Naseer channa Interview of Waseem Sitai
U sent it after due date
انٽريو
نصير چنا
2K17/MMC/33
ايم اي پريويئس
وسيم آڪاش سيتائي (اديب ۽ شاعر)

سوال
: اوھان شاعري جي شروعات ڪڏھن کان ڪئي؟
جواب:
مون کي ته ائين لڳندو آھي ته شاعري سان عشق منھنجي ھجڻ کان اڳ جو آھي، شاعري
منھنجي پناھگاھ آھي، جتي مان صدين جا ٿڪ ڀڃندو آھيان، مون کي اسڪول واري دور کان
ئي شاعري سان لڳاءُ رھيو آھي، پڙھندو ھيس، ٿورو گھڻو لکندو ھيس پوءِ جيئن به لکبو
ھو لکندو ھيس، جنھن کان پوءِ مون کي باقاعدگي سان لکڻ جو شوق جاڳيو ۽ 2003ع کان
مسلسل لکي رھيو آھيان.
سوال:
ھن وقت سنڌي شاعري ڪٿي بيٺي آھي ۽ ادب ۾ شاعري جي ڪيتري اھميت آھي؟
جواب:
وقت سنڌي شاعري جدت جي راھ تي ھلي رھي آھي، جنھن جون پاڙون پنھنجي ٻولي جي نجپڻي
سان گڏ پنھنجي ڌرتي ۾ کُتل آھن، شيخ اياز کان پوءِ سنڌي شاعري وٽ پنھنجا رنگ، ڍنگ
پنھنجا روپ سروپ آھن، جنھن ۾ سنڌ جي چيڪي مٽي جو ھڳاءُ آھي، جنھن ۾ سنڌ جو ڪلچرل
ورثو، سماجي وارتائون، ناانصافين، بيدادگين سان گڏ نوان نوان اڇوتا موضوع آھن،
جنھن کي ھند سنڌ سميت پوري دنيا ۾ پڙھيو ۽ پسند ڪيو ٿو وڃي ۽
شاعري ادب جي اھم صنف آھي، شاعري ادب جي ماٿي جو سندور آھي، اھا شاعري ئي آھي جنھن
۾ ھر طبقي سان وابسته فرد جي دل جي ترجماني ٿيل ھوندي آھي، شاعري اھا جيڪا پڙھندڙ ۽
ٻڌندڙ جي دل ۾ لھي وڃي.
سوال:
سنڌي شاعري جو شروعاتي دور ڪھڙو آھي؟
جواب.:
اصل ۾ شاعري جي شروعاتي دور بابت ڪا مستند راءِ نه ٿي ڏئي سگھجي، ڇاڪاڻ ته عربن جي
دور کان اڳ جي اسان کي لکت ۾ ڪو به دستاويز يا تاريخ نه ٿي ملي، مان
سمجھان ٿو ته جڏھن کان سنڌي ٻولي آھي تڏھن کان سنڌي ادب به آھي، اھا الڳ ڳالھ آھي
ته ٻولي جا مزاج ۽ لھجا وقت به وقت مَٽجندا رھيا آھن، جيئن موهن جي دڙي جي ٻولي
ڏسبي ته اڄ تائين اُن کي پڙھيو سمجھيو نه ٿو وڃي ته ڇا لکيل آھي، ڀٽائي کان اڳ جي
ٻولي ۽ ڀٽائي جي ٻولي کان ھن وقت جي ٻولي تائين جو فرق به واضح آھي.
سوال:
توھان جي نظر ۾ سنڌي شاعري جو وڏو شاعر ڪير آھي؟
جواب.:
شاعر شاعر ھوندو آھي، ان ۾ ڪو وڏو ننڍو نه ھوندو آھي، پوءِ اھا ھر شاعر جي شاعراڻي
شعور تي آھي ته ھو ڪھڙيون سٽون يا شعر تخليق ڪري ٿو، سنڌي شاعري صحيع معنيٰ ۾ ڀٽائي کان شروع ٿي اياز، ڪشنچند بيوس، نارائڻ
شيام، تنوير عباسي کان امداد حسيني تائين ۽ ان کانپوءِ جديد سنڌي شاعري جي ڊگھي
قطار کان ٿيندي ھيسيتائين پنھنجو ڪامياب سفر جاري رکيو ٿي اچي، تنھن ھوندي به
ڀٽائي ڪلھ جو به جديد شاعر ھيو ۽ ڀٽائي اڄ جو به جديد شاعر آھي.
سوال:
شاعري جي لاءِ اھم صنف ڪھڙي آھي؟
جواب:
شاعري ڪنھن به صنف جي ڪڏھن به محتاج ناھي رھي، ڇو ته شاعري صنفن لاءِ نه پر صنفون
شاعري لاءِ ھونديون آھن، ھن وقت سنڌي شاعري گھڻي قدر پابند صنفن مان نڪري آزاد فضا
۾ اڏرڻ لاءِ پنھنجا پَرَ کنڊيڙي رھي آھي، انڊيا سميت پوري دنيا ۾ وڏي پئماني تي
شاعري نثري نظم ۾ ڪئي وڃي ٿي ۽ پابند شاعري جي صنفن ۾ سڀ کان وڌيڪ غزل لکيو وڃي ٿو.
سوال :
شاعري جو سماج تي ڪھڙو اثر پوي ٿو؟
جواب.:
اھا شاعري ئي آھي جيڪا ون يونٽ واري دور ۾ سنڌي ماڻھن جو وڏو ھٿيار رھي، سنڌي
شاعري جي ذريعي ماڻھن ۾ جوش ۽ خروش پيدا ٿيو، شاعري شعور آھي، شاعري ھڪ اھڙو آئينو
آھي جنھن ۾ سماج جي بد نما چھري کي ويجھڙائي سان ڏسي پسي سگھجي ٿو، شاعري ڏاڍ،
ظلم، بربريت خلاف ھميشه ڪَرَ کنيو بيٺي ھوندي آھي، شاعري حوصلو ھمت ۽ حق وٺڻ جو نالو آھي، شاعري سان ستل قوم کي
ڇھنڊڙي ھڻي جاڳائي سگھجي ٿو.
سوال:
انٽرنيٽ جي ڪري ڪٿي اسان جو نوجوان ادب کان پري ته نه پيو وڃي؟
جواب:
ھي اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا جو دور آھي، خاص طور تي نوجوان گھڻو تڻو وقت انٽرنيٽ کي
ڏئي ٿو، سکڻ واري لاءِ ته انٽرنيٽ تي به گھڻو ڪجھ آھي، ھر ٻولي جو ادب انٽرنيٽ تي
موجود آھي، ھر ٻولي جا آنلائن ادبي ڪتاب، دينوي، دنياوي معلومات، ھر ملڪ جي سماجي
بيھڪ جي مطالعي سان گڏ دنيا ۾ ٿيندڙ انياءُ، ڏاڍ، ظلم، وھشت ۽ دھشت کان باخبر رھي
ٿو ۽ ان کان علاوہ سکڻ سيکارڻ جو به سوشل ميڊيا تي وسيع عمل آھي، اسان جو نوجوان
نسل جو لاڙو ڪتاب پڙھڻ ڏانھن جھڙوڪر آھي ئي نه، ڪتاب شعور آھي ۽ شعور انسان کي
باعلم باعمل ڪري ٿو، سوچ روشن ڪري ٿو، مان ته ائين چوندس ته ٿورو ئي ٽائيم صحيع پر
ڪجھ نه ڪجھ پڙھڻ گھرجي، پوءِ اھو ڪتاب ھجي، ڪا اخبار ڪو رسالو ھجي، پڙھڻ گھرجي.
سوال
: انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب لاءِ ڪيترو ڪم ٿيو آھي ۽ پوري سنڌ اندر ادبي
ايڪٽوٽيز کي ڪئين ٿا ڏسو؟
جواب:
جيئن ته مون پھريون اوھان کي انٽرنيٽ جو ٻڌايو تئين ٻولي جي واڌ ويجھ جو عمل به ھن
وقت پرنٽ ميڊيا سان گڏوگڏ انٽرنيٽ جي ذريعي ئي ممڪن آھي، انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي جو
تمام وڏو ڪم ٿيو آھي، سنڌ سلامت ويب سائيٽ تي سنڌي ادب جا ڪيترائي انمول ڪتاب
آنلائين پيا آھن، جتي آنلائن پڙھي ۽ ڊائون لوڊ به ڪري سگھجي ٿو، اھا سڀ محمد
سليمان وساڻ جي محنت آھي، ان کان علاوہ ماجد ڀرڳڙي، شبير ڪنڀار ۽ انھن جي پوري ٽيم
پنھنجون پوريون صلاحيتون خرچ ڪري سنڌ ۽ سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي وڏي ھَٿي وٺرائي
آھي، ٻيا به ڪيترائي دوست ان عمل جي واڌ ويجھ ۾ جڙيل آھن، جنھن لاءِ ھو جس لھڻن، اڃا
ٻولي تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي ۽ پوري سنڌ ۾ گذريل ٽن چئن سالن کان ادبي پروگرام ٿي
رھيا آھن، وڏي پيئماني تي ادبي ميلا ۽ فيسٽيول ٿي رھيا آھن، دوست ڪم ڪري رھيا آھن،
اسان جي ٻولي پھريون به شاھوڪار رھي آھي ۽ ٻولي جو مستقبل به شاندار آھي.
سوال:
توھان جي پسند جو شاعر ڪھڙو آھي؟
جواب:
ان سوال جو جواب ڏاڍو ڏکيو آھي، بس ايترو چوندس ته سنڌي ٻولي جا سڀ سرجڻھار منھنجا
محبوب سرجڻھار آھن.
سوال:
شاعر ھجڻ سان گڏ ٻيون ڪھڙيون ذميواريون نڀايو پيا؟
جواب:
2015ع کان سنڌي ادبي سنگت شاخ سيتاروڊ جو سيڪريٽري رھيو آھيان، جتي اڄ به پنھنجي
حصي جا فرائض سرانجام ڏئي رھيو آھيان.
سوال :
آخر ۾ نوجوانن کي ڪھڙو پيغام ڏيندا؟
جواب؛
ادب سان سلھاڙيل نوجوان دوستن کي اھو چوندس ته گھڻي کان گھڻو پڙھو ۽ ٿورو لکو، پر
جيترو لکو اھو ڇپيايو ضرور.
Comments
Post a Comment