شائسته سومرو : فيچر Shaista Soomro
Its not reporting based. Intro should be catchy, interesting
فيچر: شمس العلما ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽه لائبريري
فيچر: شمس العلما ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽه لائبريري
شائسته سومرو
فيچر
بي ايس پارٽ: 3
2K15/MC/110
ڪنهن به ملڪ جي تعليمي
نظام جو ڪرنگهو ان جي (لائبريريز) ڪتب خانن کي ڪوٺيو ويندو آهي. حيدرآباد جي
تعليمي نظام جي پُٺ جو هڏو علامه دائودپوٽه لائبريري کي سڏيو وڃي ٿو. جيڪو گهڻو
ڪري شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن دائودپوٽه جي نالي سان پڻ مشهور آهي. دائودپوٽا
لائبريري جي عمارت سنڌ ميوزيم سان لڳ اسٽيڊيم روڊ جهڙي پُر فزا ماحول وٽ قائم ٿيل
آحي.
جيئن ته لائبريري جي
خيال ذهن ۾ ايندي ئي ڪتابون خاموشي، شاگرد ۽ پڙهائي واري ماحول جو نقشو ذهن ۾
اُڀري اچي ٿو. تعليم جي بهتري لاءِ لائبريري نمايا ڪردار ادا ڪندي آهي. لائبريري ۾
پڙهڻ واري شخص کي سڪون واري ماحول سان گڏ شاگردن جون بنيادي ضرورتن جو پورو ٿيڻ به
لازمي آهي. حيدرآباد ۾ هون ته 3 لائبريريون آهن، پر قاسم آباد جي عالمه دائودپوٽا
لائيبرري شهر جي واحد عوامي لائيبرري آهي، جتي علم جي اُڃ اُجهائڻ لاءِ ايندڙ
شاگردن کان ڪابه فيس وصول نه ڪئي ويندي آهي.
هن لائيبرري جو قيام
1951 ۾ ٿيو، جڏهن سنڌ اسيمبلي ۾ حيدرآباد جي ايندڙ مستقبل کي زير غور رکندي
حيدرآباد لاءِ هڪ صوبائي عوامي لائيبرري جي قرارداد متفق راءِ سان منظور ڪئي ويئي.
پهرين هي لائيبرري (اين جي وي) نارائڻ جاگنات وديا هاءِ اسڪول ڪراچي ۾ شروع ٿي. پوءِ
1962 ۾ هن لائيبرري کي عارضي طور تي سنڌ مسلم ڪاليج حيدرآباد جي هال ۾ منتقل ڪيو
ويو. 1965 ۾ نئين عمارت تعمير ٿي، سنڌ صوبائي لائيبرري حيدرآباد جي نالي سان. ان
کانپوءِ جڏهن ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي وارثن جولاءِ 1971 ۾ ڊاڪٽر ڊاڪٽر
عمر بن دائود پوٽي جا سمورا ڪتابن جا مجموعه ۽ ان سان گڏ سندن سازوسامان ۽ هن سنڌ
جي عظيم رهنما اسڪالر جون شيون ان
لائيبرري جي حوالي ڪيون ته سنڌ سرڪار قائل ٿي وئي هن لائيبرري جو نالو تبديل ڪري
دائودپوٽا لائيبرري رکڻ تي. جنهن لاءِ علامه صاحب پنهنجي تعليمي شخصيت جي ڪري (شمس
العلماء) يعنيٰ “علمن جو سج” سان مشهور هئا، ان ڪري اڳتي هلي هي لائيبرري به شمس
العلماء واري لقب سان مشهور ٿي.
تعليم جي وڌيڪ بهتري
لاءِ سنڌ سرڪار 1986 ۾ تعليم کاتي کي جڏهن ٻن حصن ۾ ورهايو، ان وقت سموري عوامي
لائيبررين جا اختيار نئين قائم ٿيل ثقافت کاتي جي حصي ۾ اچي ويا. تڏهن کان هي
لائيبرري بهترين نموني سان سنڌ ثقافت کاتي جي نگراني هيٺ هلي رهي آهي.
علامه دائودپوٽه
لائيبرري ۾ چار وڏا ايئرڪنڊيشنل هال آهن، جنهن مان ٽي مکيه هال ريڊنگ جا آهن، جيڪو
مشتمل آهن سي ايس ايس سيشن، اورينٽ سيشن ۽ روزانه اخبار سيشن تي، جتي شاگرد ويهي
پنهنجي روشن مستقبل لاءِ محنت سان پڙهائي ڪندا آهن. ڇوڪرين ۽ ٻارن لاءِ الڳ هال ٺهيل
آهي. بجلي وڃڻ جي صورت ۾ سولر پلانٽ جي سهولت موجود آهي. ڪڏهن شاگردن جو تعداد وڌي
وڃي ٿو ته شاگرد ٻاهر عمارت جي باغيچي ۾ ويهي پڙهن ٿا.
ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي
ته علامه دائودپوٽا لائيبرري هر طبقي جي شاگردن جي ذهن لاءِ دارالشفا آهي. اتي
ايندڙ شاگردن جو تعلق آس پاس جي شهرن سان به هوندو آهي ۽ اندروني سنڌ جا به نوجوان
پنهنجي علم جي واڌاري لاءِ هن لائيبرري جو رُخ ڪن ٿا. هي لائيبرري علم جي روشني ۽
حڪمت سان سرشاد سج آهي، جنهن مان ڪيترائي نوجوان بغير ڪنهن خرچ جي علم جون .............
حاصل ڪن ٿا.
ڊسمبر 2013 ۾ اقوام
متحده جي (لِنڪلن ڪارنر) هڪ حڪومتي اداري پاران علامه دائودپوٽا لائبريري ۾ ڊجيٽل
لائيبرري جو افتتاح ڪيو ويو. هن اداري جا مجمه ڏنا آهن، هاڻي ان لائيبرري ۾ آن
لائن شارٽ ڪورسز به ڪرايا وڃن ٿا. ليڪچر پروگرام به ٿيندا آهن، جنهن ۾ پرڏيهي آيل
اسڪالر نوجوان کي بيروني ملڪ تعليم حاصل ڪرڻ ۽ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ جي حوالي سان
تفصيلي ليڪچر ڏين ٿا. ان لاءِ علاوه استادن جي سکيا جا پروگرام به منعقد ڪيا ويندا
آهن.
علامه دائودپوٽا
لائيبرري ڪتابن جي حساب سان لياقت ميموريل سنڌ جي سچل سرمست لائيبرري خيرپور
کانپوءِ سنڌ ۾ ٽي نمبر تي اچي ٿي. هن لائيبرري ۾ تقريبن 91,000 ڪتاب سنڌي، اُردو، انگريزي ۽ عربي ۾ موجود آهن. ٻارن جي
لاءِ 5,000
ڪتاب پڻ دستياب آهن. ان لاءِ علاوه 29 روزانه اخبار ۽ 55 ٻن قسمن جا رسالا سنڌي،
اُردو ۽ انگريزي زبان جي سهولت سان لائيبرري پاران ايندڙن لاءِ پڙهڻ لاءِ رکيا
ويندا آهن. علامه دائودپوٽا جهڙي عوامي لائيبرري انتهائي وڏو ڪردار ادا ڪري رهي
آهي. اسان جي سماج ۽ ان جي ترقي ۾، ان قسم جون عوامي لائبريريون عام ماڻهو جي
رسائي علم جي سمنڊ تائين ممڪن ڪن ٿيون.
سنڌ سرڪار کي گهرجي ته
ان قسم جي عوام لائيبررين جي تعداد وڌائي ته جيئن معاشري ۾ وڌيڪ کان وڌيڪ ماڻهون
پنهنجي علم جي طلب کي پورو ڪري سگهن ۽ اسان جون مستقبل ۾ ايندڙ نسلون معياري تعليم
جي ميدان ۾ پاڻ کي مڃرائي سگهن.
Comments
Post a Comment