Naisr Abbas Laskani Article
No heading and topic name
.
What is new info, angle aspect?
This all is already published
, which should be in language in which piece is written
No writers name
هڪ زرعي ملڪ هئڻ سبب
پاڪستان جو آبي نظام دنيا جي بهترين نظامن منجھان هڪ آهي، جنهن کي مختلف دريائن ۽
ڊيمن جو سرشتو وڌيڪ اعليٰ بڻائي ڇڏي ٿو.
چوٽياريون ڊيم به ناهي
نظام جو هڪ حصو آهي، جيڪو سانگهڙ شحر کان 35 ڪلو ميٽر اتر_اوڀر ۾ اڇڙي ٿر ۾ واقع
آهي.
6 ڍنڍن، بقر، اڪنواري،
تجر، ڦليلي، سيري ۽ سائونارو واري علائقي کي سرڪار ۽ عالمي بئنڪ پاڻي جو ذخيرو ڪرڻ
لاءِ ڊيم ۾ تبديل ڪرڻ جو رٿيو، جنهن جو ڪم 1989 ۾ شروع ٿيو ۽ 2002 ۾ ختم ٿيو، ڊيم تي
ٽوٽل لاڳت 6 ارب رپيا آئي هئي. ڊيم ٺاهڻ جو خاص مقصد اڇڙي ٿر جي زمين غيرآباد ٿيڻ
کان بچائڻ هو جنهن لاءِ ليفٽ بئنڪ آئوٽفال ڊرين جو پاڻي هتي جمع ڪيو ويندوآهي.
ڊيم جي ڪل ايراضي 24
هزار 3 سئو ايڪڙ هئڻ سان گڏ ڊيگھ 16 ڪلوميٽر ۽ ويڪر 13ڪلوميٽر آهي.
ڊيم تي پهچڻ لاءِ ٻه
رستا استعمال ڪيا ويندا آهن، هڪ منڍ جمڙائو کان ۽ ٻيو وري سانگھڙ شهر وٽان آهي،
ورلڊ وائيڊ فاريسٽ پاران جاري ڪيل هڪ سروي رپورٽ موجب چوٽياريون ڊيم 14 وڏن ۽ 19
ننڍن مئمل جانورنجو گھر آهي، انهي سان گڏ پکين جا 109، ريڙهيون پائيندڙ جاندارن جا
58 ۽ مٺي پاڻي جي مڇين جا 53 قسم به هتي موجود آهن.
ڊيم ٺهڻ کان اڳ هي
علائقو ڍنڍن سان گھيريل هئڻ ڪري تقريبن آلو رهندو هو، جنهن ۾ دريائي ٻيلا ۽
وارياسيون ڀٽيون هونديون هيون جيڪي پرديسي پکين، هرڻ، واڳون ۽ ٻين کوڙسارن خشڪي ۽
پاڻي جي جاندارن جي آماجگھاهه به آهي.
ڊيم ٺهڻ کانپوءِ انهن
جاندارن جي قدرتي آماجگھاهه ختم ٿعڻ سان گڏ ڀرپاسي ۾ رهندڙ ماڻهن کي به تمام گھڻو
نقصان پهتو آهي، جنهن جي قرباني هنن پنهنجا اباڻا گھر ڇڏي ڏني.
چوٽياري ريسيٽلمينٽ
ايجنسي مطابق ڊيم ٺهڻ کانپوءِ 594 خاندان سڌوسنئون متاثر ٿيا آهن، جن ۾ 205 هاري،
117 زميندار، 168 چوپايو مال پاليندڙ، 21 ملاح ۽ ٻيا خاندان شامل آهن، جڏهن ته اتي
جي برادري جي معزز شخصيتن ۽ تنظيمن انهن انگن اکرن کي رد ڪري چيو آهي ته ڊيم ٺهڻ
بعد سڌوسنئون متاثر ٿيندڙ خاندانن جو تعداد 993 جي لڳ ڀڳ آهي.
Comments
Post a Comment