Pir Shah Fateh Feature


ايم اي (پريويس)
رول نمبر:38
فيچر
ڪلهوڙن جي زماني جو تاريخي واھ!
”مارک واهه“
مارک واهه ڪلهوڙا دور جو هڪ عظيم واهه آهي، جيڪو موجوده نواب شاهه ضلعي جي مٽياري سان ملندڙ دنگ وٽان، سنڌو، درياهه مان نڪري 2 سئو ڪلوميٽر وهي هاڻوڪي ضلعي عمرڪوٽ جي ناري واري علائقي تائين ايندو هو، هن واهه جي ويڪر 20 ويهه پُرهه يعني 100 فوٽ ۽ اونهائي پنج پُرِههَ يعني 25 فوٽ هئي، هن واهه جي رٿا اهڙي نموني ٿيل آهي، جو زمين جي اهڙن هنڌن تان نڪتل آهي، جتي پاڻيءَ جو وهڪرو کاڌ ڪري واهه جي ويڪر کي نه وڌائي سگهي، يعني چيڪي مٽيءَ واري ايراضيءَ مان ڪڍيو ويو آهي مارک واهه جي کوٽائي قيدين ڪئي آهي يا ڇيڙن وسيلي مقامي بااثر ماڻهن وسيلي ڪرائي وئي آهي، اهڙي ڳالهه تر جي وڏي ڄمار ماڻيندڙ خميسي خان ماڇيءَ ٻڌائي. اهو چوي ٿو ته آئون ٻڪريون پيو چاريان، مون مارک جو اوج ڏٺو، ٻنهي ڪپرن تي نار ۽ اوطاقتون نارن سامهون ڳوٺ ۽ پتڻ واريون ٻيڙيون بيٺل ھونديون ھيون، مون ڪيترا ماڻهو ٻانهون هڻي مارک  واھ  تري هن پار ويندي ڏٺا، هو چوي ٿو ته  مارک واهه تمام تکو وهندو هو، جهڙو تهڙو تارو ته پاڻيءَ ۾ لهڻ لاءِ سنڊيندو ئي ڪو نه هو.
ڳوٺ جي بزرگ وڏيرو ارباب لاکو چون ٿا ته آبڪلاڻي واري مند ۾  جڏهن نئون پاڻي وهي ايندو هو ته واهن جا ڳنڍا کولڻ کان اڳ هلڪي ڦلڪي صفائي ڪرائي ويندي هئي، ڪو سَرُ يا ڪانهن واهه جي تري ۾ اڀرندو هو ته ان کي صاف ڪرايو ويندو هو، اها تر جي داروغي جي ذميواري هوندي هئي، اهڙي گهرج پوري ڪري پوءِ اعلان ڪرايو ويندو هو ته هن يا هن ڏينهن تي صبح ويلي يا شام جو ڳنڍو کوليو ويندو. هوڏانهن گهوڙي سوار قاصد به تيار هوندا هئا، هيڏانهن منڍ تي ڳنڍي ۾ لپو لڳو ته قاصد ڀڳو! سندن پيغام مختصر پر واضح هوندو هو ”خبردار! مارک کُلي ويو، پاڻي اچي پيو، اهڙو قاصدن وسيلي اطلاع منڍ کان پڇڙي تائين پهچي ويندو ۽ واهه جو ترو ڇڏي ماڻهو ڀڄي پري ٿيندا هئا.
ياد هجي ته اچ وڃ ۽ بار برادري گهڻو ڪري آبي رستن وسيلي ٿيندي هئي، وڻج واپار به درياهي رستن يا واهن وسيلي ٿيندو هو، نارن تي  هڪ فصلي ٿيندي هئي پر پاڻيءَ لٿي ڪچي ۾ ڪڻڪ، مٽر ۽ تيلي ٻج وڏي مقدار ۾ پيدا ٿيندا هئا. سوين پورهيت ڪچي ۾ سانگ تي اچي ان داڻو گڏ ڪري پنهنجي ماڳن ڏانهن رمندا هئا، درياهه جي ڪنارن وارن شهرن ۾ بندرگاهه پڻ هوندا هئا.
مارک واهه جي کاٻي ڪپ تي کري بندر هو، جتان سنڌ جي ويجهن علائقن ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ خواهه جيسلمر ڏانهن واپاري سامان ٻيڙن وسيلي موڪليندا هئا، شادي مرادي يا غميءَ ۾ ماڻهن جي اچ وڃ ٻيڙن وسيلي مارک واهه مان ٿيندي هئي، لهڙي بندر ٺٽي کان وٺي پنجاب جي مٿين علائقن تائين پنجن ئي درياهن ڏانهن آمدني ۽ روانگيءَ وارو سلسلو هلندو هو. کري بندر نڪرن جي شهر وٽ هو، اتي هڪ وڏي گودي ٿلهي يا دڪي نما ۽ پپر جا گهاٽيءَ ڇانوَ وارا وڻ بيٺل هئا، اهي وڻ ايڏا  وڏا هئا جو ڄڃون هيٺان ويٺون هجنن، ان زماني ۾ درياهي ڪنارن وارا شهر اوج تي هئا.
مارک واهه فقط آبڪلاڻيءَ واري مند ۾ وهندو هو، مارک واهه کي هوت سيال جي ڳوٺ وٽان نور واهه اچي گڏبو هو. نور واهه به درياهي ڍوريءَ مان نڪري هٿرادو کوٽيل ڪڙيا وٺي هڪ پاسي آباديءَ لائق زمينون آباد ڪندو هو ته ٻئي پاسي مارک واهه کي ڀرتي پڻ ڪندو هو، ڄام واهه درياهه مان نڪري نڪرن کان ٿيندو باگي رند، پساين کان ٿيندو سرهاڙي ۽ شاهپور چاڪرتائين ويندو هو.
پر ننڍو مارک پٺاڻن جي ڳوٺ کان نڪري زير پير وٽ اچي مارک واهه سان ملندو هو.مارک واهه تي موجوده محمد علي ترڪ ۽ شير خان مجيداڻي جي ڳوٺ وٽ نارن تي آبادي ڪرڻ وارن آباد گارن جو وڏو مرڪز هو، جتي ترڪن، مجيداڻن ۽ راهوجن جا نار ۽ اوطاقون هيون، اهي سموري هلٽ، ڏاندن ۽ اٺن سميت پوري مند رهندا هئا، اهي نار سندن اوطاقتون به هيون ته مال جا وٿاڻ پڻ هئا.
وڏيري اول ترڪ جي 70 ورهين جي پٽ مير خان ٻڌايو ته ڪڏهن ڪڏهن واڳون به اچي نارن جي پڙوڏن جو پاسو وٺندا هئا، اڪثر ڪتا يا ٻڪريون پاڻي پيئڻ لاءِ لهنديون هيون ته جھٽ هڻي کڻي ويندا هئا. ڪڏهن ته ماڻهن سان به وڙهندا هئا پر ٻيڙن کان ڊڄندا هئا، مهاڻا ونجهن سان هڻي اڌ مئو ڪري ڇڏيندا هئن.
مارک جي ڪاٻي ڪپ تي بچي رند جو ڳوٺ هو، اتان جو هڪ نوجوان ٻڪريون چاريندي ملي ويو، هن کان خبر چار پڇندي سوني خان جي پيءَ جي حوالي سان ٻڌايائين ته هي ملاحن جي گهرن جا نشان ڏس! هتي عرس ناکئو ۽ سندس ڪٽنب رهندا هئا، اهي پاتڻي هئا. پتڻ اڪارڻ لاءِ ماڻهن سان سندن آهت رکيل هوندو هو، عرس جي ماءُ درياهه تان تازا پلا کڻي بچي رند جي هندو شاهوڪار کي ڏيندي هئي، ان ڪري سندس گذر چڱو ٿيندو هو، باقي ان ۾ مال متاع جو گاهه پٺو پتڻ اڪرڻ وارن هارين کان حاصل ڪندا هئا.
مارک جي ساڄي ڪپ تي راهوجا رهندا هئا، اهي زميندار ۽ وڏا ماڻهو هئا، سندن وڏي هلندي پڄندي هئي، انهن جون خاص ٻيڙيون هونديون هيون،  هاري ناري وٽن جام هئا ۽ مال متاع به ججهو هون، وڏيري محمود مون کي سندن اوج واريون ڳالهيون ٻڌايون

Comments

Popular posts from this blog

Aqeel Ahmed Soomro

مسرت ٹالپر: فیچر تاریخی مسجد بھوڈیسر- Musrat Talpur

TWO OLD GOVERNMENT SCHOOLS OF HYDERABAD CITY