Asif Gadehi Article

رائس ڪئنال جي ڪپرن تان غيرقانوني قبضا ختم ڪرايا وڃن.
 آصف علي گاڏهي
                پاڻي کوٽ سبب رائس ڪئنال ۾ تباهي آڻي ڇڏي آهي، رائس ڪئنال ملڪ جو مشهور ڪئنال آهي جنهن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب لکين ايڪڙ زرعي زمين غيرآباد ٿي رهي آهي جڏهن ته فصل پڻ متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي خيرپور ناٿن شاهه تعلقي ۾ رائس ڪئنال ۾ پاڻي جي کوٽ سبب آبپاشي کاتي جي عملدار ڪي به اُپاءُ نه ورتا ويا آهن، جڏهن ڌڪا مورا سنڌ جي زميدارن کي پاڻي وڪرو ڪري پڇڙي جي آبادگار ۽ هارين کي پاڻي کان محروم رکي رهيا آهن، رائس ڪئنال کي تباهه ڪرڻ ۾ آفيسرن جو هٿ آهي، علائقي روات لغاري کان وٺي بيد شريف تائين رائس ڪئنال جي ڪپرن تي گهر ٺاهيا ويا آهن جنهن سبب رائس ڪئنال ۾ کاٽي نه ٿي ڪرائي وڃي ان ۾ آبپاشي علمدار جو هٿ آهي ڳوٺاڻا رائس ڪئنال ۾ پاڻي نه اچڻ ۽ کاٽي نه ٿيڻ ڪري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن جڏهن نه هڻ بابت کين لکين رپين جي نقصان جو انديشو آهي فصل نه ٿيڻ سبب غريب ۽ مسڪين هارين جي مٿي تي هٿ اچي ويا آهن، خيرپور ناٿن شاهه جي ڳوٺاڻن وارن اپيل ڪئي آهي ته رائس ڪئنال کي کاٽي ڪرائي وڃي ڪپرن تان غيرقانوني قبضا ختم ڪرايا وڃن پاڻي پڇڙي جي آبادگارن تائين پهچايو وڃي اهي جنهن منهنجي زندگي بابت سوچي سگهن پنهنجي ننڍڻن ٻارن جي مستقبل سڌاري سگهن ڇو ته پاڻي نه هئڻ ڪري ڪيترن ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيئي رهيا آهن، نه ئي وري غريب مسڪين هارين پنهنجي پيٽ جو ڪن يا ننڍڻن ٻارن جي تعليم جو ڪن، اهو سڀ وڏن ڪامورن جا ڪم آهن جيڪي هارين غريب ماڻهو مزدوري ڪري پيٽ مس پالي ٿا سگهن اهي ڪيئن ٻارن کي تعليم ڏئي سگهن ٿا رائس ڪئنال تي غير قانوني قبضي جي ڪري ڪي ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ويا آهن، اهي جيڪي ڪجهه به آهي صرف انهن ڪامورن جي ڪري آهي رائس ڪئنال جي ڪو به آفيسرن مان نه آيو آهي ۽ نه ئي وري ڪڏهن به حصي نه کارايا ويا آهن سنڌ حڪومت کي صرف ڏيکارڻ لاءِ ۽ پنهنجي فارميٽ پوري ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي کان وٺي بيد شريف تائين پنجن ڏينهن ۾ ڪم مڪمل ڏيکاري سنڌ حڪومت کي ٻڌائيندا آهن ته اسان رائس ڪئنال جو ڪم مڪمل ڪري ڇڏيو آهي پاڻ ۾ اهي سڀ ملي ڪري ڪامورا آفيسر ڪروڙي رپيا هڙپ ڪري غريب جو رت پي ڇڏيندا آهن رائس ڪئنال کي ڪامورن تباهي ۾ آڻي ڇڏيو آهي. اسان سنڌ ۽ پاڪستان جي وزيرن کي اپيل ٿا ڪيون ته رائس ڪئنال جو حصي نموني کاٽي ڪرايو وڃي جيئن صحيح غريب هاري پنهنجو گذر سفر ڪري سگهن ۽ ننڍڻن ٻارن جو مستقبل بڻائي سگهن ۽ پنهنجي ننڍڻن ٻارن کي صحيح نموني تعليم ڏياري سگهن ۽ پنهنجو گذر سفر سٺي نموني سان پنهنجو گهر هلائي سگهن.

آصف علي گاڏهي
M.A Previous

University of Sindh, Jamshoro

Comments

Popular posts from this blog

Aqeel Ahmed Soomro

مسرت ٹالپر: فیچر تاریخی مسجد بھوڈیسر- Musrat Talpur

TWO OLD GOVERNMENT SCHOOLS OF HYDERABAD CITY