Profile of Dr Asad Shah By Pir Shah Fateh
This is CV style. Write in profile style
Write ur name in Sindh also
It is short, 600 plus words are required
Observe proper paragraphing
It will be good if u can rewrite it in proper manner
پروفيسر ڊاڪٽر سيد اسد الله شاهه بخاري
سيد اسد الله شاهه بخاري اڳوڻي ضلعي حيدرآباد ۽ موجوده مٽياري ضلعي جي تعلقي نيو سعيد آباد جي ڳوٺ امين لاکو ۾ 20 مارچ 1961ع تي سيد علي اڪبر شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو، ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان سيد لال شاهه بخاري کان ورتائين، ايم جي مدرسا هاءِ اسڪول هالا مان 1977ع ۾ ميٽرڪ ڪيائين، جنهن بعد حيدرآباد اچي گورنمينٽ ڪاري موري ڪاليج حيدرآباد مان 1979ع ۾ پري انجنيئرنگ ۾ انٽر ڪيائين. تنهن کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخل ٿيا ۽ 1984ع ۾ اليڪٽرانڪس ۾ بيچرلس (آنرس) ۽ 1985ع ۾ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ جي ماسٽرس ڪيائين، تنهن کانپوءِ ساڳئي ئي شعبي ۾ ليڪچرار طور ڀرتي ٿي پنهنجون خدمتون سر انجام ڏنائين. ڊاڪٽر سيد اسد الله شاهه بخاري صاحب جي محنت ۽ ذهانت کي ڏسندي کيس سي او ٽي ايوارڊ ڏنو ويو ۽ حڪومتِ پاڪستان کيس اسڪالر شپ ڏئي برطانيا پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ موڪليو، جتان 1998ع ۾ سري يونيورسٽي برطانيا مان ملٽي ميڊيا ٽيڪنالاجيءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڪيائين ۽ واپس اچي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏنائين، ڪجهه عرصي کانپوءِ اسريٰ يونيورسٽي حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور جوائن ڪيائون، جنهن بعد اتي ڊين فيڪلٽي آف ڪمپيوٽر سائنس اينڊ انفار ميشن ٽيڪنالاجي جي عهدي تي پڻ مقرر ٿيا. 2009ع ۾ آءِ بي سکر ۾ بطور پروفيسر جوائن ڪيائون، مختصر عرصو رهڻ کانپوءِ آءِ بي سکر کي خير آباد چئي ڪراچي جي هڪ نجي يونيورسٽيءَ آئي بي ايم ۾ پنهنجون پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏنائون. اتي ڳچ عرصو رهڻ بعد ملائيشيا هليا ويا ۽ اتي آءِ آءِ يو ايم (انٽرنيشل اسلامڪ يونيورسٽي آف ملائيشيا) ۾ پروفيسر طور مقرر ٿيا. هن وقت ڊاڪٽر سيد اسد الله شاهه بخاري جا 200 کان وڌيڪ ريسرچ پيپر شايع ٿي چڪا آهن، جيڪي دنيا جي مختلف رسالن ۾ ڇپجي چڪا آهن، سندس 15 ڪتاب لکيل آهن، جنهن مان هڪ ڪتاب پوسٽ گريجوئيٽ جي نصاب ۾ شامل آهي. پروفيسر ڊاڪٽر اسد الله شاهه بخاري ملائيشيا ۾ مختلف ملڪن جي 17 کان وڌيڪ پي ايڇ ڊي جي شاگردن جي رهنمائي پڻ ڪري چڪو آهي، انهن شاگردن جو تعلق انڊونيشيا، ايران، پاڪستان، سعودي عرب سان آهي ۽ ان کان علاوه پاڪستان ۽ پاڪستان کان ٻاهر جي 56 شاگردن کي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪرائي چڪو آهي. پروفيسر ڊاڪٽر اسد الله شاهه بخاري هن وقت آءِ آءِ يو ايم (انٽرنيشل اسلامڪ يونيورسٽي آف ملائيشيا) جي شعبي ڪليا آف انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي ۾ ڊپارٽمينٽ هيڊ طور پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيا آهن.
پير شاه فتح حيدر
ايم اي (پريويس
رول نمبر 38
Comments
Post a Comment