Interview by عرفان گبول




عرفان گبول ايم. اي پريويس، ايم ايم سي.  رول#20 انٽرويو

اديب ۽ شاعر وسيم گبول کان انٽرويو
سوال: اوهان جو تعارف؟
جواب: منهنجو پورو نالو وسيم گبول آهي، آئون 1983ع ڌاري گهوٽڪي ضلعي جي تعلقي ميرپورماٿيلي ڀرسان ڳوٺ مير خان گبول ۾ محمد صالح گبول جي گهر جنم ورتو، مون ابتدائي پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي، ان کانسواءِ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جروار مان پڻ حاصل ڪيم، ان کان بعد انٽرميڊيٽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ميرپورماٿيلو ۾ پڙهي، جڏهن ته وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آئون شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس ۾ داخلا ورتي، جتان ايم اي سوشالاجي ۽ ايم اي سنڌي وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي ورتي.

سوال: توهان ادبي دنيا ۾ ڪڏهن کان پير پاتو؟
جواب: جڏهن کان سمجهه ڀريا ٿياسين، تڏهن کان ادب سان تعلق ڳنڍيو آهي، ننڍپڻ کان ئي منهنجو ادب سان چاهه رهيو آهي، ان کانسواءِ شروع کان منهنجي دوستن جو حلقو به ادب جي دنيا سان سلهاڙيل رهيو، جنهن ڪري ادبي دوستن سان گڏجي زندگي جا ڏينهن گذارڻ دوران به ادب سان واسطو گهرو ٿيندو ويو.

سوال: اوهان ادب جي دنيا ۾ شاعري کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: ادب جي وسيع ۽ وشال دنيا آهي، جنهن ۾ شاعري پنهنجي الڳ حيثيت رکي ٿي، جيڪو ذهني، انسان جي اندر ۽ قلم جو پورهيو، ڀوڳنا ۽ دردن جي پيڙاءُ پڻ آهي، جڏهن ته شاعري هڪ اهڙو قلمي پورهيو آهي، جو ڏات ڌڻي پنهنجي قلم جي نوڪ سان پنهنجي ذات کان وٺي معاشري جي داخلي ۽ خارجي احساسن، جذبن ۽ سماجي براين تان پردو لاهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو آهي، جيڪو پڻ اظهار جو هڪ ميڪنزم آهي.

سوال: سنڌي ادب ۾ شاعري جي ڪهڙي صنف کي وڌيڪ اهميت حاصل آهي؟
جواب: شاعري هڪ اظهار جو نالو آهي، ان اظهار کي مختلف طريقن سان بيان ڪيو ويندو آهي ۽ انهن طريقن کي صنف چيو ويندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو شاعري جي صنفن بابت اهم ۽ غيراهم واري معاملي جي ڪابه ڀيٽ نه ٿي ڪري سگهجي، جيئن ڪوبه ڪتاب خراب ناهي هوندو، اهڙي طرح شاعري جي ڪابه صنف سٺي يا خراب ناهي ٿيندي، ڇوجو صرف ۽ صرف احساسن جي اظهار ڪرڻ وارا طور طريقا بهتر هجڻ گهرجن.

سوال: سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي ۾ سڀ کان وڏو شاعر ڪهڙو آهي؟
جواب: سنڌي ادب ۾ سڀ کان وڏو شاعر، شاعري جو تاج ماڻيندڙ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه آهي، جنهن سنڌ سميت عالم انسان جي بقا لاءِ دعا پڻ گهري آهي. ان کانسواءِ سسئي پنهون، مومل راڻي، عمر مارئي ۽ ليليٰ چنيسر سميت ٻين سورمين کي شاهه ڳايو آهي ۽ انسان جي اهميت توڙي انسان جي اندر ۽ مالڪ حقيقي جي سمورن رازن ۽ گسن جي حوالي سان ڀٽائي گهڻو ڪجهه هن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سوڌو سموري دنيا جي عالم انسانيت کي ڏنو آهي، جيئن لطيف سرڪار جو اهو عام شعر آهي ته،
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺار دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين...

سوال: اسان جو نوجوان نسل ادب کان پري ڇو ٿيندو پيو وڃي؟
جواب: ادب کان اسان جي سماج جي نوجوانن جو پري ٿيڻ وارو سوال انتهائي اهم ۽ ڏکوئيندڙ آهي ۽ ان سوال جا انيڪ سبب آهن، اسان جي سماج ۾ زندگي جو دارومدار اهو انتهائي غربت واري ليڪر کان به هيٺ زندگي گذري رهي آهي، ٻيو ته تعليم جو نسبت تمام گهٽ آهي، بلڪه نه هجڻ برابر، جتي اسان جو نوجوان جبلتن جو پورائو ۽ پيٽ پالڻ لاءِ جتن پيو ڪري، اهڙي سماج ۾ ادب ته پري جي ڳالهه آهي.

سوال: اوهان جي نظر ۾ سنڌي ادب کي وڌيڪ ترقي ۽ مڃتا ڪيئن وٺرائجي؟
جواب: سنڌي ادب جي ترقي لاءِ سنڌ جي سمورن اديبن، دانشورن، شاعرن، تعليمي ماهرن، ساڃاهه وندن ۽ خاص طور تي صحافي دنيا جي ماڻهن کي اڳتي اچڻو پوندو، ادب جي سمورن معاملن تي هر طرح جي نت نئين کوجنا ڪرڻي پوندي، ان کانسواءِ اسان جي سماج جي نئين نسل کي به اڳتي اچڻو پوندو، ڇوته ترقي جو ضامن نوجوان نسل به هوندو آهي، جيڪو پنهنجي ڪلهن تي وزن کڻي ٿو، ان کانسواءِ ادبي سنگت جي اداري کي به پنهنجون ذميواري ايمانداري، جرئتمندي ۽ سچائي سان نڀائڻ گهرجن، ڪرپٽ ماڻهن کي گهر ڀيڙو ڪيو وڃي ۽ حقيقي ادب دوستن کي اڳتي آڻي کين ادب جي ترقي لاءِ موقعا فراهم ڪيا وڃن.

سوال: توهان جو پسنديده شاعر ڪهڙو آهي؟
جواب: هونئن ته شاعري اندر جي اڌمن جي اظهار جو هڪ نانءُ ۽ ذريعو آهي، ادب ۽ شاعري جي دنيا ۾ ڪيترائي شاعر، تخليقار ۽ ڏات ڌڻي ٿي گذريا آهن ۽ جنم به وٺندا رهن ٿا، پر شاعرن ۾ منهنجا پسنديده شاعرشاهه، سچل، سامي، اياز، راشد مورائي، شمشيرالحيدري ۽ حليم باغي آهن، جنهن پنهنجي سماج جي دردن جو درمان بڻجي انهن جي ڏکن کي شاعري جي ڏات وسيلي قلمبند ڪري هڪ انوکي تاريخ رقم ڪئي آهي.

سوال: اڄ جي سنڌي شاعري کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: اڄڪلهه جي شاعري اڪثر طور تي تخليق بدران ڪاپي پيسٽ جي هلي رهي آهي ۽ اهڙي شاعري ۾ ڪنهن به قسم جي سنجيدگي نظر ڪانه ٿي اچي، ان کانسواءِ اهڙو ڪوبه درس نه ٿو ملي، جنهن درس جو تعلق ڪنهن نظريي، ڪنهن سٺي تعميري سوچ سان سلهاڙيل هجي، جڏهن ته اڄوڪي ٿيندڙ ڪيسٽي شاعري جي دنيا ۾ وري راڳي به اهڙا آهن، جن کي راڳ، ويراڳ ۽ ساز و سروز جي بڻ بڻياد جو ڪو پتو ئي ناهي ۽ مارڪيٽ اندر ويٺل اهڙيون نقلي ڌريون يا ڪمپنيون نڪري پيون آهن، جيڪي ڪيسٽ رليز ڪرڻ جي زماني کان وٺي اڄ جي سي ڊي رليز ڪرڻ واري دور تائين صرف ۽ صرف انهن ڪاپي پيسٽ شاعرن ۽ راڳين کي ئي اهميت ڏني آهي، باقي جيڪي تخليقار ۽ ڏات ڌڻي آهن، اهي ڪنڊائتو بڻجي ويا آهن ۽ اهي پنهنجون تخليقون غربت سبب ڇپرائي مارڪيٽ ۾ به آڻڻ لاءِ سخت ڀوڳنائن جي ورچڙهيل آهن.

سوال: ماضي ۾ اديبن ۽ شاعرن جو سياسي ڪردار ۽ جدوجهد رهي آهي، اڄ ائين ڇو نه آهي؟
جواب: ان جا ٻه مکيه سبب آهن، اڄڪلهه جا اديب ۽ شاعر لالچ، خوف، ذاتي مفاد ۽ انا جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جنهن ڪري هو حق، سچ ۽ عوام جو آواز بڻجي ظالمن، جابرن ۽ ڊڪٽيٽرن کي للڪارڻ بدران ڪرسين جي لالچ ۾ پنهنجي قلمي پورهئي کي بازارن ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن.

سوال: ادب جي دنيا سان لاڳاپيل دوستن ۽ نوجوانن لاءِ اوهان جو ڪو پيغام؟
جواب: دوستن کي هڪ صلاح ضرور ڏينديس ته هو پنهنجي مقصد سان سچا رهن، ادب سان عشق جي حد تائين لڳاءُ رکي، وڌ کان وڌ ادبي پڙهن پڙهن، ادبي معاملن ۽ پيچرن کي پرکن ۽ نت نئين ريسرچ ڪن، سنڌي ادب سان گڏوگڏ دنيا جي تهذيبن کي پڙهو ته انهن جي تهذيبي اوسر ڪيئن ٿي ۽ اسان ڪٿي آهيون، صبر ۽ تحمل سان پنهنجي ڪم کي جاري ۽ ساري رکو، نيٺ اوهان جو محنت ئي اوهان جو رهبر ٿيندو.

آرٽيڪل


Comments

Popular posts from this blog

TWO OLD GOVERNMENT SCHOOLS OF HYDERABAD CITY

Aqeel Ahmed Soomro

مسرت ٹالپر: فیچر تاریخی مسجد بھوڈیسر- Musrat Talpur