Anand Kumar article



آرٽيڪل
آنند ڪمار
2K15-MC-19
بي ايس سال ٽيون
        ماحولياتي تبديليون ۽ اسان جي ذميواري
ماحول جاندار لاءِ قدرت طرفان هڪ اهڙو انمول تحفو آهي جنهن جو متبادل ملڻ ناممڪن آهن، ماحول بنا انسان سميت ڪنهن به جاندار جي زندهه رهڻ جو تصور به نٿو ڪري سگھجي.
اڄڪلهه انسان جي ڪجھ عملن جي ڪري ماحول ۾ تمام گھڻو بگاڙ اچي رهيو آهي جيڪو ماحولياتي تبديلين جي صورت ۾ اسان جي سامهون آهي، جن ۾ ماحول ۾ ڪاربان ڊاءِ آسڪائيڊ گئس ۾ واڌارو، سامونڊي ٻوڏون، گرمي پد ۾ مسلسل واڌ، ڪٿي برسات جو تمام گھڻو پوڻ ته ڪٿي وري بلڪل نه پوڻ شامل آهن، انهن ماحولياتي تبديلين جو سڌو سنئون ڪارڻ انسان پاران ٿيندڙ غير فطري عمل آهن.
ٻيلن جي واڍي، هوائي گدلاڻ، پاڻي جي گدلاڻ، زميني گدلاڻ، ڏڪار ۽ قدرتي آفتون وغيره به ماحولياتي تبديلين جي ڪري پيش اينديون آهن. ملڪي آبادي وڌڻ سان گڏوگڏ اهي مسئلا به ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن پر حڪومت جو گھڻو ڌيان ملڪي معيشت ۽ دهشتگردي جي خاتمي ڏانهن هئڻ سبب هن ڌيان طلب مسئلي ڏانهن ڪنهن جي به نظر نٿي وڃي.
جرمن واچ گلوبل ڪلائميٽ رسڪ انڊيڪس پاران جاري ڪيل هڪ لسٽ ۾ پاڪستان انهن ملڪن منجھان 8 هين نمبر تي آهي جيڪي ماحولياتي تبديلين جو شڪار آهن. انهي سان گڏ هڪ برطانوي اداري (ورسڪ ميلڪرافٽ)  مطابق پاڪتان جا 3 شهر لاهور، فيصل آباد ۽ ڪراچي گرين هائوس گئس خارج ٿيڻ سبب تمام گھڻا خطرناڪ ثابت ٿي سگھن ٿا. پاڪستان اڪانامڪ سروي جي هڪ رپورٽ مطابق 2010 کان وٺي 2012ع تائين رڳو ٻوڏ سبب 3000 ماڻهو جال جو شڪار ٿي چڪا آهن.
انهي کان علاوه نيشنل انسيٽيوٽ آف اوشيئنوگرافي پاران ڄاڻايو ويو آهي ته گرمي پد ۾ مسلسل واڌ ۽ تمر جي ٻيلن جي گھٽتائي سبب ڪراچي شهر ايندڙ 35 کان 45 سالن ۾ سمنڊ جي پاڻي سبب ٻڏي سگھي ٿو. 
ماحولياتي تبديلين جا ڪارڻ
ماحولياتي تبديلين جو سڀ کان وڏو ڪارڻ ٻيلن جي واڍي آهي، جنهن جا کوڙسارا ڪارڻ آهن پر ٻيلن جي واڍي جو سڀ کان وڏو ڪارڻ فصلن جي پوکي آهي، انسان جي وڌندڙ آبادي سان گڏ سندس کاڌي پيتي جون گهرجون به وڌي رهيون آهن جن جي پورائي لاءِ اسان کي وڌيڪ زمين جي ضرورت پوندي آهي، جيڪا ٻيلا وڍي حاصل ڪئي ويندي آهي، ٻيو ڪارڻ ڪاٺ جو گھڻو استعمال آهي، ڪاٺ جي وڌندڙ گھرج کي ڏسي ٻيلن جي واڍي ۾ به تيزي اچي وئي آهي، ٽيون ڪارڻ روڊ ٺاهڻ ۽ رهڻ لاءِ زمين هموار ڪرڻ لاءِ به وڻ وڍيا ويندا آهن، انهن سان گڏ قدرتي طور ٻيلن ۾ لڳندڙ باهه سبب به ٻيلن کي تمام گھڻو نقصان ٿيندو آهي جيڪا باهه ڪيترن ئي ڏينهن تائين ٻرندي رهندي آهي ۽ ٻيلن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي آهي.
پاڪستان جي زمين جي 2.5 سيڪڙو حصي تي ٻيلا آهن جيڪي انتهائي ڳڻتي جوڳا انگ اکر آهن، جڏهن ته پاڪستان ٻيلن جي واڍي ۾ پوري ايشيا کنڊ ۾ پهرئين نمبر تي آهي.
ماحولياتي تبديلين جو ٻيو وڏو ڪارڻ فيڪٽرين ۽ موٽرڪارن منجھان نڪرندڙ دونهون هوندو آهي. اسان پنهنجي زندگي ۾ روزانو سفر لاءِ مختلف قسمن جا وسيلا استعمال ڪندا آهيون جن ۾ ڪار، ٽرڪ ۽ ٻيون سواريون شامل آهن، پر اسان شايد ان شئي کان اڻڄاڻ آهيون ته اسان پاران استعمال ٿيندڙ اهي شيون ماحول لاءِ تمام گھڻيون نقصانڪار آهن ڇو ته انهن مان نڪرندڙ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس اسان جي ماحول کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪا گنجائش ناهي ڇڏندي. انهي سان گڏ فيڪٽرين مان نڪرندڙ دونهون به اسان لاءِ تمام گھڻو حاڃيڪار آهي.
ماحولياتي تبديلين کي ڪيئن گھٽائجي
پنهنجي ماحول کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ اسان کي ڪجھ اهم شين کي نظر ۾ رکي تڪڙا اپاءُ وٺڻا پوندا.
ٻيلن جي واڍي کي روڪي انهن جي سارسنڀال لهڻي سان گڏ هٿرادو ٻيلا پوکڻ گھرجن ته جيئن اسان لاءِ اهم گئس آڪسيجن جو سرشتو هلندو رهي.
فيڪٽرين ۽ موٽر گاڏين مان نڪرندڙ دونهين جي تعداد کي گھٽائڻو پوندو تنهن لاءِ اسان کي ڪوئلي تي هلندڙ فيڪٽرين ۽ بجلي گھرن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، عام گاڏين جي تعداد کي گھٽائي سرڪاري طور تي ٽرانسپورٽ سسٽ۾ رائج ڪرائڻو پوندو.
ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گھرن کي يا ته شمسي توانائي تي هلائجي يا وري انهن کي هوائي توانائي تي منتقل ڪرڻ گھرجي، انهي سان گڏ اسان وٽ سامونڊي ڇولين جي ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ جو ذريعو به موجود آهي.
اهي ڪجھ طريقا استعمال ڪري اسان پنهنجي ماحول کي بهتر کان بهتر بڻائي سگھون ٿا ۽ پنهنجي ايندڙ نسل کي هڪ صحتمند ماحُل فراهم ڪري سگھون ٿا.

 

Comments

Popular posts from this blog

TWO OLD GOVERNMENT SCHOOLS OF HYDERABAD CITY

Aqeel Ahmed Soomro

مسرت ٹالپر: فیچر تاریخی مسجد بھوڈیسر- Musrat Talpur