Ali Raza MA- Feature
This is not feature. Topic which was discussed and approved was different from what u wrote. Plz stick to the topic and focus statement which was approved.
Feature is always reporting based. In ur case it is not so.
Revise it, till coming Friday evening
نالو علي رضا لاشاري
ڪلس ايم اي پريويس
رول نمبر 11
فيچر
وونئڻن جي مند
پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، جتي ڦٽي، ساريون ۽ ڪڻڪ سميت ڪيترائي فصل ٿيندا آهن. ڦٽيون سنڌ ۾ اپريل مهيني کان عام جام ڪاهيون وينديون آهن ۽ ڦٽي پوکڻ جا ٻه طريقا هوندا آهن ڪي هاري ناڙيءَ ته ڪي وري کريا ڪڍي ڪڪڙن جون چنگيون هڻندا آهن، ناڙي ذريعي ڦٽيون هڻڻ جو طريقو کرين کان بلڪل مختلف هوندو آهي ڇاڪاڻ جو ناڙي دوران ٻه هاري ٽريڪٽر جي پويان ناڙي تي ويٺل هوندا آهن ناڙي به هر وانگر ئي هوندي آهي جنهن ۾ ٻه ڪرسيون لڳل هونديون آهن ۽ انهن ڪرسين جي سامهون هڪي نموني جا ٻه سوراخ هوندا آهن جنهن ۾ ڪرسين تي ويٺل ٻه هاري ٻج يعنيٰ ڪڪڙن جون مٺيون ڀري هاريندا رهندا آهن ۽ اهڙي طرح سان اهو ٻج زمين ۾ پيو هاربو آهي جنهن کي ناڙيء ذريعي ڪاهه چئبو آهي جڏهن ته ٻيو طريقو ان کان بلڪل مختلف آهي ان ۾ وري هاري پنهنجي زمين ۾ ٽريڪٽر ذريعي کريا ڪڍرائيندا آهن ۽ بعد ۾ ان زمين کي پاڻي ڏنو ويندو آهي جنهن کانپوءِ ان پاڻي آيل زمين ۾ هاري ونگار ڪري يا وري مزدوريء تي چنگيون هڻائيندا آهن، ان سڄي عمل کانپوءِ هر ٽئين يا چوٿين ڏينهن تي انهن کرين کي پاڻي ڏنو ويندو آهي ۽ تقريبن 15هين ڏينهن وونئڻ زمين مان صاف ظاهر نظر ايندا آهن هارين مطابق وونئڻن جي سنڀال به اوتري ئي ڏکئي هوندي آهي جيتري ننڍي ٻار جي.!!
وونئڻ ناڙِيء ذريعي يا وري کرين ذريعي ڪاهڻ جو ڪو خاص فرق نه هوندو آهي بلڪه فرق صرف ايترو هوندو آهي ته ناڙيءَ ذريعي ڪاهيل وونئڻ کرين ذريعي ڪاهيل وونئڻن کان وڌيڪ پاڻي استعمال ڪندا آهن، تنهن ڪري هاري ۽ زميندار پاڻيءَ جي پوزيشن کي ڏسندي اهڙي قسم جا فيصلا ڪندا آهن ته ڪهڙو طريقو استعمال ڪرڻ گهرجي ان کانپوءِ جڏهن وونئڻ ٻن مهينن جا ٿيندا آهن تڏهن کين مختلف بيماريون وٺنديون آهن جن ۾ خاص ڪري بگ نالي مک تمام خطرناڪ هوندي آهي ۽ هاري اهڙين بيمارين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مختلف قسم جا ڦونهارا ڪندا آهن. وونئڻ تي ڪڻڪ جي بنسبت وڌيڪ خرچ ڪيو ويو ويندو آهي ۽ جڏهن وونئڻ تيار هوندا آهن گلٻاٽي جهليل هوندي آهي تڏهن هاري هڪ نئين امتحان ۾ پئجي ويندا آهن اها بارش هوندي آهي جنهن ۾ وونئڻن کي نقصان پهچندو آهي ڇاڪاڻ ته ان وقت ڦٽي نقرڻ لاءِ تيار هوندي آهي ۽ مٿان ڪرندڙ بارش سندس گلٻاٽي ڇاڻي ڇڏيندي آهي ۽ هيٺ بيهندڙ پاڻي پڻ وونئڻن لاءِ نقصانڪار هوندو آهي اهڙي صورتحال ۾ هاري مينهن بيهڻ جو انتظار ڪندا آهن جنهن وقت مينهن بيهندو آهي ته هو جلدي ئي ڪوڏاريون ڪلهي تي رکي پنهنجي فصل طرف ويندا آهن ۽ ان مان پيا پاڻي ڪڍندا آهن، ڪي ڪي هاري ته وونئڻ ڪاهيندي ئي سيٺن سان معاهدو ڪري ڇڏيندا آهن معاهدي مطابق ريٽ طئي ڪيو ويندو آهي جنهن کان پوءِ فصل لهڻ وقت في مڻ رقم جيتري به هجي پر ان هاريءَ کي ڪيل معاهدي واري ريٽ تي ئي ڏيڻي پوندي آهي پوءِ ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾.!
اهڙي طرح وونئڻن جي چونڊائي سيپٽمبر ۾ شروع ٿي ويندي آهي جنهن بعد وري ڪڻڪ جو فصل ڪاهبو آهي.
Comments
Post a Comment