Shaista - Interview

Send writeups as attachment file.
پروفائيل
هنس راج هنس
شائسته سومرو
بي ايس پارٽ ٽيون
2K15/MC/110
         هنس راج هنس سنڌيونيورسٽي جي شعبي پوليٽيڪل سائنس م لڪچرر هجڻ جون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن پنهنجي نرم لهجي ۽ خوش مزاج طبيعت جي ڪري شعبي  جي شاگردن ۾ نمايا حيثيت رکي ٿو.
هنس راج هنس ولد مهيگراج  اوڏ جو تعلق ڳوٺ مانديل کان آهي جيڪو عمر ڪوٽ شهر کان ڏه ڪلو ميٽر اوتر طرف واقح آهي . سندس تعلق مزدور خاندان سان آهي ۽ هن  جا وڏا  هارپي سان لڳاپيل هئا.
سندس پيدائش 1990 ۾ ٿي.هن پنهنجي تعليمي سفر جو آغاز پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول کان ڪيو.هن جي شخصيت کي سنوارڻ ۾ هن جي استاد ڪيمچن جو پڻ وڏو ڪردار آهي .جنهن الاهي محنت ڪري کين پڙهايو هو.سندس انگريزي چوٿين درجي کان هي تمام سٺي هئي،تنهنڪري کيس ننڍپڻ کان پروفيسر ٿيڻ جو شوق ٿيو. مئٽرڪ هاءِ اسڪول مان ڪرڻ کانپوءِ هن گورنمنٽ ڊگري ڪاليج مان انٽر ڪيائون.ان کانپوءِپنهنجي مقصد سان گڏو سنڌيونيورسٽي ۾ پير پاتائون. سندس انتخاب پوليٽيڪل سائنس ۾ ٿي ۽ اهو سٺو ٿيو ڇاڪاڻ ته کيس سياسي شعور پهرين کان هيس.
 سنڌيونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ واري دور ۾ کيس محسوس ٿيو ته سندس ٻيا نوجوان تعليم کان وڌيڪ انٽرنيٽ جھڙي مشغولين ۾ مصروف هوندا هئا پر کيس هن جي طبيت هن سڀ ڳاليهن کان الڳ ڪندا هئا، ڇو ته هن کي پنهنجن مائٽن جو احساس هو ته ڪيڏي موشڪلن کي منهن ڏئي کيس پڙهائي رهيا آهن. هڪ دفعو سيمسٽر جي پيپرن جي فيس نه هو ته والده پنهنجا زيور وڪڻي به سندس فيس ڏني.هن واقعي هن جي ذهن تي اثر ڏاڍو ڪيو. پنهنجي والدين جون قربانيون ڏسي سندس دل ۾ پختو ارادو پيدا ٿيو پنهنجي والدين لاءِ ڪجه ڪرڻ لاءِ پنهنجي تعليمي دور ۾ تمام سٺو ۽ محنتي شاگرد هئا. سنڌ ادبي سنگت ۾ چانسلر طور ڪم ڪيائون ۽ مختلف اسٽڊي سرڪل ۽ ٻين تعليمي مشغولين، ۾ حصو وٺندا هئا.يونيورسٽيي ٽاپ پوزيشن سان پاس ڪيائون ۽ سلور ميڊلسٽ ٿيا.ان کانپوءِ ڪجھ عرصو ڳوٺ ۾ رهيا.ڳوٺان واپس اچڻ ٽيچنگ اسسٽنٽ لاءِ ٽيسٽ ڏنائون ۽ ٽيسٽن ۾ ڪامياب ٿي ٽاپ ڪيائون ۽ پوءِ هاڻ لڪچرار تائين پهتو.جڏهن ڄامشوري کان حيدرآبادوڃي رهيو هئس ته رستي ۾ خبر پئي ته رزلٽ آئي ۽ آئون ٽاپ ۾ آهيان اها خبر منهنجي زندگي جي سڄي محنت جو اجر ڏيندڙ خبر هئي،اها خبر نه صرف منهنجي لاءِ پر منهنجي پوري خاندان لاءِ پڻ بهترين ڳالھ هئي ڇاڪاڻ ته منهنجي خاندان مان پهريون فرد آهيان جنهن ايڏو تعليم حاصل ڪئي ۽ ڪمياب ٿيا.
ڪجھ ماڻهن جا خواب بس پنهنجي زات تائين محدود هوندا آهن ته ڪجه جا وري پنهنجي طبقي جي ماڻهن لاءِ .هنس راج جو خواب اها آهي ته هڪ اهڙو معاشرو هجي جتي هر ڪو پنهنجو انفرادي ڪردار ادا ڪري سگھي، ڇاڪاڻ ته اسان جي سماج دنيا جي ڀيٽ ۾ تمام پوئتي آهي.سياسي ۽ سماجي مسئلن کان علاوه م اڻبرابري جھڙا مسئلا پڻ آهن .سندس خواهش آهي ته هڪ اهڙو معاشرو قائم ٿئي، جتي ڪنهن به مظلوم سان نا انصافي نه ٿي.
لٽريچر سان تعلق هجڻ ڪري کين اخبارن م لکڻ جو شوق آهي مڊل تعليم کان وٺي هن مهل تائين ڪيترائي مضمون لکي چڪا آهن.انهن مضمونن جو مکيه توجھ مزدور طبقي تي آهي . هن جو ذاتي چوڻ آهي ته زندگي گزارڻ لاءِ پئسي جي ضرورت هوندي آهي پر پئسو سڀ ڪجھ ناهي،زندگي خوش رهي گذارڻ به هڪ زندگي آهي.
جئين ته اسان جڏهن لطيف سائين، شيخ اياز ۽ استاد بخاري کي پڙهون ٿا ته اسان جي اندر هڪ نئي ۽ مصبت سوچ جنم وٺي ٿي جيڪو اسان کي سکائي ٿي ته ڪيڏيون به مشڪلون اچن منزل جي لاءِ جستجو هجي ته سڀ آسان آهي .مستقبل جي رٿابندي جي حوالي سان سندس خيال آهي ته ايم فل کانپوءِ ڪنهن پرڏيهي اداري مان پي ايڇ ڊي ڪندس ته جئين پنهنجي شعبي سان گڏ سماج سان لڳاپيل مسئلن کي وڌيڪ صلاحيتن سان حل ڪجي ۽ معاشري جي بهتري ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار اداڪري سگھندس. هي پنهنجي شاگردن کي هميشه اهو تلقين ڪندو آهي ته پنهنجي پڙهائي ۽ پنهنجي مقصد سان سنجيده ٿيو پنهنجي ڪم کي دلچسپي سان ڪيو ته ڪاميابي اوهان جي آهي .

Comments

Popular posts from this blog

Yousuf Laghari Profile by Nimra

Aqeel Ahmed Soomro

TWO OLD GOVERNMENT SCHOOLS OF HYDERABAD CITY