NOMAN MEER JAMALI Copy paste

Copy paste

NOMAN MEER JAMALI
2K14/MC/75
B.S PART IV
FEATURE
سنسنڌ جو سچو سپاهي شهيد جنرل هوش محمد شيد

هوش محمد شيدي هڪ بهادر، غيرت مند سنڌ جو سپاهي هو۔هي ٽالپر فوج جو ليڊر هو ۽ حڪومت برطانيه جي خلاف مياڻي ۽ دٻي ۾ خوب لڙيو۔هوش محمد شيدي وارا قمبراڻي ذات جا سڏيا ويندا آهن ۽ گهر ۾ سرائڪي پڻ ڳالهائيندا آهن۔ ۽ هوش محمد شيدي جو جڳ مشهور سرائڪي نعارو اوهان به ٻڌو هوندو
مرسون مرسون سنڌ نه ڏينسون

هوش محمد پنهنجي بهادري همت ۽ وطن سان پيار جو ثبوت ڏيندي 24 مارچ 1843ع تي دٻي جي شڪست واري صورت حال کي سنڌ جي نه وسرندڙ فتح واري صورت ۾ تبديل ڪري پنهنجو ۽ سنڌ جو مان مٿاهون ڪيو۔ هوش محمد شيدي جي بهادري کي سر جيڪب ڏسي ائين چوڻ تي مجبور ٿيو ته مون سترهن جنگون لڙيون آهن مگر هوش محمد شيدي جهڙو بهادر ماڻهون مون پنهنجي زندگي ۾ ناهي ڏٺو ۽ سندس بهادري ۽ بي خوفي جي ڪري مون کي کيس سان نفرت ۽ ساڙ اڃان به وڌي ويو آهي۔ هوش محمد شيدي مياڻي جي جنگ جيڪا 17فيبروري 1843ع ۾ انگريز ۽ ٽالپرن وچ ۾ لڳي هئي ان ۾ به انگريزن کي ٽوٽا چٻرايا هئا۔ ۽ اهڙن سنڌ جي جوڌن جوانن تي سنڌ کي هميشه ناز رهندو۔ 
هوش محمد جو مختصر تعارف
""
سنڌي ٻولي جو مشهور ليکڪ دانشور محترم جناب ڊاڪٽر غلام علي الانه صاحب پنهنجي هڪ ڪتاب ( اسان جي آزادي جا اڳواڻ ) ۾ لکي ٿو ته هوش محمد شيدي جي ڄمڻ جي تاريخ جي باري به ڪا صحيح ڄاڻ ملي ناهي سگهي، پر ان لاء ايترو چيو وڃي ٿو ته مير فتح علي خان جي فرزند مير صوبيدار علي خان جي ڄم جو علم آهي۔ ۽ هوش محمد شيدي مير صوبيدار جو هم عمر هو ۽ مير صوبيدار جنرل هوش محمد شيدي جو سٺو دوست ۽ ساٿي هو۔ ان مان اهيو اندازو ٿئي ٿو ته شهيد هوس محمد شيدي به 1801ع ڌاري ڄائو هجي۔
هوش محمد محمد شيدي جو نالو ۽ نعارو

هوش محمد شيدي نه ڪي وڏا ڪتاب لکيا نه ڪي وڏيو تقريرون ۽ جلسه جلوس ڪيا ۽ نه وري ٻٽاڪون هنيون، نه وري ڪا وڏي تحرير يا شاعري ڇڏي، پر هن صرف هڪ نعارو ڇڏيو، مرسون مرسون پر سنڌ نه ڏيسون ۽ ان ڳالهه تي قائم رهيو ۽ ان نعاري پويان پنهنجي جان به قربان ڪري ڇڏيائين. جنهن جي ڪري سندس نالو ۽ سندس نعارو مرسون مرسوم پر سنڌ نه ڏيسون سنڌ جي هر پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل شخص جي زبان تي گونجي رهيو آهي. ۽ گونجندو رهندو. انشاءالله.

هوش محمد شيدي ۽ ڌاريو ڪيپٽن


هوش محمد شيدي جي بهادري جي حوالي سان محترم منصور قادر جوڻيجو صاحب لکي ٿو ته هوش محمد شيدي جي بهادري ۽ عقلمندي جو ٻڌي هڪ ڌاريو ڪيپٽن هزارين ميل پنڌ ڪري جڏهن حيدرآباد سنڌ مان گلن جي چادر وٺي جڏهن حيدرآباد جي پڪي قلعي وٽ پهتو ته کيس حيرت وٺي وئي ، ڇو جو جڏهن هن هوش محمد شيدي بابت پڇيو ته اتي جي ماڻهن هن کي ٻڌايو ته هتي ته ڪابه هوش محمد شيدي جي قبر ڪانهي ۽ ڪهڙو هوش محمد .
۽ پوء اهو ڪيپٽن ٿوري گهڻي معلومات حاصل ڪري واپس وريو ۽ ڊان اخبار ۾ 28 مئي 1975ع تي هڪ مضمون لکيو جنهن ۾ هن لکيو ته مون کي جنرل هوش محمد شيدي جي بهادري جو ٻڌي ڪري هوش محمد شيدي لاء هڪ امنگ جاڳي ۽ انجي قبر تي وڃڻ لاء دل بيتاب ٿي۔ ۽ مان ان جي قبر تي حضري ڀرڻ لاء حيدرآبد سنڌ پهتس مگر افسوس جو هيڏي وڏي بهادر انسان جي قبر جي ڪنهن کي به خبر نه آهي. جڏهن ته انگريز فوجين جيڪي ماريا ويا هئي انهن جي يادگار ته موجود آهي پر هڪ بهادر انگريز دشمن جي قبر جي ڪنهن کي به خبر ناهي۔
توهان ڏسو ته هڪ ڌارئي ڪيپٽن کي به سندس قبر ۽ يادگار جو ايترو فڪر ۽ خيال آهي. هوش محمد شيدي جي قبر 

هوش محمد شيدي جي قبر جي نشاندهي جي شروعات هڪ ڌارئي ڪيپٽن معين الدين ڪئي جنهن هوش محمد شيدي جي بهادري جو ٻڌي حيدرآباد سنڌ آيو ۽ پوء ڊان اخبار ۾ هڪ مضمون لکيو. تنهن کاپوء سنڌ جي عاشق ليکڪ جناب محترم پير علي محمد شاه راشدي 12جنوري 1979ع تي وري ٻيهرڪئي ۽ هڪ مضمون رند ۽ پنڌ نالي لکيو.
جنهن ۾ هن لکيو آهي ته جيسيتائين منهنجي معلومات آهي ته حيدرآباد واري قبر هوش محمد شيدي جي نه پر ٽالپرن جي هڪ توبچي جي آهي. جنهن جي نالي جي خبر ناهي. پير صاحب وڌيڪ ايڇ ٽي لمبرڪ جي مقالي جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته ( جيڪو مقالو ايڇ ٽي ليمبرڪ 24فيبروري 1937ع ۾ سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي اڏو پڙهيو هو. شيرسنڌ مير محمد خان ٽالپر جي هڪ ٻئي سپاهي کي جيڪو توب انداز هو، هي اعزازميسر ٿيو ته اهوئي پهريون
Unknown warrior
نامعلوم جوڌو شمار ٿئي.
سر چارلس نيپئر جي حڪم تي ان سپاهي جو لاش ميدان جنگ مان کڻائي ۽ حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ دفن ڪرايو ويو. ۽ قبر مٿان هيٺيون قطبو لکيو ويو.
هي آخري آرامگاه ميرن جي هڪ اهڙي بهادر سپاهي جي آهي جيڪو حيدرآباد واري جنگ ۾ ڏاڍ بهادر سان وڙهيو.
پر ڪجهه وقت کانپوء سنڌ جي هڪ ٻئي وڏي عالم اديب اڪٽر غلام علي الانه صاحب راشدي صاحب جي راء سان اختلاف ڪندي ۽ ڪيپٽن معين الدين جي راء سان اتفاق ڪندي لکيو آهي ته شهيد هوش محمد شيدي جي قبر حيدرآباد جي پڪي قلعي اندر آهي، ۽ پاڻ ٻڌائن ٿا ته پاڻ هڪ جهوني بزرگ جيئي ڀٽي نالي شخص سان ڪچهري ۽ ملاقات دوران هي حقيقت معلوم ڪئي هئي. ۽ اهو بزرگ ڳوٺ ڦليلي جو رهاڪو هو. ۽ ان ٻڌايو هو ته قلعي اندر قبر جنرل هوش محمد شيدي جي ئي آهي. ۽ هوش محمد شيدي کي انگريزن خود پاڻ فوجي اعزاز سان وڌي شان شوڪت سان دفنايو هو. ۽ هن وڌيڪ اهيو به ٻڌايو ته هوش محمد شيدي جي پوئينرن مان محبوب شيدي، جيئي شاه، حاجي لکاڻو شيدي، ۽ حاجي عثمان شيدي هوش محمد شيدي جي خندان مان آهن.

Comments

Popular posts from this blog

Yousuf Laghari Profile by Nimra

Aqeel Ahmed Soomro

TWO OLD GOVERNMENT SCHOOLS OF HYDERABAD CITY