A.D Khwaja Profile
Unedited
ROLL NO; 2K17-MMC-25
PEACE; PROFILE
پروفائيل
جيڪڏهن نيت صاف هجي ته خدا مدد ڪندو آهي،،
الله ڏنو خواجه
الله ڏنو خواجه 24 اپريل 1965ع تي ٽنڊو محمد خان ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو سيٺ عزيز علي خواجه آهي جيڪو اصل ڏندو اسٽيشن تلهار جو رهواسي هو ۽ سندس اباڻي زمين به اتي ئي آهي پاڻ بعد ۾ ٽنڊو محمد خان طرف لڏپلاڻ ڪيائون کيس اي ڊي خواجه سميت 5 پٽن ۽ 4 نياڻين جو اولاد آهي، اي ڊي خواجه جي پرورش سيٺ درياڻو مل نالي واڻيي ۽ سندس والد گڏيل طور تي ڪئي هـئي ڇاڪاڻ ته سيٺ درياڻو مل سندس والد عزيز علي خواجه جو بهترين دوست هو ۽ اها دوستي ايتري ته پڪي هئي جو هو گهر جي مسلن ۾ به هڪ ٻئي سان صلاح مشورو ڪندا هئا سيٺ درياڻي مل کي 4 نياڻين جواولاد هيو پر کيس پٽ جو اولاد نه هو جنهن ڪري هن اي ڊي خواجه کي پٽ ڪري سڏيو هو ۽ سندس پرورش سيٺ درياڻو مل ۽ سندس والد ٻنهي جي هٿن ۾ ٿي، اي ڊي خواجه پنهنجي پرائمري تعليم ٽنڊو محمد خان مان حاصل ڪئي جنهن کانپوءِ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مستقبل جي هن چمڪندڙ ستاري ڄامشوري جو رخ ڪيو، ۽ ڪيڊٽ ڪاليج ڄامشورو مان انٽرميڊيئيٽ جو امتحان پاس ڪيائين. انٽرميڊيئيٽ ڪرڻ کانپوءِ هن سن 86/87ع ۾اين.اي.ڊي (N.E.D) مان بي.اي(B.E) ڪئي ان کانپوءِ اي ڊي خواجه سي ايس ايس جو امتحان ڏنو جنهن ۾ سندس سليڪشن فارين سروسز کاتي ۾ ٿي جنهن کانپوءِ الله ڏنو خواجه 1987ع ۾ ٿيل ڪميشن (C.S.S)جو ٻيهر امتحان ڏنو جتي سندس بهترين نتيجي اچڻ تي 1987/4/14ع ڌاري کيس سنڌ پوليس ۾ ڊائريڪٽ (اي.ايس.پي) مقرر ڪيو ويو. ٽريننگ مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اي ڊي خواجه ڪجهه وقت بطور اي ايس پي تمام گهڻي محنت ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪيو ۽ سندس اي ايس پي شپ طوروپوسٽنگ جو گهڻو عرصو پنجاب ۾ گذريو ڪجهه عرصي بعد سندس جي بهترين رڪارِڊ عيوض کيس ترقي ڏئي )ايس ايس پي( جي پوسٽنگ ڏني وئي الله ڏنو خواجه حيدرآباد، بدين ۽ شڪارپور سميت سنڌ جي 7 ضلعن ۾ (S.S.P) رهي چڪو آهي، سندس پهرين پوسٽنگ بطور ايس پي بدين ۾ ٿي ٻئي پوسٽنگ بطور ايس پي شڪارپور ۾ رهي جنهن بعد سندس ٽئين پوسٽنگ دادو ۾ رهي هئي ۽ جنهن وقت مير مرتضيٰ شهيد ٿيو تڏهن جسٽس ناصر اسلم هڪ ڪميشن ٺاهي اي ڊي خواجه ان ڪميشن جو ميمبير پڻ هيو 2002 ۽ 3 جي وچ ۾ جڏهن حيدرآباد ۾امن امان جي صورتحال خراب هئي تڏهن اڍائي کان ٽي سال ايس ايس پي حيدرآباد رهيو جيڪو سندس امن امان قائم ڪرائڻ جي حوالي سان تاريخي پيرڊ رهيو، ان وقت دوران هن پنهنجي پڙهائي به جاري رکي هن 2003ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪرمنالوجي ۾ پنهنجي ماسٽرس مڪمل ڪئي ۽ ماسٽرس ڪرڻ دوران سندس رهائش ميٺارام هاسٽل حيدرآباد ۾ هئي جتي ساڻس تنهن وقت جو (اي ايس پي) حيدرآباد ڪينٽ شرجيل کرل جيڪو هن وقت ڊي .آء .جي آهي ۽ هن وقت جو ڊي.ايس.پي ماتلي خالد رستماڻي پڻ گڏ رهندا هئا جيڪي سندس هم ڪلاسي پڻ آهن، سندس جي ايمانداريءَ جا هونئن ته ڪيترائي مثال موجود آهن پر سندس سڀ کان وڌيڪ انوکو انداز اهو رهيو آهي ته هو روپ بدلائي پنهنجي ضلعي، ڊويزن اندر پاڻ ئي خفيه نگراني ڪندو رهندو آهي، جنهن جي ڪري سندس ڪمانڊ هيٺ ڪم ڪندڙ هر هڪ ننڍو توڻي وڏوپوليس عملدار يا َآفيسر ڪنهن به غيرقانوني ڪم ڪرڻ يا وري ڪنهن جي ونگار وهڻ کان لهرائيندا آهن، الله ڏنو خواجه ايس ايس پي کان علاوهه ڊي آءِ جي(D.I.G) ايسٽ ڪراچي ۽ ڊي آءِ جي سائوٿ ڪراچي پڻ رهي چڪو آهي،پر سندس لاءِ ان کان به وڌيڪ اعزاز جهڙي ڳالهه اها آهي ته هو پنهنجي محنت ايمانداريءَ ۽ دليريءَ سان ڊيوٽي ڪرڻ جي ڪري ڊائريڪٽر نيب (N.A.I.B)۽ ڊائريڪٽر ايف آءِ اي (F.I.A)جهڙن اهم عهدن تي پڻ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، سندس ڪامياب ترين سفر رڳو انهن عهدن تائين محدود ناهي پر الله ڏنوخواجه آءِ جي سنڌ مقرر ٿيڻ کان پهريان ايڊيشنل آءِ جي(A.I.G) اسپيشل برانچ پڻ رهي چڪو آهي. مارچ 2016ع ۾ سندس زندگيءَ ۾ تمام وڏو موڙ تڏهن آيو جڏهن تنهن وقت جي آءِ جي سنڌ غلام حيدر جماليءَ کي هٽائي بهترين رڪارڊ ۽ تجربي هئڻ ڪري تنهن وقت جي وزيراعظم ميان نوازشريف پاران کيس نئون آءِ جي سنڌ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي هئي، هي اهو وقت هيو جڏهن سنڌ پوليس وڏيرڪي نظام ۾ مڪمل طور تي جڪڙيل هئي پوليس غيرسياسي هئڻ بدران مڪمل طور تي سياسي هئي ۽ سنڌ پوليس ۾ ڀرتيون ميرٽ تي ٿيڻ بدران پئسن يا وري سفارش عيوض ڏنيون وينديون هيون، پر الله ڏنو خواجه ٿورڙي عرصي ۾ ئي ڄڻ ته سنڌ پوليس جي قسمت بدلائي ڇڏي آهي ۽ بطور آءِ جي گهٽ وقت اندر گهڻي تبديلي آندي آهي. جنهن ۾ هن نه رڳو عوام پر پوليس عملدارن لاءِ به ڪيترائي تعريف جوڳا قدم کنيا آهن جن ۾ 20،000 کان وڌيڪ نوجوان سنڌ پوليس ۾ ميرٽ تي ڀرتي ڪيا ويا آهن، ۽ ميرٽ تي ڀرتي يقيني بنائڻ لاءِ باقاعدهه هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي جنهن ۾ آرميءَ جي ڪور 5 ۽ (سي.پي.ايل.سي) جي ميمبرن کي شامل ڪيو ويو. ان کانسواءِ سالن کان رڪيل پروموشن ڪيا ويا آهن، شهيد نوجوانن جو معاوضو وڌايو ويو آهي، ٿاڻن ۾ رپورٽنگ ڪمرا مانيٽرنگ رومس کانسواءِ بيواهن لاءِ ڪروڙين روپيه بينوولنٽ فننڊ، اسپيشل برانچ ۽ سي ٽي ڊي کي مضبوط ڪرڻ سميت ٿاڻي ڪلچر کي تبديل ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اهڙن فيصلن جي ڪري کيس ڪيترن ئي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي ڇاڪاڻ ته حڪومتي ڪامورا اي ڊي خواجه تي ناراض آهن ۽ کيس ڪيترا ئي ڀيرا ان اينڊ آئوٽ پڻ ڪيو ويو آهي ۽ سندس عهدو پڻ خطري ۾ پيل آهي، پر تنهن هوندي به سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اسٽي آرڊر تي سنڌ جو هي مقبول ۽ محبوب پوليس آفيسر اڄ به مضبوطيءَ سان سنڌ پوليس جون واڳون جهلي بيٺل آهي، ۽ پنهنجي فطرت موجب عوام جي خدمت ڪري رهيو آهي سندس ويجهن دوستن ۽ پوليس آفيسرن موجب الله ڏنو خواجه جي طبيعت ٿڌي مزاج جي آهي ۽ هو ننڍپڻ کان ئي هميشه صبر کان ڪم وٺندي ٿورا پر معنيٰ رکندڙ لفظ ڳالهائيندو هو ۽ اڄ ڏينهن تائين به اها فطرت سندس مزاج ۾موجود آهي ۽ هو انتهائي شفيق ميرٽ تي يقين رکندڙ ۽ خدا جو خوف رکندڙ انسان آهي ۽ هن وقت به سندس جون خدمتون توهان ۽ اسان سڀني جي سامهون آهن،
Comments
Post a Comment