نصير چنا : آرٽيڪل Naseer Channa




آرٽيڪل
نصير چنا
2K17/MMC/33
ايم اي پريويئس 
حيدرآباد ۾ منرل واٽر جو وڪرو ۽ ڪمپنيون
نصير احمد چنا
انساني جياپي لاءِ پيئڻ جو صاف پاڻي انتهائي ضروري آهي، صاف پاڻي مهيا نه ٿيڻ سبب ڪيتريون ئي بيماريون جنم وٺن ٿيون، تنهن ڪري لازمي آهي ته حڪومت پنهنجي عوام کي پيئڻ جو صاف ۽ صحت بخش پاڻي فراهم ڪرڻ واري عمل کي يقيني بڻائي، پر هتي اسان وٽ بدانتظامي سبب پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم نه پيو ٿئي، جنهن ڪري شهري صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي واپرائڻ تي مجبور بڻيل آهن، ان سلسلي ۾ تازو اعليٰ عدالت طرفان جوڙيل جوڊيشل واٽر ڪميشن  سڄي سنڌ مان پاڻي جا نمونا وٺي سمورن وڏن شهرن ۾ عوام کي سپلاءِ ٿيندڙ پاڻي جو معائنو ڪري جيڪا رپورٽ پيش جاري ڪئي آهي، تنهن ۾ پڻ خطرناڪ حد تائين صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي ظاهر ٿيو آهي، جيڪو ماڻهن کي پياري سندن حياتين سان کيڏيو پيو وڃي، انهيءَ رپورٽ مان ظاهر ٿيو آهي ته هتي عوام جي صحت بابت انتظاميا کي ڪو به فڪر ناهي ۽ نتيجي ۾ شهري گندو ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي واپرائي بيمارين ۾ وڪوڙجي پنهنجيون حياتيون وڃائيندا رهن ٿا.
ان سلسلي ۾ پاڻ جڏهن سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد کي ڏسون ٿا ته انتهائي خراب صورتحال نظر اچي ٿي، 25 لک کان وڌيڪ انساني آبادي واري هن شهر ۾ عوام کي ملندڙ پاڻي جا نمونا چڪاس ڪرڻ بعد فراهم ٿيندڙ پاڻي مان 70 سيڪڙو پاڻي صحت لاءِ هاڃيڪار ۽ غلاظتن سان ڀريل ظاهر ٿيو آهي، اهڙي طرح شهري سرڪار طرفان کين فراهم ٿيندڙ پاڻي استعمال ڪري ڄڻ ته زندگين ۾ زهر ڀري رهيا آهن، ڇو ته پاڻي کان سواءِ انساني جياپو مشڪل آهي، تنهنڪري ماڻهو هاڃيڪار پاڻي پڻ پيئڻ تي مجبور بڻيل نظر اچي رهيا آهن.
جڏهن ته پاڻي جي حاصلات جو قدرتي ذريعو جر جو هئڻ آهي، پر اسان جي اڪثر شهرن ۾ جر جو پاڻي پيئڻ لائق نه آهي، تنهن ڪري سرڪار کي واهن ذريعي ملندڙ پاڻي جمع ڪري شهرين کي پيئڻ ۽ ٻين ضرورتن لاءِ فراهم ڪرڻو پوي ٿو، اهڙا واٽرسپلاءِ جا انتظام پڻ وڏن شهرن ۾ رکيل آهن، ننڍن شهرن جي حالت ته اڃا به وڌيڪ خراب آهي، پر جڏهن وڏن شهرن تي نظر وجهون ٿا ته سرڪار طرفان لڳايل واٽر سپلاءِ اسڪيمون پاڻي جمع ڪرڻ وارا تلاءَ ۽ ٻيا معاملا رڳو انظامي بدحالي جي ور چڙهيل نظر اچن ٿا، جتي انساني صحت جي حوالي سان ڪو به بندوبست ناهن، جنهن جي نتيجي ۾ شهرن جي ماڻهن کي جيڪو پاڻي ميسر ٿئي ٿو اهو پيئڻ جي لائق ئي نه آهي.
حيدرآباد شهر ۾ جر جو پاڻي پيئڻ جي لائق نه هئڻ سبب شهرين کي واٽر سپلاءِ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٿو، جيڪو صحت لاءِ انتهائي هاڃيڪار قرار ڏنو ويو آهي، هوڏانهن سرڪار پاران صاف پاڻي فراهم نه ڪري سگهڻ سبب خانگي منرل واٽر ڪمپنيون پاران پاڻي وڪرو ڪرڻ جو ڪاروبار شروع ڪيو ويو آهي، حيدرآباد ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ رجسٽرڊ توڙي غير رجسٽرڊ ڪمپنيون منرل واٽر جو پاڻي وڪرو ڪري رهيون آهن، رجسٽرڊ ٿيل منرل واٽر ڪمپنين جو پاڻي سٺي ڪوالٽي وارو آهي جڏهن ته غير رجسٽرڊ ڪمپنين جي پاڻي جي ڪا به ڪوالٽي نه هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، حيدرآباد شهر جي 10 سيڪڙو آبادي ته اهڙا امير ماڻهو آهن جن جي گهرن ۾ پاڻي صاف ڪرڻ لاءِ پنهنجا ننڍا فلٽر پڻ لڳل آهن ته اهي امير گهراڻا مهانگا منرل واٽر پاڻي خريد ڪري استعمال ڪن ٿا، پر ساڳئي وئي وقت غريب طبقي جي حالت انتهائي خراب آهي، حيدرآباد شهر جو وچولو طبقو جيڪو پڻ آبادي جو 30 سيڪڙو آهي، اهي ماڻهو خانگي منرل واٽر ڪمپنين جو پاڻي خريد ڪري پيئڻ ٿا،  خانگي ڪمپنين جو منرل واٽر پيئندڙ ماڻهن کي ميسر ٿيندڙ پاڻي پڻ تسلي بخش نه هجڻ جون شڪايتون عام آهن، ڇو ته حيدرآباد جي اڪٽر علائقن ۾ گهٽين، دڪانن ۽ رهائشي علائقن ۾ اهڙا ننڍا ننڍا منرل واٽر ڪمپنين جا ڪارخانا قائم ٿيل آهن، جتان صرف خوبصورت پيڪنگ ڪري عوام کي دوکو ڏئي غير صحت بخش پاڻي سپلاءِ ڪيو پيو وڃي، ڇو ته انهن ڪارخانن جي ڪا به چڪاس ناهي، انهن کان ڪو به پڇاڻو نه ٿو ٿئي،  اهو چيڪ ئي نه ٿو ڪيو وڃي ته ڪمپني رجسٽرڊ به آهي يا ناهي، جيڪڏهن رجسٽرڊ آهي ته پاڻي صاف ڪرڻ لاءِ سندس پلانٽ ڪيترو بهتر معيار موجب آهي، پر هتي اهڙو ڪو به چيڪ اينڊ بيلنس نه هئڻ سبب منرل واٽر خريد ڪندڙ ماڻهو پڻ مطمعن ناهن، حيدرآباد شهر ۾ هن وقت پاڻي جو وڏو ڪاروبار هلندڙ آهي، منرل واٽر فراهم ڪندڙ ڪمپنين کان وٺي ٽينڪرن ذريعي پاڻي پهچائيندڙ مافيائون هتي سرگر آهن، جن کي انظامي عملدارن ۽ حڪومتي سطح جي ماڻهن جي سرپرستي حاصل آهي، نتيجي طور منرل واٽر ۽ ٽينڪر مافيا جو ڪاروبار هتي وڏي اهميت حاصل ڪري چڪو آهي، ماڻهو رشوت ۽ ڀتي ڏيڻ عيوض پنهنجي گهر يا دڪان ۾ فلٽر پلانٽ لڳائي غير معياري پاڻي بوتلنن ۽ ڪينن ۾ پيڪ ڪري سرعام شهرين کي سپلاءِ ڪندا رهن ٿا، پر ان پاڻي جي معيار بابت ڪو به پڇاڻو ناهي، اهڙي طرح پاڻي جي ڪاروبار ۾ ملوث مافيائون بڻجي عوام کي ڌوڪي سان ڦري ڪک پتي مان لک پتي بڻجي ويا آهن ۽ اهڙي ڪاروبار ۾ انظامي عملدار توڙي بااثر سندن برابر جا حصيدار آهن.
اهڙي طرح شهري آبادي جو 60 سيڪڙو حصو ماڻهو پاڻي خريد ڪرڻ کان قاسر آهن، جيڪي پيئڻ جو پاڻي پڻ واٽر سپلاءِ جو استعمال ڪن ٿا، سرڪار جي واٽر سپلاءِ واري پاڻي مان ضرورتون پوريون ڪندڙ شهر جي هيءَ اڪثريتي آبادي اهو گٽرن جي گندگي مليل پاڻي پيئڻ تي مجبور آهي، جنهن کي  جوڊيشل واٽر ڪميشن واضح طورصحت لاءِ هاڃيڪار قرار ڏئي چڪي آهي، مذڪوره پاڻي بابت ڄاڻايو ويو آهي ته هيءَ پاڻي بدبودار هئڻ سان گڏ زهريلو پڻ آهي جنهن مان ڪيتريون ئي بيماريون پڻ جنم وٺن ٿيون، اهڙين رپورٽن اچڻ باوجود ڏٺو وڃي ته حيدرآباد جي شهرين کي صاف ۽ صحت بخش پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ سرڪار اڃا تائين ڪي به عملي قدم نه کڻي سگهي آهي، جڏهن ته مختلف انتظامي عملدار حيدرآباد جي شهرين کي گندو پاڻي فراهم ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪري چڪا آهن، ان باوجود نه ته انهن عملدارن خلاف ڪارروائي ٿي آهي ۽ نه ئي صاف پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪا رٿابندي ٿي سگهي آهي، تنهن ڪري اڄ به شهري هڪ پاسي گٽرن جو گندو ۽ زهريلو پاڻي پيئڻ تي مجبور بڻيل آهن ته ٻئي پاسي ناقص ۽ دوکيباز منرل واٽر ڪمپنين جو پاڻي خريد ڪري پئسن جي زيان سان ساڳيو غير تسلي بخش پاڻي واپرائي حياتين کي خطري ۾ وجهي جيئڻ تي مجبور آهن.

Comments

Popular posts from this blog

Aqeel Ahmed Soomro

مسرت ٹالپر: فیچر تاریخی مسجد بھوڈیسر- Musrat Talpur

TWO OLD GOVERNMENT SCHOOLS OF HYDERABAD CITY