  ڪارآمد ايجاد جي مثبت ۽ منفي اثرن طرف.
مثبت ۽ فائدي مند استعمال؛
سڌريل ۽ باشعور معاشرن۾ هن ڊوائس جو استعمال 90 سيڪڙو علمي ادبي سرگرمين جي بهتري ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيو ٿو وڃي گڏوگڏ سماجي رابطا پڻ ادب اخلاق جي دائري ۾ رهي ڪيا ٿا وڃن جنهن سان نه رڳو ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي ٿو بلڪه سماجي رابطا پڻ مضبوط ۽ ڪارآمد ثابت ٿين ٿا. ترقي يافته معاشرن جا ماڻهو انٽرنيٽ ياکڻي ڄئجي سوشل ميڊيا جي هن عالمي اوطاق تان لاڀائتي ڄاڻ حاصل ڪري نه رڳو بهترين روزگار جي حاصلات ۾ ڪامياب ٿين ٿا بلڪه پنهنجي لاڳاپيل پيشي جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ ان ۾ نواڻ ۽ جدت پڻ آئي پنهنجي پراڊڪٽ کي هڪ الڳ سڃاڻپ ڏيارين ٿا جنهن سان هو ناڻو ۽ شهرت ڪمائين ٿا . سوشل ميڊيا جي فائدي تي جيڪڏهن اڃا به وڌيڪ لکجي ته هڪ مڪمل ڪتاب لکي سگهجي ٿو .
سوشل ميڊيا جا منفي اثر
ذڪر ڪنداسين سوشل ميڊيا جي منفي ۽ خراب اثرن تي دنيا جي گولي تي ڪيترائي اهڙا ترقي پذير ۽ تعليم جي حوالي سان پٺ تي پيل ملڪن توڙي علائقن ۾ سوشل ميڊيا جو استعمال توڙي جو عام جام آهي پر تعليم ۽ شعور جي اڻ هوند جي ڪري ان جو استعمال غير ضروري ۽ غير مفيد سرگرمين ۾ وڌيڪ ٿئي ٿو جيئن  فيس بوڪ ، واٽس  ايپ ، انسٽاگرام ، سنيپ چيٽ ۽ ٻين اپليڪيشن تي جتي فيڪ مطلب ته ڪوڙين آئي ڊيز تي جتي مرد پاڻ کي عورت ۽ عورت پاڻ کي مرد ظاهر ڪري بيوقوفي جي بنياد تي هڪ ٻي کي اکين ۾ ڌوڙ وجهي بيوقوف بڻائي رهيا آهن ۽ ٻئي انساني جنسون چئجي کڻي ته هش ۾ خُوش آهن ميڊيا تي اهي ڳالهيون به سامهون آيون آهن ته ڪيترن ئي مردن يا نوجوانن ڪوڙ تي مبني دوستيون بنائي پنهنجا ڪوڙا تعارف ۽ پتا ٻڌائي معصوم ۽ بي سصمجه ڇوڪرين کي پيار جي آسري تي پنهنجو اباڻو گهر ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ۽ نتيجي ۾ اهي معصوم نياڻيون يا ته زيادتين جو شڪار ٿيون يا جيڪو خواب ڏسي مائٽن جي عزت مٽي ۾ ملائي پنهنجي گهران نڪتيون ته حقيقت ان جي بلڪل ابتڙ نڪتي جنهن سان نه رڳو سندن مستقبل خراب ٿيو بلڪه زندگي ڀر لاءِ ذهني اذيتون سهنديون رهيون . سوشل ميڊيا جا اهڙا ٻيا کوڙ منفي اثر آهن جيڪي خاص طور تي نوجصان نسل جي تباهي طرف ڌڪي رهيا آهن جن م غيراخلاقي ، فحش ، وڊيو ۽ گانا وغيره وغيره اچي وڃن ٿا عام طرح ڏٺو ويو آهي ته سمارٽ فون استعمال ڪندڙ نوجوانن جي فونن ۾ صرف ۽ صرف غير مفيد ۽ فالتو اپليڪشنز ڊائون لوڊ ٿيل نظر اچن ٿيون جڏهن ته هئڻ  ائين کپي ته سندن فونن ۾ تعليم جي حوالي سان ڄاڻ تي مبني ڊڪشنريز ، مختلف زبانن جون ترجمو ڪندڙ اپليڪيشنز ، تاريخ ، سصائنس ، ادب ، جيوگرافي ،۽ ٻين مختلف ڪارائتن موضوعن تي تصنيف ٿيل ڪتاب ڊائون لوڊ هئڻ کپن جن سان سندن ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي سگهي ٿو۽ پڻ شعوري طور سندن اصلاح ٿي سگهي ٿي جيڪا اڳتي هلي سندن پيشاوراقنه زندگي ۾ سڌارو آني سگهي ٿي ۽ اهي بهتر ۽ ڪامياب انسان ٿي سگهن ٿا ۽ ضرورت ان اقمر جي آهي ته سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارانوجوانن جي بهتري لاءِ اهڙا سيمينار ڪوٺائن جيڪي سندن لاڙو سوشل ميڊيا جي مفيد استعمال طرف آڻي سگهن ۽ اسان جونوجوان باشعور ۽ باصلاحيت بڻجي سگهي.

Comments

Popular posts from this blog

TWO OLD GOVERNMENT SCHOOLS OF HYDERABAD CITY

Aqeel Ahmed Soomro

مسرت ٹالپر: فیچر تاریخی مسجد بھوڈیسر- Musrat Talpur