Mehtab Nabi Shar article

Seems Ok
آرٽيڪل
نالو؛ مهتاب نبي شر
ڪلاس؛ ايم اي پريويس
رول نمبر؛ 2K17-MMC-25
ننڌي عمر جي شادين جو ناثور آخر ڪيئن ختم ٿيندو.؟؟
دنيا اندر پکڙيل مختلف انساني معاشرا مختلف تهذيبن جو آئينو آهن، جتي ڪيتريون ئي ريتون رسمون ايامن کان جنم وٺنديون ڪٿي مٽجنديون ته ڪٿي وري جيئن جو تيئن اڄ به پنهنجي موجوده شڪل ۾ موجود آهن. ان ۾ عجب جهڙي ڳالهه اها به آهي ته انسان ڪيترين ئي بيمارين کي پڻ ويڄن طبيبن بدران ريتن رسمن جي پڙن ۾ اڙائي ان جو علاج ڪري ٿو، جيڪي حقيقي علاج جي بنهه ابتڙ هيون ۽ ايئن اُهي بيماريون هن وقت اسان جي معاشري ۾ وڌي وڻ ٿيل نظر اچن ٿيون، جن جي خاتمي لاءِ نه ڄاڻ ته هن وقت تائين انساني حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ فردن توڙي ٻين ڪيتريون ئي ڪوششون پئي ورتيون پر تنهن هوندي به ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا واري ڪار جيئن جو تيئن وسندي رهي ٿي ۽ انهن بيمارين کي جيئندان ڏيندڙ معاشرو پنهنجي پاند ۾ اڄ به اهي بيماريون ۽ اُهو سڀ ڪجهه کنيو وتي، جيڪو هوند کيس نه ڄاڻ ڪيترا ورهيه اڳ ڇڏي ڏيڻ گهربو هو. ننڍي عمر جون شاديون پڻ اسان جهڙن پٺتي پيل معاشرن جي اهڙي ريت آهي جنهن مان جان آجي ڪرڻ لاءِ ابلاغ جي ذريعن توڙي سياسي سماجي ۽ فلاحي تنظيمن پئي ڪوششون ڪيون آهن پر ان ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪيتري قدر ڪاميابي ملي سگهي آهي، ان لاءِ ٿورو سنڌ جي ٻهراڙين ۾ وڃي هڪ ڀيرو جڏهن عام ماڻهوءَ جي سوچ جو جائزو وٺجي ٿو ته ڄاڻايل مڙني ڪوششن جو نتيجو هوند پٽ تي پيل ملي ٿو. ننڍي ڄمار جي شادين مان پيدا ٿيندڙ نفسياتي بيماريون پڻ ان ريت ۾ ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلندڙ اهڙي بيماري آهي، جنهن ۾ 
معاشري جا اڻ ڳڻيا ماڻهو ورتل آهن. 

پاڪستان سميت سڄي دنيا اندر پيدا ڪيل هٿرادو اڻ برابريءَ جي ڪري ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائي نياڻين جي زندگين کي خطري ۾ وڌو ويندو آهي، هونئن به جيڪڏهن انسانيت جي ناتي ڏٺو وڃي ته مرد وانگر عورت کي به سکڻ ، جيئڻ ۽ بنا ڪنهن خوف جي زندگي گذارڻ جو هڪ جيترو حق  آهي، پر هتي ته سندن زندگيءَ سان ايتري قدر مذاق ڪئي ويندي آهي جو سندن شادي تنهن وقت ۾ ئي ٿي چڪي هوندي آهي جڏهن اهي نه ته جسماني طرح تيار هونديون آهن نه وري نفسياتي طرح، کين گهر جي ذميوارين بابت ڪا به ڪَل نه هوندي آهي، نه وري سهرجاڻن جي اصولن، سس سهري ۽ مڙس جي خدمتن، ذميوارين بابت ڪا ڄاڻ هوندي آهي، سو اهي ڇوڪريون جن جي پنهنجي اڃا کيڏڻ جا ڏينهن هوندا آهن، انهن جي جهولين ۾ ٻار کيڏڻ لڳن ته ڇا اهي صحيح فيصلا ليکيا ويندا.؟ يا اهي ڇوڪريون پنهنجي ٻاراڻي ڳالهين جي ڪري جهيڙن جو سبب بڻجن يا سڀني گهر ڀاتين جي تشدد جو نشانو بڻجن ته ڇا اهو درست آهي.؟ اهڙي صورتحال ۾ انهن لاءِ جيئڻ تمام ڏکيو ٿي پوندو آهي ۽ اهي ننڍي هوندي کان ئي نفسياتي بيمارين ۽ وائڙائپ جو شڪار ٿي وينديون آهن جنهن جي نتيجي ۾ اڪثر ته طلاق ٿي ويندي آهي پر جيڪڏهن سوَن مان ڪا هڪ يا ٻه شادي ڪاميابي وڃي تڏهن به سندن اولاد جي پرورش صحيح طريقي سان ناهي ٿي سگهندي ڇاڪاڻ ته سندن مائرون ننڍي هوندي کان ئي ڄڻ ته عذابن ۾ اچي وينديون آهن ۽ انهن عورتن مان پرورش نالي احساس ئي ختم ٿي ويندو آهي، يعنيٰ والدين ۽ سماج جي اهڙن نامناسب عملن جي ڪري ڪيترائي نسل تباهه ٿي ويندا آهن. 
ڊاڪٽرن پاران ڪيل ريسرچ مطابق ننڌي هوندي جي ٿيندڙ حمل عورتن جي زندگي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو، برطانوي ڊاڪٽرن جي هڪ ٽيم پاران جاري ڪيل پڌرنامي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 20 سالن کان گهٽ عمر واري عورت جا عام ٻار جي پيدائش واري عمل دوران عام طرح کان 5 ڀيرا وڌيڪ مرڻ جا چانس هوندا آهن

اسان وٽ سنڌ سميت سڄي سموري پاڪستان ۾ ننڍي هوندي شادي ڪرائڻ جا مختلف سبب سامهون آيا  آهن، جڏهن ته سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن جنهن ۾ خاص ڪري خيرپورميرس، شڪارپور، گهوٽڪي، بدين ۽ دادو سميت ٻيا ڪيترائي ننڍا وڏا ڳوٺ ۽ شهر اچي وڃن ٿا اتي قبيلائي جهيڙن جي ڪري سڱ چٽيءَ عيوض ڏنا ويندا آهن ان جي ٻين سببن ۾ غربت، تعليم جي گهٽتائي، مذهبي پابنديون ۽ روايتون ته شامل آهن پر ان کان علاوه حڪومت پاران قانوني ريايتون، ٻارن جا غيرذميواريءَ سان لکيل جنم ڏينهن ۽ تاريخون پڻ اهڙن واقعن جو سبب بڻيل آهن جيڪي شاديءَ جي وقت اهڙن واپاري قسم جي والدين کي غلط بيانيءَ ۾ مدد ڏينديون آهن نه رڳو ايترو پر حڪومت پاران شاديءَ جي معاملي ۾ ٻارن لاءِ اڄ تائين ڪو ڪارائتو مانيٽرنگ سسٽم به نه ٺاهيو ويو آهي جنهن جي ڪري اهڙي ناقص قسم جي رواج کي هٿي ملي رهي آهي 
 سنڌ حڪومت پاران سنڌ اسيمبليءَ مان اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ سخت قانون ضرور ٺاهيو ويو آهي پر تنهن هوندي به ان تي ڌيان ڏيڻ ۽ عمل ڪرائڻ جي سخت ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ 7 کان 8 سالن جي معسوم نياڻين جا وڏيرڪي فيصلن عيوض نڪاهه ڪرائي نه صرف انهن جي زندگي تباهه ڪئي ويندي آهي پر ان سان گڏوگڏ قانون جي لتاڙ پڻ ڪئي ويندي آهي، تازو ئي پڌري ڪيل رپوٽ موجب پاڪستان سميت دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ هر 7 سيڪنڊن جي دوران 15 سالن کان گهٽ عمر واري ڇوڪريءَ جي شادي ڪرائي ويندي آهي.!

هڪ بين الاقوامي رپوٽ مطابق پاڪستان ۾ ننڍي عمر جي ٻارن جي شاديءَ جا سڀ کان وڌيڪ واقعا 2002ع ۾ ظاهر ٿيا، جن ۾ گھڻائي سنڌ ۽ پنجاب جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن جي هئي. جنهن دوران سنڌ ۽ پنجاب جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ والدين پاران وڪرو ڪري سندن ننڍي عمر ۾ شاديون ڪرايون ويون جن جو سبب انتهائي غربت هئي،

مارچ 2004ع ۾ دادو ۾ اهڙو واقِعو پيش آيو جنهن ۾ 7 سالن جي نياڻي جنهن جو نالو اختياران هو تنهن کي والد پاران پئسن عيوض وڪرو ڪري 35 سالن جي ماڻهوءَ سان شادي ڪرائي هئي، پر بعد ۾ نياڻيءَ جي والده پاران ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ويي هئي جنهن تي ڪورٽ سڳوريءَ کيس بازياب ڪرائي سندس حفاظت ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو. اهڙو ئي هڪ ٻيو واقعو خيرپورميرس ۾ 3 سال پهريان ٿيو هو جنهن ۾ والد پاران پنهنجي 12 سالن جي نياڻيءَ نالي عائشه کي پئسن عيوض وڪرو ڪري سندس شادي 30 سالن جي ماڻهو سان ڪرائي وئي هئي، جيڪو پهريان پڻ شادي شده هو، تازن رپوٽن موجب گذريل سال 2016ع ۾ پاڪستان ۾ 24 سيڪڙو نابالغ ڇوڪرين جو شاديون ڪرايون ويون جن مان 18 سيڪڙو جو تعلق ملڪ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۽ 6 سيڪڙو جو تعلق شهري علائقن سان هو، ڏٺو وڃي ته اهڙن رواجن کي ختم ڪرڻ لاءِ فيملي پلاننگ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته هتي نه رڳو غربت جو مسئلو آهي پر تعليم جي کوٽ ۽ عورتن جي گهڻائيءَ جي ڪري والدين پاران کين مجبوريءَ ۾ شادي شادي ڪرائڻي پوي ٿي، جنهن ڪري نياڻين کي تعليم ڏيارڻ وقت جي سخت ضرورت بڻجي چڪي آهي.

Comments

Popular posts from this blog

TWO OLD GOVERNMENT SCHOOLS OF HYDERABAD CITY

Aqeel Ahmed Soomro

مسرت ٹالپر: فیچر تاریخی مسجد بھوڈیسر- Musrat Talpur