مهتاب نبي شر : فيچر Mehtab Shar
ok
مهتاب نبي شر
ڪلاس؛ ايم اي پريويس
2k17_MMC_25:رول نمبر
فيچر
سکر جي فضائي دنيا.!!
ڪو وقت هو جڏهن ڪلاڪن جو سفر ڏينهنن ۾ طئه ڪيو ويندو هيو، ان زماني ۾ جيڪڏهن ڪنهن جو ڪو مٽ مائٽ گذاري ويندو هو ته سهولتن جي کوٽ جي ڪري سندس ويجها عزيز به سمورين رسمن ادا ٿيڻ کان پوءِ پهچندا هئا، پر جيئن جيئن دنيا ترقي ڪئي ته انسان جي استعمال جون مختلف جديد شيون ايجاد ڪيون ويون هزارين ڪلو ميٽرن جا سفر ڪلاڪن ۾ طئه ٿيڻ شروع ٿيا ۽ هاڻي ڏينهون ڏينهن انساني جياپو آسان ٿيندو پيو وڃي.
انهن سڀني سوچن تڏهن ذهن ۾ اچڻ شروع ڪيو جڏهن بيگم نصرت ڀٽو ايئرپورٽ سکر ڏانهن اچڻ وڃڻ شروع ٿيو، سکر ايئرپورٽ شهر کان 8 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. اها هڪ وچولي مقدار جي ايئرپورٽ آهي جيڪا سکر، خيرپور، روهڙي جي ماڻهن کي جهاز جي سفر ڪرڻ ۾ وڏي سهولت مهيا ڪري ٿي. هيءَ ايئرپورٽ جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچيءَ کان 350 ڪلوميٽر يعنيٰ 220 ميلن جي مفاصلي تي سنڌ جي ٻئي وڏي ٻئي مکيه ايئرپورٽ آهي. بيگم نصرت ڀٽو ايئرپورٽ عوامي طرز جي ايئرپورٽ آهي جيڪا پڻ پاڪستان سول ايويئيشن اٿارٽي جي آپريٽنگ ۾ ڪم ڪندي آهي. بيگم نصرت ڀٽو ايئرپورٽ سکر جي بلندي 196 فٽ يعنيٰ 60 ميٽرن تي مشتمل آهي، هن ايئرپورٽ جو رن وي 2700 ڪلوميٽر ڊگهو آهي، سکر ايئرپورٽ ايمرجنسي يا موسمي خرابيءَ جي حالت ۾ انٽرنيشنل پروازن جو بندوبست پڻ ڪندي آهي. ( جڏهن ته جهاز جي پهرئين پرواز 1903_17_12 ڪٽي حاڪ جي ويجهو ٿي هئي، جيڪا رائٽ (برادرس) ڀائرن جي ايجاد آهي.)
پاڪستان جي ٻين ايئرپورٽس وانگر سکر ايئرپورٽ تي به هر هڪ سيڪيورٽي اهلڪار کي ٻه مختلف ورديون مهيا ڪيل هونديون آهن جن مان هڪ خاڪي ته ٻئي ڪيموفلائج رنگ جي هوندي آهي، جڏهن ته دلچسپ ڳالهه اها آهي ته خاڪي وردي پهريل اهلڪار بلڊنگ جي اندر ڊيوٽيءَ لاءِ بيٺل هوندو آهي ۽ ان دوران کيس ٻاهر بيهي ڊيوٽي ڪرڻ جي اجازت ناهي هوندي ۽ ڪيموفلائج وردي پهريل اهلڪار بلڊنگ جي ٻاهر ڊيوٽيءَ جا فرض سرانجام ڏيندو آهي جنهن ۾ رن وي، پارڪنگ ۽ سيڪيورٽي ٽاور وغيره اچي وڃن ٿا. پاڪستان جي سڀني ايئرپورٽس وانگر سکر ايئرپورٽ اندر به ٻيا ڪيترائي ادارا ڪم ڪندا رهندا آهن جن کي سسٽر ايجنسيز سڏيو ويندو آهي جن ۾ ايف آءَ اي، ايم آءَ ، آءِ ايس آءِ جهڙا ادارا اچي وڃن ٿا .جن جو ڪم اهو هوندو آهي ته جيڪڏهن ايئرپورٽ تي ڪو شڪي ماڻهو ملي وڃي ته کيس انهن سسٽر ايجنسيز جي حوالي ڪيو ويندو آهي ۽ اهي کانئس وڌيڪ جاچ ڪنديون آهن سسٽر ايجنسيز جي حوالي ڪرڻ کانپوءِ اي ايس ايف يعنيٰ ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس عملي جو ڪو به عمل دخل ناهي هوندو. سول ايويئيشن اٿارٽي جيڪا ايئرپورٽس جي آپريٽر هوندي آهي جنهن کي (سي اي اي) پڻ سڏيو ويندو آهي، اهو پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ ادارو پڻ آهي ڇاڪاڻ ته ڪنهن به ملڪ جو جهاز جيڪڏهن پاڪستان جي سرحد مان گذرندو آهي ته اهو ڀلي پاڪستان جي ڪنهن ايئرپورٽ تي لهي يا نه لهي پر ان جي باوجود معاوضو سول ايويئيشن اٿارٽي کي ادا ڪرڻ جو پابند آهي ڇاڪاڻ جو ان فلائيٽ گذرڻ لاءِ پاڪستان جون فضائي سرحدون استعمال ڪيون.! ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس ( اي ايس ايف ) پهريان ڀٽو سيڪيورٽي فورس ( بي ايس ايف) جي نالي سان ايئرپورٽ جي سيڪيورٽي سنڀاليندڙ ادارو هو جنهن جو ڀٽي صاحب جي شهادت کانپوءِ نالو مٽايو ويو هو ۽ اهو نالو ضياالحق جي دور ۾ تبديل ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته کين ان ڳالهه جو خطرو هو ته ڀٽي شهيد جي نالي سان عام ماڻهن جذبات تي اثر ٿي پئي سگهيا ان کان علاوه ڪنهن اسپيشل يعنيٰ (وي وي آءِ پي) آمد جي جنهن ۾ ملڪ جو صدر، وزيراعظم ۽ آرمي چيف جهڙيون شخصيتون اچي وڃن ٿيون اهڙي قسم جي آمد دوران سيڪيورٽي جا اختيار ايئرپورٽ جي سيڪيورٽي فورس کان وٺي اسپيشل فورس جي حوالي ڪيا ويندا آهن ايتري قدر جو ان وقت لاءِ ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس کان ڪجهه دير لاءِ هٿيار واپس وٺي جمع ڪيا ويندا آهن ۽ بعد ۾ اهي سندن حوالي ڪيا ويندا آهن ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس جي ٻئي هڪ دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته اهو پاڪستان جو واحد سيڪيورٽي فورس آهي جنهن ۾ سپاهي جي ڀرتي ناهي ڪئي ويندي پر سڌوسنئون حوالدار ڀرتي ڪيو ويندو آهي جنهن کي (ڪاپورل) پڻ سڏيو ويندو آهي ايئرپورٽ تان اچڻ وڃڻ دوران ڪنهن به وي آءِ پي شخصيت جي ڪا به چيڪنگ نه ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ ملڪ جو آرمي چيف، صدر، وزيراعظم ۽ چيف جسٽس شامل آهن جن جا فيملي ميمبرز پڻ هر قسم جي چيڪنگ کان آجا هوندا آهن ان کانسواءِ صوبائي توڻي مرڪزي وزير به هر قسم جي چيڪنگ کان آجا هوندا آهن پر سندن فيملي جو سامان وغيره چيڪ ڪيو ويندو آهي.
جهاز اڏامڻ کان پهريان رن وي تي چڪر لڳائيندو آهي، ۽ پائليٽ جو رابطو مسلسل (اي ٽي سي) سان هوندو آهي جڏهن ته اي ٽي سي جو رابطو محڪميه موسميات سان هوندو آهي، ۽ اهڙي طرح ايئرپورٽس تان اڏامون شروع ٿي وينديون آهن.
Comments
Post a Comment