Profile of Dr Aftab Memon by Tahir Hussain Maka

طاهر حسين ماڪا
ايم اي پريويس
رول نمبر 55
پروفائيل ڊاڪٽر آفتاب احمد ميمڻ
ڊاڪٽر آفتاب احمد ميمڻ غريبن جو رحمدل ۽ مريضن جي لاءِ همدرد ۽ شفا ڏيندڙ انسان آهي، هي اهو انسان آهي جيڪو روزانو ڪيترن ئي مريضن جو مفت علاج ڪندو آهي،هي نه صرف پنهنجي فيس معاف ڪندو آهي بلڪه ان سان گڏوگڏ انهن کي دوا به مفت ڏيندو آهي. 

ڊاڪٽر آفتاب احمد جي پيدائش 1967ع ڳڙهي ياسين شهر ۾ عبدالحڪيم جي گهر۾ ٿي، هي پنهنجي والد کي اڪيلو پٽ آهي، هن جي والد جي خواهش هئي ته هي ڊاڪٽر ٿئي ان ڪري هن کي وڏي شوق سان پڙهايو، ڊاڪٽر صاحب پنهنجي شروعاتي تعليم جا 8 درجا ڳڙهي ياسين مان حاصل ڪيا، تنهن کانپوءِ ميٽرڪ قاضي حبيب الله اسڪول شڪارپور مان ڪيائين،انٽرميڊيٽ جي ڊگري (C&S) ڊگري ڪاليج شڪارپور مان حاصل ڪيائين، 1985ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ورتي، 1992ع ۾ ايم بي بي ايس جي ڊگري مڪمل ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب 1993ع ۾ لکي غلام شاهه جي سول اسپتال ۾ ڊاڪٽر ٿي آيو، 1997ع ۾ لکي غلام شاهه شهر ۾ ڪلينڪ به کولي، 2000ع ۾ تعلقه ڳڙهي ياسين جي مرزاپور شهر ۾ بدلي ٿي، ڊاڪٽر پنهنجي زندگي جا 10 سال مرزاپور ۾ غريبن جي مدد ڪئي، 2010ع ۾ سول اسپتال شڪارپور بدلي ٿيس، پوري ضلعي جو پوليو مانيٽرنگ آفيسر مقرر ٿيو، اڃا تائين پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جون 2 شاديون ٿيل آهن، هڪ پنهنجي مائٽن مان ۽ ٻي شادي هڪ غريب يتيم نرس سان ڪئي، هڪ گهرواري شڪارپور ۾ رهندي آهي، جڏهن ته ٻئي گهرواري جيڪا نرس آهي اها لکي غلام شاهه ۾ رهندي آهي ۽ اتي اها به ڪلينڪ هلائيندي آهي. ڊاڪٽر ۽ هن جي گهرواري ٻئي غريبن ۽ مريضن جي مدد ڪري رهيا آهن، ڊاڪٽر جي گهرواري به ڊاڪٽر وانگر رحمدل آهي، اها به ڪيترن ئي غريبن جومفت علاج ڪري رهي آهي، پنهنجو آرام ڦٽائي مريضن لاءِ 24 ڪلاڪ در کولي ڇڏيا آهن، ڪهڙي به وقت ڪنهن کي به تڪليف ٿئي ٿي اهي انهن کي واپس نه ڪندا آهن.
 بس ايترو نه ان کان به وڌيڪ ڊاڪٽر غريبن جي مدد ڪئي آهي، جڏهن 2010ع ۾ ٻوڏ آئي ۽ لک غلام شاهه کي پورو خطرو هو، ان دوران لکي غلام شاهه جا ڪيترائي ماڻهو لکي کان ٻاهر نڪري ويا، تڏهن به ڊاڪٽر اها سوچ ڪري ويٺو هو، غريب ماڻهن جو ڇا ٿيندو، انهن مان جو سڀاڻي ڪو بيمار ٿي پوي ته اهي ڪيڏانهن ويندا، ان ڪري هو خاندان سان گڏ اتي ئي رهيل هو ۽ پوءِ ثابت ٿيو هن جي گهرواري ان دوران ڪيترن ئي عورتن کي ڊليوري ڪرائي. ان سان گڏوگڏ ڊاڪٽر صاحب ٻوڏ ستايل ماڻهن جي به مدد جاري رکي، هن لکي غلام شاهه ۾ سکر- شڪارپور روڊ تي پنهنجيون ڪئمپون هنيو جن ۾ ايندڙ ويندڙ ٻوڏ ستايل ماڻهن کي دوا دارو سان گڏوگڏ کاڌي پيتي جو سامان به فراهم ڪيو.
ڊاڪٽر صاحب جي ڪلينڪ تي ڪم ڪندڙ هڪ نوجوان کا پڇيو ويو ته توهان سان ڊاڪٽر جورويو ڪيئن آهي؟ ته ان نوجوان ٻڌايو ڊاڪٽر اسان کي پنهنجن پٽن وانگر سمجهندو آهي، مان ڊاڪٽر وٽ 12 سالن کان ڪم ڪري رهيو آهيان، ڊاڪٽر اسان جي مدد ڪندو رهيو آهي، جڏهن منهنجي شادي ٿي رهي هئي ته تڏهن ڊاڪٽر منهنجي وڏي مدد ڪئي ۽ منهنجي شادي ۾ ڊاڪٽر وليمو به ڪرايو، ڄڻ مان هن جو ڪو سڳو پٽ آهيان.
اتان هڪ مريض کان نڪرندي پڇيو ته توهان ڊاڪٽر صاحب مان ڪيئن مطمئن آهيو، هن ٻڌايو ته اسان کي هڪ الله سائين جو آسرو ۽ ٻيو ڊاڪٽر جو سهارو آهي ته اسان جهڙا غريب هلن ٿا، هن ٻڌايو ته جڏهن 2010ع ۾ ٻوڏ آئي ۽ لکي مان به ماڻهو نڪري ويا، تڏهن منهنجي گهرواري جي ڊليوري ڪيس هو، تڏهن ڪا ڊاڪٽرياڻي نه پئي ملي ان وقت تي ڊاڪٽر صاحب جي گهرواري اسان جي مدد ڪئي، منهنجي گهرواري جي ڊليوري ڪيائين ۽ منهنجي ٻار کي جنم ڏنائين.
ڊاڪٽر صاحب اسپتال کانپوءِ گهڻي کان گهڻو وقت پنهنجي ڪلينڪ تي هوندو آهي، جڏهن ڊاڪٽر جي اولاد پٽ انجنيئر آهن ۽ اهي ٻاهر رهيل آهن، ان باوجود ڊاڪٽر پنهنجي اولاد کي گهٽ وقت ڏيندو رهيو آهي ۽ گهڻو وقت ڪلينڪ کي ڏيندو آهي.
اڄ کان ٽي مهينا پهريان ڊاڪٽر جي 3 ڏينهن ٽريننگ تي حيدرآباد ڏانهن اچڻ  ٿيو، ان دورن ڊاڪٽر صاحب اسان وٽ ترسيل هو، ٽريننگ مڪمڪ ٿيڻ کانپوءِ ڊاڪٽر 12 بجي هتان هلڻ جي تياري ڪئي، اسان ڊاڪٽر کي عرض ڪيو ته ڊاڪٽر صاحب اسان وٽ ڪجهه وقت ترسو، پوءِ وڃو، جنهن تي ڊاڪٽر چيو ته مونکي وڃڻو آهي، رات ڪلينڪ تي پهچڻو آهي، مريض منهنجو انتظار ڪند هوندا.
ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته اهو ڊاڪٽر هر ماڻهو جي دل ۾ رهندو جيڪو انهن جي مدد ڪندو ۽ انهن سان سٺو هلندو، منهنجا اهڙا دوست به آهن جيڪي ننڍپڻ ۾ چوندا هئا ته اسان ڊاڪٽر ٿياسين ته غريبن جو مفت علاج ڪنداسين، اهي اڄ غريب ماڻهن جو رت پيا پيئن، انهن جي مجبوري جوا نهن کان فائدو وٺي رهيا آهن،

ڊاڪٽر صاحب جي اها سوچ آهي بلڪه هو ڪوشش ۾ لڳل آهي ته هو هر مهيني ۾ لکي شهر ۾ ڪئمپ هڻي جنهن ۾ شڪارپور يا شڪارپور کان ٻاهر جا ڊاڪٽر اچي هر مريض جو هر قسم جو علاج ڪن.

Comments

Popular posts from this blog

Aqeel Ahmed Soomro

مسرت ٹالپر: فیچر تاریخی مسجد بھوڈیسر- Musrat Talpur

TWO OLD GOVERNMENT SCHOOLS OF HYDERABAD CITY