Fozia feature - Late

Received after deadline. can not be considered.
This is not feature, Feature is written in interesting manner and is always reporting based. Find some interesting aspect in the topic. Build some story
 For feature, interview and profile writer has to provided photo



فيچر
Fozia khanum soomro
mmc-2k17-63
ڄاشورو ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو
ملڪ ۾ تعليمي درسگاهن جي حوالي سان جڏهن به ڪو ذڪر نڪرندو آهي ته ڄامشوري جو نالو به ضرور ورتو ويندو، هوائن جي هن شهر ۾ سنڌ يونيورسٽي به آهي ته مهراڻ يونيورسٽي به ۽ لمس يونيورسٽي به، جتي هزارين شاگردن ۽ شاگردياڻيون تعليم جي اڄ اجهائين ٿيون، پر هن شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو انتهائي خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري چڪو آهي، ڄامشورو ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جو مسئلو ڪيترن ئي سالن کان هلندو پيو اچي، هتان جي چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي سبب لکين ماڻهو پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهن، هوائن جي شهر ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي حاصل ڪرڻ رهواسين لاءِ هڪ خواب بڻيل آهي، ڄامشورو جو جر کارو آهي جنهن جي اهو پاڻي پيئڻ جي لائق نه رهيو آهي، جڏهن ته واٽر سپلاءِ ذريعي فراهم ٿيندڙ پاڻي گندو آهي، جيڪو پڻ پيئڻ جي لاءِ استعمال نه ٿو ڪري سگهيو، واٽر سپلاءِ جو پاڻي گٽرن جي لائينن سان ملڻ ڪري اهو بلڪل به استعمال ڪرڻ لائق نه رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته ان پاڻي ۾ گندگي هجڻ سان گڏ بدبوءِ پڻ هوندي آهي، سرهندي وارا ته پيئڻ جو صاف پاڻي دڪانن تان خريد ڪن ٿا پر غريب ماڻهو جيڪي روزانو مزدوري ڪري پنهنجو گذر سفر ڪن ٿا، اهي پاڻي ڪٿان خريد ڪندا، الميو اهو آهي ته سنڌ سرڪار توڙي چونڊيل نمائندا به هن اهم مسئلي تي خاموش بڻيل آهن، واٽر سپلا جو گندو پاڻي واپرائڻ سبب ڄامشوري جا سوين ماڻهو هيپاٽائيٽس بي ۽ سي ۾ مبتلا تي زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهن، پر سرڪار ڪجهه به نه ڪري سگهي آهي، تعليم ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ سرڪاري جو فرض هوندو آهي ته پر اسان جي ملڪ ۾ شايد ائين نه آهي، ڄامشورو جا رهواسي مجبوري ۾ يا ته گٽر لائينن سان  مليل واٽر سپلاءِ جو گندو پاڻي واپرائين ٿا، يا وري جر جو زهريلو پاڻي واپرائي زنگگي جو گاڏو گهلين ٿا، پر افسوس جو هتان جي رهواسين کي جيئڻ جي اهم نعمت کان به محروم رکيو پيو وڃي، ڄامشوري جي سڀني علائقن جا رهواسي پيئڻ جي پاڻي جي نعمت کان محروم بڻيل آهن، پاڪستان ۾ ڪٿي به تعليمي درسگاهن جو ذڪر ٿيندو ته ڄامشوري جو نالو ضرور ورتو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته ڄامشوري ۾ سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي ۽ لمس سميت اهم تعليمي ادارا آهن، جتان هر سال سوين شاگرد تعليم حاصل ڪري نڪراندا آهن ۽ وڏين وڏين پوسٽن تي مقرر ٿي عوام جي خدمت ڪندا آهن، پر سرڪاري هن اهم شهر جي لکين ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻي جي بنيادي سهولت کان محروم رکي ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي، هتان جا چونڊيل ايم پي اي، ايم اين اي ۽ چونڊيل بلدياتي چيئرمين به اليڪشن ۾ عوام کي خواب ڏيکاري ووٽ وٺي هوائن جي شهر کي ٻيو ڪجهه به ته نه ڏئي سگهيا پر پيئڻ جو پاڻي به فراهم نه ڪري سگهيا آهن، اليڪشن ۾ وڏيون وڏيون دعوائون ته ڪيون وينديون آهن پر چونڊجڻ کان پوءِ اهي عوام کي ليکيندا به ناهن، ڄڻ ته انهن کي عوام وٽ وري واپس اچڻو ئي نه آهي، ڄامشوري ۾ به اها ساڳئي ئي صورتحال آهي، ڄامشوري واسين واسين لاءِ پيئڻ جو پاڻي حاصل ڪرڻ هڪ خواب بڻيل آهي پر اهو پورو ڪرڻ لاءِ چونڊيل نمائندا ڪوششون ڪندا يا آسمان تان ڪي فرشتا لهي ايندا ان جو پتو اڃا تائين نه پئجي سگهيو آهي، گٽر لائينن سان مليل گندو پاڻي واپرائڻ سبب ڄامشوري جا ڪيترائي ماڻهو اسپتال داخل آهن، جن جو علاج پڻ هلندڙ آهي، هوائن جي هن شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ڏينهون ڏينهن وڌندي رهي ٿي، ڇاڪاڻ ته آبادي به ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، پيئڻ جي صاف پاڻي جو ڪاروبار به هتي وڌي ويو آهي، پاڻي جي في گيلن 50 کان 80 رپين ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي، جيڪا روزانو خريد ڪرڻ غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي وس جي ڳالهه نه آهي، هن شهر جي رهواسي پيئڻ جو پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ اڃا ڪيترو عذاب ڀوڳيندا ان جو جواب حڪومت ۽ چونڊيل نمائندن کي ضرور ڏيڻ گهرجي.

Comments

Popular posts from this blog

Aqeel Ahmed Soomro

مسرت ٹالپر: فیچر تاریخی مسجد بھوڈیسر- Musrat Talpur

TWO OLD GOVERNMENT SCHOOLS OF HYDERABAD CITY