Akram Ranjhani - MA -article
Akram Ali Ranjhani(Roll#MMC- 09) (اڪرم علي
رانجهاڻي... ايم. اي. پريويس. ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ، رول
نمبر... ايم ايم سي. 09 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو)
(آرٽيڪل)
سنڌو
درياهه ۾ گٽر نالن جو ڇوڙ
اڪرم
رانجهاڻي
سنڌو درياهه جتي صاف پاڻي جي وهڪري جو هڪ اڻکٽ هنڌ آهي، ان ساڳئي
درياهي وهڪري ۾ وهندڙ صاف پاڻي بدران اڄڪلهه حيدرآباد شهر جي گٽر نالن جي گندي
پاڻي جو ڇوڙ به وڏي پيماني تي ٿي رهيو آهي. گٽر نالن جو اهو گندو پاڻي ڪٿان وهي
اچي سنڌو درياهه جي سيني ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، اها ڳالهه بلڪل واضح ۽ چٽي پيل آهي ته اهي
گٽر نالا قاسم آباد جي نسيم نگر، واڌو واهه، المصطفيٰ ٽائون، سٽيزن ڪالوني،
عبدالله سينٽر، پڪوڙا
چوڪ، قاسم آباد فيز ون، قاسم آباد فيز ٽو، ڀٽائي نگر، ماروي ٽائون، وحدت ڪالوني،
حسين آباد، انور ولاز، شيدي ڳوٺ، سحرش نگر، لطيف آباد، جي او آر ڪالوني، لطيف آباد
نمبر ون، لطيف آباد 2، لطيف آباد 3، لطيف آباد 4، لطيف آباد 5، لطيف آباد 6، لطيف
آباد 7، لطيف آباد 8، لطيف آباد 9، لطيف آباد 10، لطيف آباد 11، لطيف آباد 12 ۽
ڪنڀار پاڙي توڙي سرڪاري آفيسن جي مرڪز بڻيل شهباز بلڊنگس ۽ ڪوٽڙي جي سموري شهري
آبادي سميت مختلف علائقن ۽ پاڙن جي وڏين عمارتن، پلازائن، فليٽن، بنگلن ۽ سرڪاري
آفيسن مان نڪرندڙ گندي پاڻي جو نيڪال اچي سڌو سنئون وڏن پائيپن وسيلي سنڌو درياهه
۾ ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو. اها ڳالهه عالم آشڪار آهي ته 2013ع ڌاري نسيم نگر کانوٺي سحرش
نگر تائين ويندڙ مين روڊ جي سيني کي ڇيري اتان گٽر نالن جي گندي پاڻي جو سنڌو
درياهه ۾ نيڪال ڪرائڻ لاءِ پائيپ لائين وڇائي وئي هئي، جنهن پائيپ لائين جي وڇائي
لاءِ ڪروڙين روپين جا ٽينڊر ان وقت حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي پاران ايڇ ڊي اي ۽ ٽي
ايم اي قاسم آباد جي سهڪار ڪرايا ويا هئا، گٽرن جي گندي پاڻي جي نيڪال واري اها
اسڪيم وڏي ديده دليري سان مڪمل ڪئي وئي هئي ۽ اها پائيپ لائين نسيم نگر کان سحرش
نگر تائين ويندڙ مين عوامي روڊ جي هيٺان دفن ڪري ان کي اتان گذاريو ويو آهي. ان
کانسواءِ سحرش نگر جي بچاءُ بند وٽ سنڌو درياهه جي کاٻي پاسي واري سيراندي کان
درگاهه گل شاهه بخاري جي پٺئين پاسي بچاءُ بند جي ڌار کي ڇيري اتان گٽر نالي جو
وڏو پائيپ پڻ گذاريو ويو آهي، جنهن گٽر نالي جي پائيپ وسيلي قاسم آباد جي اهم
علائقن ۽ ڪالونين جو گندو پاڻي سنڌو درياهه اچي پوي ٿو ۽ اهو گٽر نالو 24 ڪلاڪ
پنهنجي مستي سان پڻ وهي رهيو آهي.
قاسم آباد جي علائقن کي ڇڏي ڪري جڏهن لطيف
آباد واري پاسي اچجي ٿو ته حسين آباد جي بچاءُ بند کان ٿيندي مير ٽالپرن جي زمينن
۽ سنڌو درياهه ۾ ڪنهن زماني کان قائم هندن جي مساڻ وٽ ايندڙ علائقو لطيف آباد جي
حد ۾ آهي، جن پاسن کان پڻ سنڌو درياهه ۾ گندي پاڻي جي ڇوڙ لاءِ ڪيترائي گٽر نالا
جوڙيا ويا آهن ۽ انهن گندن پائيپ لائين جو رخ سڌو سنئون سنڌو جي ڇاتي مان وهندڙ
پاڪ پويتر پاڻيءَ ڏانهن ڪيو ويو آهي ۽ اهو گٽر نالن جو گندو پاڻي پڻ درياهه جي صاف
پاڻي سان ملي وڃي ٿو. ان ڳالهه هرگز وسارڻ جهڙي ناهي ته ڄامشوري جي ٿڌڙين هوائن جي
منظر گاهه يعني المنظر وٽان شروع ٿيندڙ سنڌو درياهه جي ساڄي ڪنڌي ۽ حيدرآباد جي
تعلقي قاسم آباد جي حدن ۾ ايندڙ اهم علائقي ڪرن خان شورو وٽان سنڌو درياهه جي شروع
ٿيندڙ کاٻي ڪنڌي کان ٿيندي حيدرآباد جي لطيف آباد واري آخري ڇيڙي ۽ ڪوٽڙي شهر جي
آخري پڇڙي تائين سنڌو درياهه جي ان سموري ايراضي ۾ ٻنهي ڪنڌين وٽ گندي پاڻي جا
ڪيترائي گٽر نالا ۽ گٽر ناليون جوڙيون ويون آهن، جن مان وڏي پيماني تي پڻ گندي
پاڻي جو نيڪال جاري ۽ ساري رهي ٿو.
سنڌو درياهه ڇا آهي ۽ هن ڪائنات ۾ هن دادلي
درياهه جي ڪيتري اهميت آهي، اهو سڀ ڪجهه سنڌ ۽ دنيا جي تاريخ ئي ٻڌائي سگهي ٿي. پر
ان ڳالهه کان ڪوبه شعور رکندڙ فرد هرگز منهن نه ٿو موڙي سگهي ته سنڌو درياهه هن
خطي جي ماڻهن لاءِ انساني جياپي جي اهم وسيلي پاڻي جي حاصلات سان گڏوگڏ عقيدت جو
محور به رهيو آهي. هڪ ڪتاب سنڌو شينهن درياهه ۾ اهو لکيو ويو آهي ته سنڌو درياهه
جي شروعات چين جي هنڌان ٿئي ٿي، جنهن هنڌ جي بڻاوت شينهن جي واتان نما آهي ۽ اهو
ساڳيو سنڌو درياهه چين مان ٿيندو ڀارت جا لڪ لتاڙيندو لتاڙيندو اچي پاڪستان جي
مهڙين جاءِ پنجاب وٽ پهچي ٿو، جتان پڻ سنڌو جو سفر راوي، جهلم، چناب ۽ ستلج کان
ٿيندي اچي سنڌ جي ٿاڪ وسائي ٿو ۽ سکر، روهڙي جي گڊو بئراج کان وهندي اچي ڪوٽڙي
بئراج جي دروازن تائين پهچي ٿو جتان وري ساڳئي سنڌو شينهن درياهه جو پنڌ ڪوٽڙي
بئراج کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ ٿئي ٿو ۽ آخرڪار هن دادلي درياهه جي وهڪري پڄاڻي سنڌ
جي ڪراچي واري سمنڊ ۾ ٿئي ٿي، جتي سهڻي سنڌو جو مٺو پاڻي سمنڊ جي کاري پاڻي ملي ڪري
سامونڊي پٽيءَ سان وسندڙ انساني آبادي کي سمنڊ جي تباهه ڪندڙ کاري پاڻي جي ڇاڙ کان
بچائي وٺي ٿو. سنڌو درياهه جتي هزارين، لکين ۽ ڪروڙين انسانن جي آبادي کي پاڻي
جهڙي اهم جياپي جو سهارو ڏئي ٿو، اتي وري اپ اسٽريم ۽ ڊائون اسٽريم جي اوڀاري
لهواري چاڙهه ذريعي جنم وٺندڙ مڇي جي پلي واري جنس جي کاڄ کي ماڻهن کي ڏئي ٿو ته
ساڳئي هنڌ وري سمنڊ جي کارائڻ کان به پناهه ۾ رکي ٿو. اهي آهن سنڌو درياهه جون
ڪرامتون.
اهو معاملو انهتائي ڏکوئيندڙ آهي ته هاڻي هتي
سنڌو درياهه ۾ گٽرن نالن جو ڇوڙ ڪري هڪ وڏي عذاب کي دعوت ڏني پئي وڃي، جيڪو عذاب
هيپاٽائيٽس، دم، سهڪي ۽ چمڙي جي بيمارين سميت ٻين مرضن کي پڻ جنم ڏئي رهيو آهي ۽
ان معاملي تي خود صحت کاتي سان لاڳاپيل ماهر ڊاڪٽر به متفق آهن ته اهي مرض صاف
پاڻي سان گندي پاڻي جي ملڻ سبب اڪثر طور پيدا ٿين ٿا. اها حقيقت آهي ته اڄ اسان جو
سماج جيڪو هيپاٽائيٽس جهڙي موذي مرض سميت ٻين ڪيترين ئي بيمارين ۾ وڪوڙيل آهي، اهو
سڀ درياهه، شاخن، واهن ۽ ڍنڍن ۾ گندي پاڻي جي نيڪال ۽ ملاوٽ سبب ئي ٿئي ٿو، جيڪو
عمل انساني آبادي لاءِ انتهائي خطرناڪ کان خطرناڪ آهي. ان حوالي سان سنڌ سرڪار
توڙي وفاقي حڪومت سميت ملڪ جي اعليٰ اختيارين کي سنڌو درياهه ۾ گندي پاڻي جي گٽرن
نالن جي ٿيندڙ ڇوڙ واري معاملي جو هڪدم نوٽيس وٺي گندي پاڻي جي اهڙي وهڪري کي جلد
کان جلد بند ڪرائي سنڌو درياهه جي صاف
پاڻي کي بچايو وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ سنڌو درياهه جي صاف ۽ پاڪ پاڻي جي بنياد تي
حياتين جو جياپو ڪندڙ انساني آباديءَ کي وڌيڪ جاني خطرن کان بچايو وڃي. حقيقت ۾
اها سموري ذميواري وقت جي حاڪم و حڪمرانن تي عائد ٿئي ٿي، جن کي پڻ ڪنهن به سستي
کانسواءِ اهو عمل جلد ڪرڻ گهرجي.
(اڪرم علي رانجهاڻي... ايم. اي. پريويس.
ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ، رول نمبر... ايم ايم سي. 09 سنڌ
يونيورسٽي ڄامشورو)
Comments
Post a Comment