Quratulain Profile

پروفائيل 
ميڊم امبرين زيب خاصڪيلي
قرت العين سومرو 
بي ايس پارٽ ٽيون


ميڊم امبرين جي پيدائش 21 ڊسمبر 1976 تي حيدرآباد شهر ۾ ٿي، پاڻ تمام ذهين محنتي هجڻ سان گڏ نهايت خوبصورت شخصيت ۽ نرم طبيعت جون مالڪ آهن سندس تعلق پڙهيل لکليل ڪٽنب سان آهي سندس والد پروفيسر هئڻ سان گڏ سوشل سائنس فيڪلٽي جا ڊين به هئا جن جو نالو پروفيسر غلام حسين خاصڪيلي آهي۔ سندس وڏي ڀيڻ ڊاڪٽر ۽ ٻي ڀيڻ مڊيڪل آفيسر آهي ۽ هڪ ڀاء ليڪچرر آهي جنهن PHD مڪمل ڪئي آهي ۽ ٻيو ڀاء پڻ M.phil ڪري ڪنهن پرائيويٽ اداري مليل عهدي جون ذميواريون سرانجام ڏئي رھيو آهي۔  سندس ڪٽنب جو بنيادي تعلق ڱوٺ درياء خان ٽالپر سان آھي جيڪو ڀٽ شاھ جي پاسي واقع آهي۔ ۽ هو ننڍپڻ کان ئي پنهنجي والد مان تمام گهڻيون متاثر رهيون آهن

ميڊم امبرين پنهنجي تعليم جي آغا تاج محمد ھائي اسڪول مان ڪيو جڏهن سندس عمر پوڻا ٽي سال ھئي ان کان پوء جڏهن ھيرآباد وڃي رهيا ته داخلا بگٽ اسڪول ۾ ورتائين جتي هن 8 جماعت تائين تعليم حاصل ڪئي، 90 جي ڏهاڪي ۾ حيدرآباد ۾ وڱوڙ پيا ته هي ڄامشوري ۾ اچي رهڻ لڱا۔ ۽ وري  آغا تاج محمد اسڪول ۾ داخلا ورتائين جتان فرسٽ ڪلاس ۾ مئٽرڪ پاس ڪري گورمينٽ زبيده ڪاليج ۾ پري انجينرنگ ۾ داخلا وٺي 65 سان بي گريڊ ۾ انٽر ڪليئر ڪيائين وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاء هن مهراڻ ينيورسٽي ۾ ٽيسٽ ڏنو جتي محنتي هجڻ ڪري کيس سول انجينرنگ ۾ سليڪٽ ڪيو ويو پر هن پاڻ اهو ڇڏي سنڌ يونيورسٽي جي شعبي ڪمپيوٽر سائنس ۾۾ داخلا ورتي جتان هن بي اي سي ۽ ايم اي سي فرسٽ ڪلاس  ۾ پاس ڪئي ان کان پوء هن سنڌ ڊيولمينٽ اسٽيڊي ۾ ڪمپيوٽر ريسرچ پروگرامر تحت هڪ سال ڪم ڪيو، پر کيس علم جي اڃ کيس رڪجڻ نه ڏنو ۽ هن پنهنجي تعليم وڌيڪ جاري رکي ۽ ھن رورل ڊولپمينٽ اسيٽڊي ايم اي سي ۾ داخلا ورتائين ۽ ان وچ ۾ ام اي ايڪانامڪس ۾ به داخلا ورتائين، ايم اي ايڪانمڪس ڪرڻ کان پوء هن پنهنجي رورل ڊولپمينٽ اسٽيڊي واري ڊگري به مڪمل ڪئي پنهنجي ذھانت ۽ محنتي هجڻ جي ڪري ان سڀن ۾ ھو فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿي، کيس تعليم حاصل ڪرڻ جي ايتري جستجو هئي جو هن ان ئي سال اندر ايم فل ايڪانامڪس ۾ داخلا ورتي ۽ ڪلاس ڪورس ڪيا هن پنهنجو پهريون سمينار 2005 ۾ ڏنو۔ 2000 فيبوري ۾ کيس سنڌ ڊوليپمينٽ اسٽيڊي سينٽر ۾ کيس آرو ايسوسيئيٽ ڪري رکيو ويو۔ 26 اپريل 2006 ۾ کيس ليڪچرر جي پوسٽ تي شعبي ايڪانامڪس ۾ فائز ڪيو ويو هڪ سال جي  اندر ئي سندس رجسٽريشن پي ايڇ ڊي ۾ ٿي جنهن ۾ سندس سپروائيزر ليٽ پروفيسر ڊاڪٽر پرويز احمد پٺاڻ هو، 2009 ۾ هن پنهنجي پي ايڇ ڊي جو آخري سمينار ڏنو، دندس چوڻ آھي ته ذاتي مسئلن جي ڪري ۽ ڪم جي لوڊ جي ڪري پي ايڇ ڊي ۾ ٿورو گيپ اچي ويو پر هن ڪڏهن اسٽيڊي ليو نه ورتي ۽ پنهنجي سروس جي رڪارڊ ۾ هڪ ڏينهن به موڪل ناهي ڪئي۔ هن هميشه محنت ڪئي آهي ۽۽ ليڪچرر جي عهدي تي فائز هجڻ جي باوجود هن پنهنجي تعليم کي پنهنجي ڪم سان گڏ گڏ آندو آهي۔ 2012 ۾ ٿيسز جمع ڪرائي 2013 ۾ هن پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔ 4 نومبر 2015 تي کيس چيئرپرسن جي عهدي تي فائز ڪيو ويو۔ اڄ ڪلھ ھو شعبي ايڪانامڪس ۾ چيئرپرسن جون خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن  جنهن جي مدت 24 آڪٽوبر 2018 تائين آهي۔ سندس چوڻ آهي ته زندگي ۾ ڪافي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو سخت محنت کان پوء به گهڻين جڳهون تي نانصافي جي ڪري ناڪامين جو منهن ڏسڻو پيو پر هن پو به محنت ۽ ڪوشش نه ڇڏي جنهن ڪري ئي اڄ هو هن منزل تي آهي۔ ان شعبي کان سواء هو سماجي سرگرمين ۾ به حصو وٺندي رهي آهي، جن ۾ هن ڪيترن ئي پروجيڪٽس کي سپروائيز پڻ ڪيو آهي ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان سندس گهڻو ڪم ٿيل آهي ۔  حال ۾ هڪ آسٽريليا جي پروجيڪٽ "ڪرئيٽنگ  ويلٿ فار سمال آرڊر فارمر اسپيشلي وومين" کي سپروائيز ڪري رھيون آهن۔ ريسرچ ورڪ ۽ فيلڊ ورڪ ۾ تمام گهڻي دلچسپي رکندڙ آهن۔ ان کان علاوه هو سنڌ يونيورسٽي جي ان فيئر ڪاميٽي جي ميمبر پڻ آهي۔ سندس چوڻ آهي ته هر ان ماڻهو کان متاثر آهيان جيڪو پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سان ڪري ٿو ۽ ريگولر رهي ٿو گڏ ڪم ڪندڙ استاد هجن يا لوئر  اسٽاف، ۽  شاگردن کي گهرجي ته ريگيولر ۽ پنڪچوئل رهن۔ 
هو پنهنجي شعبي ۾ پنهنجي ڪم پابند ۽ ريگيولر هئڻ سان گڏ ساده طبيعت جي ڪري نمايان حثييت رکن ٿيون

Comments

Popular posts from this blog

Aqeel Ahmed Soomro

مسرت ٹالپر: فیچر تاریخی مسجد بھوڈیسر- Musrat Talpur

TWO OLD GOVERNMENT SCHOOLS OF HYDERABAD CITY