Interview by Atta Memon - Sindhi



نالو: عطاءُالله ميمڻ – ڪلاس: ايم اي - رول نمبر: MMC-14

سنڌ ۾ تعليم جي تباهي جو اصل ڪارڻ پلاننگ نه هئڻ آهي: سيد نياز شاهه بخاري
اسان وٽ ايم فل پاس پروفيسر هڪ سبجيڪٽ ۽ انٽر پاس پرائمري استاد 7 سبجيڪٽ پڙهائي ٿو، اهڙي معيار تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي
سنڌ جي ناليواري استاد ۽ تعليم ماهر سيد نياز شاهه بخاري سان ڪيل ڳالهه ٻولهه

انٽرويو: عطاءُالله ميمڻ

سيد نياز شاهه بخاري سنڌ ۾ تعليم جي بهتري لاءِ ڪيترن ئي سالن کان جاکوڙي رهيو آهي، تعليم کاتي سان تعلق هئڻ سبب سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيترائي پروگرام منعقد ڪرايا آهن، نه رڳوايترو پر سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ جديد تعليم متعارف ڪرائڻ خاطر پرڏيهي جا دورا ڪري اتي ٽريننگ پڻ حاصل ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ انهي جي بنياد تي سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا اٿس، سيد نياز شاهه بخاري کي حيدرآباد ريجن ۾ تعليم جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ تي هاءِ اچيومينٽ ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو آهي، ان سان گڏ پارٽنر ايجوڪيشن تحت کيس 3 ڀيرا لنڊن اسڪولن جو تعليمي مشاهداتي وزٽ ڪرايو ويو، جڏهن ته ترڪي ايران، عراق ۽ سعودي عربيه جي اسڪولن جو به معائنو ۽ اتان جي تدريسي طريقن جو به مشاهدو ڪيو آهي،ساڻس سنڌ ۾ تعليم جي صورتحال بابت ڪيل ڳالهه ٻولهه هيٺ پيش ڪجي ٿي.
سوال.: اهي ڪهڙا ڪارڻ آهن جو تعليم کاتي ۾ هيڏا سارا وسيلا ڪتب آڻڻ باوجود سنڌ جي سرڪاري اسڪولن جو تعليمي معيار بهتر نه ٿي رهيو آهي ؟
جواب: منهنجي خيال ۾ ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ ڪميونيڪيش گيپ آهي، تعليم وارو وزير ۽ تعليم وارو سيڪريٽري رڳو آفيسن ۽ آفيسرن تائين محدود آهن، اهي اسڪولن جي بنيادي ضرورتن کان اڻواقف آهن، نصاب  کان اڻڄاڻائي ۽  بهتر پلاننگ   نه هئڻ سبب اڃان تائين سرڪاري اسڪولن جي صورتحال بهتر نه ٿي سگهي آهي، اسڪول ليول تائين وقت سر اهم ۽ ضروري شيون يا اسٽاف توڙي امداد جو نه هئڻ، سياسي مداخلت ۽ مدي خارج نصاب جنهن ۾ استاد جي ڪا به راءِ شامل ناهي هوندي، اهي بنيادي ڪارڻ آهن جيڪي سرڪاري اسڪولن جي ڪارڪردگي سڌارڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن، بدقستمي سان اسان وٽ نصاب اهي ماڻهو ٺاهين ٿا جن ڪڏهن سنڌ جي مختلف جي سرڪاري اسڪولن ۽ اتان جي ماڻهن جي بنيادي تعليمي ضرورتن جو اڀياس ئي نه ڪيو آهي رڳو آڪسفورڊ جي نصاب کي ڪاپي پيسٽ يا ٽرانسليٽ ايئر ڪنڊيشن روم ۾ ويهي تيار ڪرائڻ سان حقيقي تعليمي سڌارا نه ايندا.
سوال: اوهان نٿا سمجهو ته صوبائي تعليم کاتي پاران ڌيان نه ڏيڻ ڪري پرائيوٽ اسڪولن هڪ مافيا جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي ؟
جواب: اها به هڪ حقيقت آهي ته جيڪڏهن اسان جي صوبي ۾ پرائيوٽ اسڪول نه هجن ته سرڪار وٽ ايترا وسيلا نه آهن جو هو صوبي جي سڀني ٻارن کي تعليم ڏيئي سگهي، هن وقت جيترا سرڪاري توڙي پرائيويٽ اسڪولن ۾ ٻار پڙهي رهيا آهن انهن کان به سوايا ٻار آئوٽ آف اسڪول آهن اهڙا انگ اکر ملڪي ۽ بين الاقوامي ادارن جي سروي رپورٽن ۾ پڌرا ٿي چڪا آهن، ٻئي ڳالهه اها آهي ته اسان جي سرڪار پاڻ هر سطح تي پنهنجا عيب ۽ گناهه لڪائڻ لاءَ استاد ۽ اسڪولن کي ايترو بدنام ڪيو آهي جو ماڻهن جوخاص طور تي وڏن ۽ سفيد پوش ماڻهن پنهنجن ٻارن کي غريب جي ٻار کان پري رکڻ لاءِ پرائيوٽ اسڪولن جو وڏي تعداد ۾ رخ ڪيو آهي، اهڙي ريت نجي اسڪولن جي مارڪيٽنگ زور وٺي وئي ۽ انهن اسٽينڊر جي متلاشي وڏن ماڻهن کي مڏي ڇري سان ڪهڻ جو سلسلو جاري رکيو ۽ انهن پرائيوٽ اسڪولن کي اسان جي تعليم کاتي ۽ حڪمرانن جو آشيرواد به حاصل رهيو آهي.
سوال: پرائيويٽ اسڪولن جي رجسٽري، ضابطا، فيس، نصاب جو معيار ۽ ٻيا معاملا ڪنهن جي نگراني ۾ طئه ڪيا ويندا آهن ؟
جواب: پرائيوٽ اسڪولن جي منظوري به اسان جي صوبائي حڪومت تعليم کاتي جي وزير ۽ سيڪريٽري جي منظوري سان ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ اسڪول جي رجسٽري کان اڳم اسڪول جي  عمارت، ڪلاس رومز جو تعداد، سائنس ليب، لائبريري، پلي گرائونڊ، هوا دار روشن ماحول ڇوڪرن ڇوڪرين جا الڳ الڳ واش رومز ۽ ٻين بنيادي ضرورتن کان علاوه هائي ڪواليفائيڊ استاد ۽ غريب هوشيار شاگردن جو ڪل داخلا جي تناسب سان انهن جو فيصد فري تعليم ڏيڻ سان گڏ قومي نصاب پڙهائڻ جهڙيون شرطون شامل هونديون آهن پر جيڪڏهن اسان انهن اسڪولن جي عمارتن، استادن ۽ فين اسڪول جي ڊريس کان ويندي ڪتاب، بوٽ، جراب، ڪاپي، پين، پيپر ۽ ٻين شين جي خريداري به شاگرد کي اسڪول مان ڪرڻي آهي ته لازمي آهي اهڙيون شقون اسڪول انتظاميه پنهنجي مرضي سان ته شامل نه ڪندي هوندي ان ۾ تععليم کاتي جا آفيسر ملوث ٿي سگهن ٿا، هن وقت نجي اسڪول اسان جي قومي تعليمي نظرئي ۽ پاليسي جي ابتڙ پنهنجي مرضي جو نصاب پڙهائي رهيا آهن پر اسان جي تعليم کاتي جو ڌيان ان پاسي آهي ئي ڪونه اسان جي ملڪي آئين ۾ متفقه منظور ٿيل آهي ته سموري ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نصاب ۽ نظام قائم ڪيو ويندو پر 70 سالن ۾ انهي تي عمل نه ڪيو ويو آهي جنهن مان اسان جي  حڪمرانن ۽ تعليم کاتي سان محبت ۽ ان ۾ اصلاح بهتري ڪرڻ جو اندازو ڪري سگهجي ٿو اهي وڃي ئي نه ٿو، جيڪڏهن ضابطن تي عمل ٿئي ته 80 سيڪڙوکان وڌيڪ پرائيوٽ بند ٿي ويندا ..
سوال: اوهان لنڊن سميت ٻين ملڪن جي اسڪولن جا دورا ڪيا آهن، انٽرنيٽ ذريعي انهن سان رابطي ۾ رهيا آهيو اتان ۽ سنڌ جي تعليم ۾ اوهانکي ڪهڙو فرق ڏسڻ ۾ آيو آهي؟
جواب: ترقي يافته ۽ ترقي پذير ملڪ انهي ڳالهه کان بهتر طورتي واقف آهن ته تعليم کان سواءِ ترقي ناممڪن آهي جنهن ڪري هو پنهنجي ملڪ جي بجيٽ جو وڏو حصو تعليم تي خرچ ڪن ٿا هنن جو سمورو تعليمي نظام هڪجهڙو ۽ پنهنجي مادري ٻولي آهي، ان کان علاوه اتي بنيادي يعني پرائمري تعليم ڏيڻ لاءِ اعلي تعليم يافته استاد ، هر ڪلاس جو اسٽينڊر 20 کان 25 شاگردن تي مشتمل هوندو آهي هر سبجيڪٽ جو ٽيچر الڳ ۽ ان سان هڪ اسسٽنٽ ٽيچر مقرر ڪيل هوندو آهي ان کان علاوه اتي اسپورٽس ٽيچر، ميوزڪ ٽيچر، فزيڪل انسٽريڪٽر ٽيچر، نفسيات جا ٽيچر ۽ سلو لرنرس شاگردن کي پڙهائڻ لاءِ تجربيڪار پروفيسر استاد مقرر ڪيل هوندا آهن، جڏهن ته اسڪول مٿان مقرر آفيسر ان علائقي جي ميونسپل ڪارپوريشن، سماجي تنظيم ۽ والدين هر هفتي پلاننگ جو جائزو وٺندا آهن هر اسڪول جي هيڊ ۽ استاد گڏجي ان تي عملدرآمد جو جائزو وٺندا آهن اتي اسڪول جو ٽائيم به شام جو 4 بجي تائين هوندو آهي شاگردن جي ماني کان ويندي نصاب ۽ ٻين شين کان علاوه ٽرانسپورٽ فري هوندي آهي ۽ اهي اسڪول پنهنجي انتظاميه کي فقط ضرورتن بابت ميل تي آگاهي ڏيندا آهن ۽ ٽائيم تي هر ضرورت پوري ٿيندي آهي ۽ ٻين تدريسي مددگار شين لاءِ وڏي بجيٽ رکيل هوندي پر اسان وٽ انهن سڀني شين جي ابتڙ آهي، هتي پروفيسر ايم فل جي ڊگري وارو هڪ سبجيڪٽ پڙهائي ٿو ۽ انٽر پاس پرائمري استاد  7 سبجيڪٽ پڙهائيندو آهي، بلڪه هڪ ٽيچر اسڪول ۾ پهرين کان پنجين درجي تائين جي شاگردن جن جو تعداد مجوعي طور تي هڪ سئو کان وڌيڪ هوندو آهي ۽ اسڪول جي بجيٽ 22 هزار روپيه ساليانو 1830 روپيه مهينو جنهن ۾اسڪولن ۾ فرنيچر جي مرمت، صفائي لاءِ سوئيپر، تدريسي سامان، قومي مذهبي ۽ ٻيا ڏهاڙا، رجسٽرڊ حاضرين جا ڪتاب، رزلٽ شيٽون، چاڪ، اسٽيشنري، روزانو انفرميشن ۽ انهن جا 4 سيٽ فو ٽو ڪاپيز ۽ ٻيو گهڻو سامان اڄي وڃي ٿو ۽ دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته هيڊ ماستر الائونس وري 60 روپيه مقرر آهي هاڻي هر باشعور ماڻهو اندازو ڪري سگهي ٿو جنهن اسڪول ۾ سوين شاگرد هجن انهن جون ضرورتون ڪيتري قدر سرڪاري فنڊ مان پوريون ٿي سگهن ٿيون انهي مان اوهان کي بهتر فرق معلوم ٿي سگهي ٿو اسان وٽ تمام گهڻا ذهين شاگرد آهن پر انهن کي اهي سهولتون ميسر نه آهن جيڪي انهن کي مقابلي لاءِ تيار ڪري سگهن.
سوال: حڪومت سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن جي حاضري کي يقيني بنائڻ لاءِ وظيفا ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي ڇا ان عمل سان ڪجهه بهتري آئي آهي ؟
جواب: اسان جي ملڪ ۾ جيئن ته طبقاتي تعليم آهي غريب پورهيت هاري ڪلرڪ خود استاد ۽ ٻيو وائيٽ ڪالر ملازم جي اولاد لاءِ ميٽرڪ يا وڌ ۾ انٽر تائين رسائي ممڪن آهي يونيورسٽيز ۾ اهي ماڻهو پنهنجي اولاد کي داخل ڪرائڻ جي سگهه نٿا رکن ۽ غريب ماڻهن جو ته تعليم پاسي ڌيان رشوت ڪرپشن ۽ اقربا پروري سبب ختم ٿيندو پيو وڃي هتي ته نوڪري به يا ته سفارش يا وري ڏوڪڙن تي ملي ٿي، ان لاءِ غريب ماڻهو جي سوچ رڳو بنيادي يعني پرائمري ليول تائين محدود رهجي وئي آهي ان جو اندازو اوهان ڪريو ته پرائمري تائين اسان جي اسڪولن ۾ سٺي انرولمينٽ هوندي آهي پر مڊل ۽ هاءِ اسڪول تائين انرولمينٽ پرائمري جي مقابلي ۾ 20 فيصد هوندي آهي انڪري حڪومت ان بدنامي کان بچڻ لاءِ اسڪالرشپ جي مد ۾ وظيفا ڏيئي سسٽم جو ڀرم رکيو اچي پر انهي رقم مان جيڪڏهن اسڪولن ۾ هنري سکيا جا مرڪز کولي ته اوهان ڏسندا ته اسان جي مڊل ۽ هاءِ اسڪولن ۾ داخلا جي جاءِ نه ملندي موجوده تعليمي نظام ۾ عوام کي پنهنجي ٻارن جو مستقبل اونداهو ڏسڻ اچي ٿوانڪري والدين بيڪار کان بيگار ڀلي تحت اهڙي وظيفي تحت ڪم هلائين پيا .
سوال.: اسان وٽ عام تاثر اهو آهي ته سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جي تباهي جو ڪارڻ استاد  آهن، جيڪي ڊيوٽيون نٿا ڪن ۽ ٻيا وري سياست جي ور چڙهيل آهن انهي تي ٿوري روشني وجهو ؟
جواب: انهي سوال جي جواب ۾ آئون اهو چوندس ته سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جي تباهي جو زميوار رڳو استاد کي قرار ڏيڻ غلط آهي جنهن اسڪول ۾ بنيادي ضرورتون نه هجن ۽ ان اسڪول ۾ ڀرتي ڪيل استاد کي سنڌي ٻولي  پڙهائڻ ته پري ڳالهائڻ به نه اچي ته اهي اسڪول ڪيئن تعليم ڏيندا، اسان  جي صوبي ۾ اردو ۽ سنڌي اسڪول آهن پر اسان جي تعليم کاتي پاران جڏهن نوڪريون ڏنيون وينديون آهن ان وقت سنڌي اردو اسڪولن جا انگ اکر پڌرا نه ڪيا ويندا آهن نتيجي ۾ شهرن سان تعلق رکندڙ اردو ڳالهائيندڙن جي اڪثريت اچي وڃي ٿي جن کي شهرن يا ٻهراڙين جي اسڪولن ۾ رکيو ويندو آهي ته پوءِ اهڙي قسم جي صورتحال پيدا ٿيندي آهي ٻيو حصو اوهان جي سوال جو ته استاد ڊيوٽي نٿا ڪن ته ان جي جواب ۾ آئون اهو چوندس ته اڄ ڪلهه جيترا ڇاپا جوا منشيات جي اڏن تي نٿا لڳن ايترا اسڪولن تي اسان جي عدليه، بلدياتي ادارا، روينيو کاتي وارن کان پوءِ تعليم کاتي جا هيڪاندا آفيسر سپر وائيزر ۽ تازو مانيٽرنگ ٽيمون به مقرر ڪيون ويون آهن پر تنهن باوجود گهوسٽ ٽيچر نٿا لڀن؟ چا انهن وٽ ڪا سليماني ٽوپي آهي جو هيڏي وڏي لوڌ مانيٽرنگ ڪري پئي پوءِ به ڪي نتيجا نه پيا اچن، اهو هُل سنڌ جي با ضمير استادن کي بدنام ۽ بد زن ڪرڻ لاءِ هلايو ويو جيئن سموري قوم ان لڙ ۾ لڳي وڃي ۽ پويان شاهينگ ساري  تعليمي بجيٽ چٽ ڪن، با قي رهي سياست ته جيڪڏهن حڪومت ۽ آفيسر استادن جو هر جائز حق وقت سر انهن کي ڏين ته تنظيم جو وجود ئي ختم ٿي ويندو۽ ٻئي سياست ته اهي استاد ڪري سگهن ٿا جيڪي وڏن گهرن سان تعلق رکن ٿا ۽ ايم پي اي يا ايم اين ايز جا مائٽ يا ماڻهو هجن عام استاد ته پنهنجي ديوٽي ۽ ٻچن جي ضروريات ۾ پورو آهي جنهنکي ايترو وقت ئي نٿو ملي جو هو ڪنهن سياسي پارٽي ۾ شموليت ڪري .
سوال: سنڌ جي ٻهراڙين ۾ سرڪاري اسڪول وڏيرن جي اوطاقن ۽ مال جي واڙن ۾ تبديل ٿيل آهن اهو سلسلو ڪيئن بند ٿي سگهي ٿو ؟
جواب: انهي جو حل بنهه سولو آهي اسڪول سياسي رشوت يا وڏيرن جي چوڻ بجا اتي ٺهرايا وڃن جتي انهن جي ضرورت هجي ۽ جتي به ڪنهن وڏيري ان اسڪول تي قبضو ڪري ويٺو آهي ۽ اتي ٻار به نه آهن ان وڏيري خلاف ڪيس داخل ڪن ۽ ان کان اسڪول جي عمارت جو معاوضو به وٺي سگهجي ٿو پر اسان جي حڪومت ائين ڪڏهن به نه ڪندي ڇو جو اسان وٽ اسڪول به سياسي رشوت طور ۽ وڏيرن کي ووٽ ڏيارڻ جي بنياد تي ٺهرايا ويندا آهن جتي ٻار هوندا ئي ناهن رڳو وڏيري يا ان جي ابي ڏاڏي جي نالي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اسڪول ٺهرايا وڃن ٿا .
سوال: اوهان جي نظر ۾ اهي ڪهڙا قدم آهن جنهن  تي سرڪار جيڪڏهن عمل درآمد ڪري ته  سنڌ جي سرڪاري اسڪولن جو تعليمي نظام بهتر ٿي سگهي ٿو؟

جواب :سڀ کان پهريون قدم سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ ۽ ڪرپشن جو خاتمو  آهي، ان کان پوءِ هيڪاندن آفيسرن کي هٽايو وڃي اسڪولن جي عمارتن جي اڏاوت ۾ ناقص مٽيريل جي استعمال تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي، هر اسڪول ۾ هم نصاني سرگرمين لاءِ ننڍا هال هجن، هر اسڪول ۾ سوئيپر، مالهي، چوڪيدار ۽ پٽيوالا ڀرتي ڪيا وڃن  ۽ ٻيون  بنيادي ضرورتون بجلي، فرنيچر ڪتابن جو وقت سر ملڻ، پرائمري اسڪولن ۾ سبجيڪٽ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ گهرجن سنگل ٽيچر اسڪولن کي فيڊنگ اسڪول قرار ڏنو وڃي ۽ 5 کان 10 ڳوٺن جي وچ تي هڪ سيڪنڊري اسڪول قائم ڪيو وڃي اسڪول استاد ۽ آفيسر جو رابطو سنڌ جي اسڪولن کي سياسي  دٻاءِ کان آجو ۽ اسڪول کي با اختيار بڻايو وڃي امتحانن ميٽرڪ تائين ضلعي ليول تائين ورتا وڃن  بورڊ  کي انٽر ليول کان پوءَ اسڪولن ڪاليجن  ۾ پڙهايل نصاب مطابق پيپر تيار ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، هر ٽن مهينن کان پوءِ استادن جي پڙهايل ڪم جو جائزو ورتو وڃي بهترين استادن کي تعلقي ضلعي ڊويزن ۽ صوبائي ليول تي مڃتا ايوارڊ ڏنا وڃن استادن جي اولاد ۽ غريب شاگردن کي يونيورسٽي تائين مفت تعليم ڏني وڃي، هر اسڪول ۾ هيڊماستر کي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي سهولت ڏئي ڊائريڪٽ رابطو رکيو وڃي، سموري صوبي ۾ هڪجهڙو تعليمي نصاب هجي پرائمري ۾ ٽئين درجي کان پوءِ انگريزي ۽ ٻيا سبجيڪٽ پڙهايا وڃن، اسڪولن ۾ ڪو ايجوڪيشن سسٽم لاڳو هجي استاد به ساڳي طرح گڏيل هجن  ،استادن کي اجاين ونگاري ڊيوٽين کان آجو ڪيو وڃي هر ملازم جو ڪمپيوٽر ريڪارڊ مرتب ڪيو وڃي.

Comments

Popular posts from this blog

Aqeel Ahmed Soomro

مسرت ٹالپر: فیچر تاریخی مسجد بھوڈیسر- Musrat Talpur

TWO OLD GOVERNMENT SCHOOLS OF HYDERABAD CITY