Javed Kehar MA -Feature

 Referred back, file it till Friday evening
.Observe proper paragraphing.
It is written in interesting manner.  Feature is always reporting based. 
Do not use copyright photos. it is dishonesty and cyber crime
فيچر

نالو؛ جاويد ڪيهر
رول نمبر: 2K15/MC/36
بي ايس پارٽ ٽيون

قدرتي حسن سان سرشار :  ڪيٽي بندر

جيئن ته اسين سنڌ جي ڳالھ ڪريون ته اسان کي ڪافي قديمي، تاريخي ۽ پوراڻيون شيون نظر اينديون، اهو ئي سبب آهي جو دنيا جي قديم ترين تهذيبن جي مهندار موئن جو دڙو پڻ اسان جي سٻاجهڻي سنڌ ۾ آهي، اسان جي سنڌ ڌرتي کي سونهن جي ڌرتي بنهه کوٽيو ويندو آهي، جنهن جو مثال اسان جا صوفي بزرگ، اديب ۽ شاعر آهن جن پنهنجي شاعري، لکڻين ۽ ڪلامن ۾ کولي بيان ڪري ٻڌايو آهي. جيئن ته اسين جي سهڻي شهر ٺٽي جي ڳالھ ڪريون ته اسان کي ڪافي ڪيتريون ئي تاريخي ۽ تفريحي جايوم ملنديون، جن ۾ ايشا جو وڏي ۾ وڏو ۽ تاريخي مڪلي جو قبرستان، ڪينجهر ڍنڍ، شاهجهان مسجد، ڀنڀور ۽ گهارو جو واٽر پارڪ موجود آهن، جتي سنڌ توڙي پاڪستان جي مختلف علائقن کان ماڻهو تاريخي ماڳ گهمڻ لاء ڪهي اچن ٿا. ڪيٽي بندر هي ٺٽي شهر کان 100 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي موجود آهي، ڪيٽي بندر هڪ اهڙي تفريعي گاھ آهي، جتي ماڻهون گهمڻ ڦرڻ ۽ تفريعي لاءِ ڪيٽي بندر جو رخ ڪندا آهن، ڪيٽي بندر هڪ اهڙي تفريحي گاھ آهي جنهن جي چوڌاري سمنڊ هي سمنڊ آهي، تاريخ مان خبر پوي ٿي ته هي شهر ٽي دفعا سمنڊ ۾ غرڪ ٿي چڪو آهي، ڪنهن دور ۾ جڏهن سنڌ اندر بئراج ۽ پليون وغيره نه ٺهيل هيون تنهن دور ۾ ڪشتين ذريعي واپار وغيره لاء بندرگاه استعمال ٿيندا هئا جن ۾ ڪراچي بندر گاهه ۽ ڪيٽي بندرگاه شامل آهن جيڪي سامونڊي بندرگاهه آهن جڏهن ته درياء ذريعي به ڪشتين تي سامان وغيره اماڻيو ويندو هيو انهن بندرگاهن ۾ حيدرآباد جو گدو بندرگاه، سکر جو بند روڊ (جيڪو ان وقت سنڌو درياهه جي ڪپن تي ٺهيل هيو) لاڙڪاڻي جو بندر روڊ شامل آهن، جيئن جيئن وري ٽيڪنالاجي ترقي ڪئي ۽ روڊ، رستا، پلون ۽ بئراج ٺهيا ته ڪيٽي بندر جي اهميت به گهٽبي وئي، جڏهن ته ڪراچي وارو بندر گاهه ته اڃا به ڄميل آهي ڇاڪاڻ ته ٻين ملڪن جا بهري جهاز اتي اچن ٿا ۽ هي بندر گاهه امپورٽ ايڪسپورٽ لاء به استعمال ٿئي پيو. ڪيٽي بندر تي سنڌ توڙي ٻين صوبن جا ماڻهو گهمڻ ڦرڻ لاء اچن ٿا، جڏهن ته بندرگاهه ڀرسان ئي وائيلڊ لائيف وارن جي آفيس به جيڪا سمنڊ مان نڪرندڙ مڇين، جهينگن تي تحقيق ڪري ٿي،هتي ماڻهون اچي ڪشتين ذريعي سمنڊ جو سفر ڪندا آهن ۽ سمنڊ جي پاڻي مان ڀرپوُر مزو وٺندا آهن ۽ ان سان گڏو گڏ سمنڊ ۾ مڇي جو شڪار به ڪندا آهن. هن ڪيٽي بندر شهر جي خاص ڳالھ اُها آهي ته هتي جو حلوو ۽ هتي جي مڇي تمام گھڻي مشهور آهي،مڇي جنهن ۾ جينهنگو مڇي ۽ پلو تمام گهڻو مشهور آهن ڪيٽي بندر جو حلوو جيڪو ڏيهه توڙي پرڏيهه سوغات طور به موڪليو ويندو آهي موڪليو، جيڪو سچي گهي سان تيار ڪيو ويندو آهي ،جڏهن ماڻهون هتي گهمڻ،تفريح ڪرڻ کانپوءِ موٽيندي وقت هتان کان حلوو ضرور پنهنجن دوستن عزيزن ۽ گهروارن جي لاءِ وٺي ويندا آهن.۽ هتي ٻيا به ڪافي باغ موجود آهن جنهن ۾ ناريل جو وڻن جا باغ ،ڪيلن جا باغ ۽ پانن جا چاپرا ۽ ٻيا ڪافي باغ موجود آهن،پان جو وڻ جيڪو سنڌ ۾ گهڻي مان گهڻو فصل هتي ٿئي ٿو،جيڪو سڄي پاڪستان توڙي ٻين ملڪن ڏانهن به موڪليو ويندو آهي،۽ هتي جي رھواسي ماڻھن جو ڪاروبار جو دارومدار صرف ۽ صرف مڇي ۽ پوک تي آهي پوک ۾ زيادھ مان زيادھ پان، ناريل ۽ ڪيلو جو تمام گھڻو فصل ٿيندو آهي. جنهن سان هو پنهنجي ذندگي جو گوظر سفر ڪندا آهن،هتي جا ماڻهو بلڪل سادي زندگي جيان گوذاريندا آهن،۽ تمام گھڻا محبتي ماڻهن آهن. آيل مهمانن جوپوري دل سان آجيان ڪندا آهن.

ڪيٽي بندر تي تعينات ٿيل سرڪار ي ملازم وحيد ميمڻ جو چوڻ هو ته ڪيٽي بندرگاهه پاڪستان جي پراڻي بندرگاهه آهي، پر جيئن جيئن ملڪ ترقي ڪئي تيئن وري بندرگاهن جو زوال شروع ٿيو آهي، سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪيٽي بندرگاهه سنڌ جو تمام تفريح گاهه پڻ آهي پر حڪومتي جي بي ڌياني سبب هي بندرگاهه پنهنجو حسن وڃائيندي پئي وڃي، هتي ڪراچي ۽ سنڌ جي مختلف علائقن مان ماڻهو گهمڻ ڦرڻ اچن ٿا پر بهتر تفريحي گاهه نه هجڻ جون شڪايتون پڻ ڪندا آهن، هن وڌيڪ ٻڌايو ته هتي نه صاف پاڻي آهي نه ئي وري روڊ بهتر ٺهيل آهي جنهن ڪري ايندڙ ماڻهن کي وڏي مشڪل پيش اچي ٿي، ان کان علاوه رات جو رهڻ لاءِ ريسٽ هائوس به نه آهن ڪراچي ۽ ٻين شهرن جا ماڻهو بس ڏينهن جو ڪيٽي جو حسن ۽ مڇي شڪار ڪرڻ بعد ئي هليا ويندا آهن، هن سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي ته ايندڙ ماڻهن جي لاءِ ڪيٽي بندر تي بهتر تفريهي سهلتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن هي بندرگاهه پنهنجو مقام برقرار رکي سگهي.

Comments

Popular posts from this blog

Aqeel Ahmed Soomro

مسرت ٹالپر: فیچر تاریخی مسجد بھوڈیسر- Musrat Talpur

TWO OLD GOVERNMENT SCHOOLS OF HYDERABAD CITY