Naseer Channa- MA -feature - ٽڪ جو ڪم
Feature should be reporting based. It is like an article. Intro should be interesting. It is not specific. too general.
فيچر
نصير چنا
2K17/MMC/33
ايم اي پريويئس
دادو ضلعي ۾ ٿيندڙ ٽڪ جو ڪم
سنڌ هنر جي لحاظ کان مالا مال آهي، جتي نه صرف مرد ڪاريگرن پر عورتن به ڪاريگري ۾ پاڻ ملهايو آهي، هو گهر جو ڪم ڪار ڪري پوءِ ٽوپو به ڏين ٿيون، ٽوپي جي انهي ڪم جي حوالي سان دادو ضلعي کي هڪ الڳ حيثيت حاصل آهي، سنڌ ۾ ڪٿي به ٽڪ جي ڪم جو ذڪر ٿيندو آهي ته دادو ضلعو سڀ کان پهرين ذهن ۾ ايندو آهي، جتي جي ٽڪ جو ڪم تمام گهڻو مشهور آهي ۽ اهو وڏي پئماني تي ٿي رهيو آهي.
دادو ضلعي جي تعلقي ميهڙ، ڪي اين شاهه، دادو، جوهي ۽ راڌڻ جا اهڙا سوين ڳوٺ آهن جتي جي رهواسين جو دارومدار صرف هٿ جي هنر تي آهي، انهن ڳوٺن جون عورتون ٽڪ جو ڪم تمام وڏي چاهه سان ڪن ٿيون، دادو ضلعي جي ٽڪ جون رليون، چولا، رمال، ويهاڻا، چادرون ۽ روا ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ تمام گهڻا مشهور آهن، هن وقت ته هٿ جي هنر يعني ڀرت وغيرهه ڀرڻ جون مشينون اچي ويو آهن، پر دادو ضلعي جون عورتون هٿ ذريعي ٽڪ جي ڪم جو هنر قائم ۽ دائم رکنديون پيون اچن.
دادو ضلعي جي اڪثر ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ عورتون ٽڪ جون رليون، چولا، رمال، ويهاڻا، چادرون ۽ روا تيار ڪري پنهنجي هنر کي زندهه رکنديون پيون اچن ته ٻئي طرف پنهنجو پيٽ گذر ڪري عزت جو پورهيو به ڪري رهيون آهن، هنرمند عورتون ٽڪ جي ڪم کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ بازارن مان مختلف قسمن جا ڪپڙا گهرائينديون آهن جنهن سان ٽڪ جو ڪم ڪيو ويندو آهي، جيڪو صدين کان هلندو پيو اچي.
دادو ضلعي جي عورتن پاران تيار ڪيل شيون مارڪيٽ ۾ آڻي مختلف علائقن ۾ وڪرو ڪيون وڃن ٿيون، جن کي ماڻهو تمام گهڻي شوق سان خريد ڪن ٿا، ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اڪثر طور تي ٽڪ جون رليون مهمان جي اچڻ تي انهن جي آجيان لاءِ وڇايون وينديون آهن، دادو ضلعي جي ٽڪ جون رليون، ويهاڻا ۽ رمال ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهو هتان گهرائي اتي استعمال ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن.
ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سنڌ جي ثقافت ۽ هٿ جي هنر کي نه صرف پنهنجي ملڪ ۾ پر ٻاهرين ملڪن ۾ به استعال ڪيو پيو وڃي ۽ ڏينهون ڏينهن ان جي خريدري ۾ به واڌ ٿيندي پئي وڃي، ٻهراڙين ۾ عورتن کي سهولتون نه هئڻ باوجود به اهي پنهنجي هنر کي اڳتي وڌائي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري رهيون آهن، عورتن جي هٿ سان ٺاهيل ٽڪ جي ڪپڙن سان ڪو به ميچ نه ٿو ڪري سگهي، سئي کان سواءِ ٻيو ڪو به اوزار استعمال نه ڪندڙ سگهڙ عورتون صدين کان جاري رهندڙ ان هنر کي زندهه رکنديون پيون اچن ۽ سندن سونن هٿن ۾ اڄ به اها خوبصورتي ۽ صفائي موجود آهي، جيڪا هميشه رهندي آئي آهي.
حقيقت اها آهي ته دادو ضلعي جي عورتن جي هٿ جي هنر سان سچائي آهي نه ته مشينري اچڻ بعد هي انتهائي محنت جوڳو ڪم اڳ ئي ختم ٿي چڪو هجي ها، پر عورتون سئي ۽ ڌاڳي جو ڪم ڪنديون آيون آهن جنهن ۾ گهڻي قدر شوق جو عنصر به نمايان هوندو آهي.
شادي مرادي، مڱڻي ۽ عيد جي موقعن تي عورتون هٿ جي هنر سان ٺاهيل شيون هڪ ٻئي کي تحفي طور به ڏينديون آهن. ٽڪ جي ڪم ۽ هٿ جي هنر جي تياري ۾ هتان جون عورتون اڀ کان اڳڀريون رهيون آهن.
Comments
Post a Comment