Feature Yasir Sodhar - Hamal Lake - Sindhi

ياسر سوڍر
بي ايس پارٽ 3
رول نمبر 93
فيچر
حمل ڍنڍ

قدرت جا ڪيترائي حسين رنگ دنيا ۾ موجود آهن جيڪي ڏسڻ سان انسان جي وجود۾ هڪ عجيب سڪون ۽ ڪيفيت پيدا ٿيندي آهي، جنهن سان انسان جي من ۾ خوشي جي لهر پيدا ٿي ويندي آهي. انهن قدرتي شين ۾ هڪ الڳ ڪشش ڀريل هوندي آهي جنهن سان انسان ڪيترو به مايوس ڇو نه هجي ان کي ڪنهن حد تائين سڪون ملندو آهي. انهن شين جا مثال برفاني پوشاڪ ۾ ڍڪيل جبل، نديون، سمنڊ، درياھ ۽ قدرتي ڍنڍون ٿي سگھن ٿا. انهن ئي قدرتي شين ۾ سنڌ جي جابلو پٽي جنهن کي کيرٿر جبل جي نالي سان سڏيو ويندو آهي به هڪ آهي، کيرٿر جبل جو هڪ خوبصورت منظر جبلن مان نڪرندڙ پاڻي آهي جيڪو ندين ذريعي حمل ڍنڍ ۾ ڇوڙ ٿئي ٿو.
حمل ڍنڍ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ موجود آهي، جيڪا قمبر شهر کان اٽڪل 40 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي، هن ڍنڍ جي ڊيگھتقريبن 24 ڪلوميٽر ٿيندي، ايراضي جي حساب کان ڏٺو وڃي ته حمل ڍنڍ ٽي هزار ايڪڙ زمين تي مشتمل آهي.
هن ڍنڍ ۾ پاڻي کير ٿر جبل جي مختلف ٽڪرين جو سينو چيري  جبل جي مختلف قسمن جي ڇپن کي پاڻ سان گھليندو ننڍين ننڍين جھيلن ۽ ندين کان ٿيندو حمل ڍنڍ ۾ ڇوڙ ٿئي ٿو.حمل ڍنڍ جو نالو ”حمل“ هن ڍنڍ جي ويجھي هڪ ڳوٺ حمل جيڪري پيو.
جڏهن هن علائقي جي تاريخ جي حوالي سان ڍنڍ جي بند تي هڪ ڪوٺڙي ۾ دڪان هلائيندڙ پيرسن الھ ورايي چانڊئي کان پڇيو ته ان هن ريت احوال ڏيندي چيو ته” سمن جي دور کان هي علائقو چانڊيا خاندان جي ملڪيت آهي، دولھ دريا خان جيڪو ڄام نظام الدين سمون جي فوج جو سپھ سالار هو، ان چانڊيا قبيلي کي هي علائقو ڏنو ته جيئن هو اولھ طرف کان سنڌ جي حفاظت ڪري سگھن، جيڪو چانڊين بخوبي پنهنجو فرض انجام ڏنو، ۽ هي علائقو ان وقت کان چانڊيا قبيلي جي ملڪيت ليکيو ويندو آهي. جيڪو اڄ به چانڊيا جاگير جي نالي سان مشهور آهي، هي جاگير قمبر شهر کان شروع ٿئي ٿي ۽ اوڀر علائقو جتي بلوچستان جي سرحدي حدون شروع ٿين ٿيون اتي جاگير وارو علائقو ختم ٿئي ٿو. حمل ڍنڍ به ان جاگير جو حصو آهي“.

جڏهن ڍنڍ ۾ پاڻي پهچي ٿو ته ڪچي واسين جي مهنهن تي هڪ مسراهٽ پکڙيو وڃي ڇاڪاڻ ته هتان جي رهواسين جي زندگي جو دارومدار هن ڍنڍ تي ئي محدود آهي، اتان جا رهواسي ڍنڍ مان مڇي ماري پيٽ گذر ڪن ٿا ۽ سياري جي موسم ۾ جڏهن ڍنڍ جو پاڻي سڪڻ شروع ٿيندو آهي ته علائقي واسين جا ڄڻ ته ڀاڳ کليا وڃن هو نه صرف پاڻ ۽ پنهنجي ٻچن جو مڇي تي پيٽ گذر ڪن ٿا پر پوري سنڌ ۾ جتي به هنن جا رشتيدار ۽ دوست آهن تن ڏانهن سوکڙي طور موڪليندا آهن، ان سلسلي ۾ اتان جي رهواسي چاچي رمضان ٻڌائيندي چيو ته اسان ڍنڍ مان نڪرندڙ مڇي پوري پاڪستان پر اسان جا مائٽ جيڪي سعودي عرب ۽  دبئي ۾ رهن ٿا انهن ڏانهن پڻ موڪليندا آهيون.
هن ڍنڍ مان مختلف قسمن جي مڇي جن ۾ ڪرڙو، ڄرڪو، پلو، ڇاڪر، پاپليٽ وغيره ملن ٿا جيڪي سياري جي موسم ۾ گھڻي تعداد ۾ ملندا آهن، اونهاري جي موسم ۾ به مڇي جو سٺو تعداد هجي ٿو پر پاڻي وڏو هئڻ سبب ملاحن کي مڇي مارڻ ۾ ڏکيائي کي منهن ڏيڻو ٿو پوي. هن ڍنڍ ۾ مختلف قسمن جا وڻ به ٿين ٿا جيڪي پري کان اکين کي راحت بخشين ٿا ۽ ڍنڍ جي سونهن کي هڪ الڳ سونهن ڏين ٿا.
سياري ۾ موسم جي تبديلي سبب دنيا جي مختلف علائقن کان مختلف قسمن جا پکي  به ايندا آهن جيڪي هن ڍنڍ جي سونهن کي وڌيڪ اجاگر ڪن ٿا، انهن پکين ۾سائبيريا جا پکي به شامل هوندا آهنجيڪي موسم جي تبديل ٿيڻ تائين هن ڍنڍ ۾ رهندا آهن،نه صرف دنيا جي مختلف علائقن جا پکي هتي ايندا آهن پر هتان جا مقامي پکي به هن ڍنڍ تي پنهنجا اجھا ٺاهي ويٺا آهن. انهن ۾ آڙي، آڙي، نيرڳ، ڊرگهوش، لاکو ڄاني، کاهردنيا جي مختلف ملڪن کان ماڻهو اچي هتي پکين جو شڪار به ڪندا آهن.
فريدآباد شهر جي ساڄي پاسي تي حمل بند جي ٿوري مفاصلي تي هڪ شاخ نڪري ٿي جيڪا  ڇنڊڻ جي نالي سان مشهور آهي، هي ڇنڊڻ ڊرينيج جيڪا ڪڙيي گهنور هڪ ڳوٺ مان گذري حمل ڍنڍ کي ايشيا کنڊ جي وڏي ڍنڍ منڇر سان جوڙي ٿي ۽ حمل ڍنڍ جو پاڻي منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ٿئي ٿو.
.ڇنڊڻ ڊرينيج کان ڪجھ مفاصلي تي ڪجھ ٻيڙيون بيٺل نظر اينديون آهن جيڪي علائقي واسين جي صفر لاءِ استعمال ٿينديون آهن، جيڪي ڇنڊڻ کان فريدآباد تائين هلنديون آهن، جتان ماڻهو پنهنجي ضرورت جون شيون خريد ڪري پنهنجي گھرن ڏانهن ورندا آهن.
 پاڻي جي سڪي وڃڻ سبب هتان جا علائقي واسي حمل ڍنڍ جي پيٽ ۾ زرعي اپت ڪندا آهن ۽ مختلف قسمن جا فصل پوکيندا آهن جنهن تي زندگي جو گذر صفر ڪندا آهن.
حمل ڍنڍ شروعاتي دور ۾ مٺي ۽ تازي پاڻي جو ذخيرو هوندي هئي جيڪا نه صرف انسان بلڪه پکين ۽ جانورن لاءِ به آب حيات جو ذريعو هوندي هئي، پر اڄ جڏهن اسينحمل کي ڏسنداسين ته ڏک جو اظهار ڪرڻ کانسواءِ ڪجھ نٿا چئي سگهون، ڪنهن دور ۾ حمل ڍنڍ تازي پاڻي جو ذخيرو هوندي هئي اها اڄ زهريلي پاڻي جو ذخيرو بڻجي چڪي آهي جنهن سان پاڻي ۾ رهندڙ ساھ وارين شين لاءِ تمام گھڻو نقصان پيدا ٿيو آهي ۽ هي پاڻي نه صرف پاڻي ۾ رهندڙ جيوت لاءِ نقصانڪار آهي پر انسانن، پکين ۽ جانورن لاءِ به هڪ وڏو چيئليج بڻيل آهي.


Comments

Popular posts from this blog

Aqeel Ahmed Soomro

مسرت ٹالپر: فیچر تاریخی مسجد بھوڈیسر- Musrat Talpur

TWO OLD GOVERNMENT SCHOOLS OF HYDERABAD CITY