Naseer Channa - Profile
Profile is reporting based.
It is describing. how to describe personality. find some uniqueness in personality. Talk to people cl;ose to him,
پرفائيل
It is describing. how to describe personality. find some uniqueness in personality. Talk to people cl;ose to him,
پرفائيل
نصير چنا
2K17/MMC/33
ايم اي پريويئس
مشهور ميمڻ (سماجي اڳواڻ، اديب ۽ شاعر)
دنيا ۾ اهڙيون سوين سماجي شخصيتون آهن جيڪي عوام جي وڌ کان وڌ خدمت ڪن ٿيون ۽ عوام جي مسئلن کي پنهنجا مسئلا سمجي انهن جي حل لاءِ جدوجهد ڪن ٿيون، اهڙن ئي سماجي شخصيت مان هڪ مشهور ميمڻ به آهي، جنهن پنهنجي ذاتي ڪمن کان وڌيڪ عوامي مسئلن کي اوليت ڏيندي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪئي آهي ۽ پنهنجي زندگي جو وڏو حصو عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ گذاريو آهي، هو سماجي اڳواڻ هئڻ سان گڏ اديب ۽ شاعر پڻ آهي، مشهور ميمڻ 1973_9_17 تي دادو ضلعي جي تعلقي خيرپورناٿن شاهه جي قديمي ڳوٺ وئجي شريف جنم ورتو، هو ننڍپڻ کان ئي ذهين، هوشيار ۽ محتني هوندو هو، کيس ننڍپڻ ۾ ئي سماجي ڪمن سان چاهه هوندو هو، هن پنهنجي پرائمري تعليم ڳوٺ وئجي شريف جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي، جنهن بعد 1985 ۾ وئجي شريف مان لڏپلاڻ ڪري سيتاروڊ ۾ رهائش اختيار ڪئي،
هن مئٽرڪ 1989 ۾ سيتاروڊ جي هاءِ اسڪول مان ڪئي، جڏهن ته انٽر 1991 ۾ خيرپوناٿن شاهه ڪاليج مان ڪئي، جنهن کان پوءِ هن بي اي 1995 ۽ بي ايڊ 2001 ۾ دادو مان ڪئي، مشهور ميمڻ 1990 ۾ سيتاروڊ جي سماجي تنظيم سنڌ نوجوان ترقي پسند تنظيم (سنتپت) ۾ شموليت ڪئي ۽ سماجي ڪمن جي باقائدگي سان شروعات ان کان ڪئي،
مشهور ميمڻ ادب ۾ سنڌ جي قومي ۽ مزاحمتي شاعر ۽ ٻرندري ٻرندي لاٽ شاعري مجموعي جي خالق مجبور ميمڻ سيتائي جي سرپرستي هيٺ 1990 ۾ پير پاتو ۽ وکون کڻڻ شروع ڪيون، جنهن بعد 1995_1997 تائين ادبي سنگت سيتاروڊ جي سيڪريٽري طور پنهنجا فرض سرانجام ڏنا، هن سيتاروڊ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ، شهر ۾ صفائي نه ٿيڻ، بند پيل اسڪولن کي کولرائڻ، اسڪولن ۾ سهولتن جي کوٽ، فصلن جا اگهه گهٽ هجڻ، بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ، سڙيل ٽرانسفارمرن جي تبديلي، دادو شگر مل جي بحالي لاءِ سيتا کان پيارو اسٽيشن تائين پيادل مارچ، روڊن، رستن جي مرمت، سيتاروڊ ريلوي اسٽيشن تان بولان مين جو اسٽاپ ختم ڪرڻ سميت سوين مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪري باقائده طور تحريڪ هلائي ۽ شهر جا ڪيترائي مسئلا حل ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو،
مشهور ميمڻ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ ادبي پروگرامن ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي آهي، سندس خدمت جي جذبي کي ڏسي الشفيق ويلفير ايسوسيئيشن ميهڙ پاران ساڻس رهائڻ رچائي وئي، جنهن ۾ کيس سماجي ڪمن بابت جدوجهد ڪرڻ تي شاندار ڀيٽا پڻ پيش ڪئي وئي، سندس شاعري جي حوالي سان 10 شاعرن جو گڏيل مجموعو پانڌيئڙا پيار جا شايع ٿيو، جنهن ۾ سندس شاعري کي تمام گهڻي موٽ ملي، مشهور ميمڻ جا اخبارن ۽ رسالن ۾ سوين مضمون، شاعري ۽ خط پڻ شايع ٿي چڪا آهن، سندس جدوجهد اڃا به جاري آهي، وٽس ٻن ڪتابن جي شاعري جيترو مواد موجود آهي پر وسائل نه هئڻ ڪري هو ڪتاب ڇپرائي نه سگهيو آهي،
هي سيتا سجاڳ فورم ۽ شهري اتحاد جو جنرل سيڪريٽري به رهي چڪو آهي، سندس خواهش آهي ته سنڌ جي بهتر مستقبل لاءِ نوجوان طبقو اڳتي اچي، نوجوان بهتر تعليم حاصل ڪري پنهنجو فرض ادا ڪن ۽ پنهنجي بهتر مستقبل لاءِ جدوجهه ڪري ڪاميابي حاصل ڪن ۽ ڪتابن سان دوستي ڪن.
Comments
Post a Comment