Nagarparkar feature- Anand Kumar


فيچر: ننگرپارڪر
آنند ڪمار 2k15-MC-19
بي ايس سال ٽيون

ننگر پارڪر: تپندڙ ريگستان کان ساوڪ سان ڍڪيل وادي تائين


لفظ ٿر ٻڌڻ شرط ذهن ۾ ڏڪار، بک ۽ بدحالي جو عڪس ٺهي ويندو آهي، جيئن هڪ سڪي جا ٻه پاسا هوندا آهن تيئن ئي ٿر به پورو سال ڏڪاريل ڏيهه ناهي رهندو.
تپندڙ ريگستان کي تازين پيل برساتن هڪ نئين ڪنوار وانگي سنواري ڇڏيو آهي، اها ڪنوار جنهن جي خوبصورتي جي هاڪ ٻڌي سياح ۽ عام ماڻهو سوين ڪلوميٽر پنڌ ڪري هتي پڄندا آهن.
ٿرپارڪر ضلعي جي هيڊڪوارٽر مٺي کان 129 ڪلوميٽر مفاصلي تي واقع هي ننڍڙو شهر پنهنجي اندر ۾ پراڻي تاريخ لڪايو ويٺل آهي، اها تاريخ جنهن تي اسان کي ڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هونءَ ته ضلعي جي هيڊڪوارٽر مٺي کان اڳ ۾ ئي ڀٽن جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو پر اهي ڀٽون ننگر جي ويجھو پڄڻ کان اڳ ئي غائب ٿيو وڃن ۽ پري کان هڪ جابلو سلسلو نظر ايندو آهي، جيڪو ڪارونجھر جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. انهي جابلو سلسلي کان پهريان ئي ننگرپارڪر جا حسين نظارا ڏسڻ لاءِ ملندا آهن، جن جي شروعات ننگرپارڪر کان پهريان ايندڙ گوڙي مندر سان ٿيندي آهي، جيڪو ويراواهه چيڪ پوسٽ کان ڪجھ 14 ميل اندر آهي، جنهن جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته هي مندر  1375اي ڊي ۾ ٺهيو، گوڙي مندر کان پوءِ سياحن جو ٻيون اسٽاپ ڀالوا هوندو آهي، جيڪو هڪ کوهه جي ڪري ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي، هي اهو ئي کوه آهي جنهن تي شاه سائين جي سورمي مارئي پاڻي ڀرڻ ايندي هئي جتان کيس عمر کڻي وڃي قيد ڪيو هو.
اتان کان جيئن اڳتي وڌبو ته ڪارونجھر جبل پنهنجو قد وڌائڻ شروع ڪندو، 16 ميل تي پکڙيل هي جابلو سلسلو هزارين سالن کان پنهنجو ڪنڌ ايئن ئي ڪر ڪيو بيٺو آهي، ڪارونجھر قدرتي معدنيات سان مالامال جبل هئڻ سان گڏوگڏ اتي رهندڙن جي جياپي جو به هڪ وڏي سهارو آهي، جتي جا ماڻهو جڙي ٻوٽيون کپائي ناڻو ڪمائين ٿا.
ننگرپارڪر شهر کان ٿورو پهريان ڀوڏيسر مسجد به ايندي آهي جيڪا 1505 ۾ تعمير ڪئي وئي هئي، انهي سجد جي ڀرسان هڪ جين مذهب جو مندر آهي جيڪو تمام َديم هئڻ جي باوجود اڄ به هڪ عمده ڪاريگري جي مثال بڻيل آهي.

اتان کان اڳٿي وڌندي ڪارنجھر جبل ڀليڪار چوڻ لاءِ بيٺل هوندو جيڪو پنهنجي هنج ۾ هڪ اهڙي شهر کي ويهاري ويٺل آهي جتي جي رهواسين پنهنجي ڏيهه جي مٽي جي خوشبو ناهي وساري نه ئي انهن لاءِ ڍڳين جي ڳچي ۾ ٻڌل گھنڊ جو آواز اوپرو ٿيو آهي.
پراڻن دڪانن واري هن ننڍڙي شهر جا رهواسي برسات کانپوءِ فصل پوکي يا وري چوپايو مال پالي پنهنجو گذر سفر ڪندا آهن، برسات ۾ ٿيندڙ جڙي ٻوٽيون ۽ کنڀي به هتان جي شهرين کي سٺو ٽيڪو ڏيو وينديون آهن، پيار ۽ محبت سان هڪ سادي زندگي گذاريندڙ هي ماڻهو پنهنجي مهمان نوازي لاءِ به مشهور آهن.
ڪاسٻي جي مندر ۾ ويٺل يوسف فقير جڏهن شاهه سائين جي سر سارنگ جا آلاپ وٺندو آهي ته ٻڌندڙ ته کيس داد ڏيندا ئي آهن پر مندر جا مور به سندس ساراهه پنهنجي ٻولي ذريعي ڪندي نظر ايندا آهن، اکين جي نور کان محروم هي فنڪار هر ايندڙ ماڻهو کي پنهنجي آواز ذريعي مدهوش بڻائي ڇڏيندو آهي.

قدرت جي حسين نظارن سان ڀريل هن شهر جا رهواسي مورن کي پنهنجي اولاد وانگي پاليندا آهن، جن کي داڻ پاڻي ڏيڻ انهن جي فرض ۾ شامل آهي، اهو ئي ته سبب آهي جو مور سندن گھرن ۾ بنا ڪنهن ڊپ جي گھمندي ڦريندي ڏٺا ويندا آهن.

سوين سال پراڻي تاريخ رکندڙ هي شهر ۽ ڪارونجھر سياحن لاءِ ته ڪشمير آهي پر رهنمائي جو نه هجڻ، رهڻ جي جڳهه جي کوٽ ۽ ٻين مسئلن جي ڪري اتي گھمڻ ايندڙ ماڻهو تمام گھڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيندا آهن، حڪومت طرفان ٺهرايل ريسٽ هائوس به بااثرن جي ذاتي استعمال هيٺ هئڻ ڪري سياحن کي ڪو خاص لاڀ نه ڏئي سگھيا آهن، شهر ۾ صرف هڪ اسپتال هئڻ سبب به سياحن سميت اتي جا رهواسي معياري طبي سهولتن کان محروم بڻيل آهن.
سنڌ جو ڪشمير بڻيل هي شهر به هڪ اعليٰ سياحتي مقام بڻجڻ جي لائق آهي، اهڙو سياحتي مقام جتي جو لفظ ٻڌندي اسانجي ذهن ۾ ڪارونجھر، قديم مندر، مسجد، پيار، محبت، مورن جي ٻولي، فقير يوسف جا آلاپ ۽ قدرت جو هڪ شاهڪار ڪرشمو تري اچي.


Comments

Popular posts from this blog

TWO OLD GOVERNMENT SCHOOLS OF HYDERABAD CITY

Aqeel Ahmed Soomro

مسرت ٹالپر: فیچر تاریخی مسجد بھوڈیسر- Musrat Talpur