Copy paste Noman Meer Jamali Profile assignment

It is copy paste from Sinhiana Encyclopedia

NOMAN MEER JAMALI
2K14/MC/75
B.S PART IV
PROFILE

محمد قاسم ماڪا : گهڻي رُخي صلاحيتن جو مالڪ


فطرت هر انسان توڙي پکي پکڻ کان پنهنجي وس آهر ڪم وٺندي آهي پوء اهي انسان يا پکي پکڻ قدرت جي آڱر پڪڙي پنهنجي پنهنجي حصي جو آڇيل فرض ادا ڪندا رهن ٿا. ايستائين جو انهن جو جسم واپس ٻيهر مٽي ماء منجه ڳوهجي وڃي ٿو پر سندن زندگي لازوال بڻجي وڃي ٿي. ڪي انسان تاريخ جو تخليقون سلهاڙيندي سلهاڙيندي خود هڪ تاريخ جي خوبصورت تخليق بڻجي وڃن ٿا. انهن انسانن مان هڪ محمد قاسم ماڪا پڻ آهي. اڄ ان سنڌ جي محسن جي سوانحِ حيات بابت ڪجه لکڻ جو شرف حاصل ٿي رهيو آهي جيڪو پنهنجي زندگي قوم لاء جاکوڙيندي گذاريندو پيو اچي.
محمد قاسم ماڪا 3 مئي 1953 ۾ سنڌ جي شڪارپور ضلعي ماڪا ڳوٺ شاه ڀٽائي جي خليفن واري گهراڻي ۾ جنم ورتو. امڙ سندس نالو ”گل بخت” ۽ والد ”محمد قاسم“ رکيو. سندس والد جو نالو شاه محمد هو علائقي وارا کيس شاه ڀٽائي جو ”خليفو“ چئي پڻ سڏيندا هئا. محمد قاسم ماڪا ابتدائي تعليم قاضي واهڻ مان، ايليمنٽري تعليم لکي غلام شاه ۽ ميٽرڪ گورنمنٽ هاء اسڪول سکر مان پاس ڪيائين. سن 1972 ۾ سچل ڪاليج حيدرآباد مان انٽرميڊيٽ ڪيائين. سن 1978 ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان سوشل ورڪ ۾ پوزيشن ساڻ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪيائين.
قدرت محمد قاسم ماڪا منجه گهڻي رُخي صلاحيتون ۽ خوبيون سمائي سنڌي قوم خاطر اهڙا ته خاص ڪم ورتا آهن جيڪي اڄ تائين ڪو ٻيو نه ڪري سگهيو آهي.هڪ محقق، موسيقار، شاعر، راڳي، ڊائريڪٽر، رائيٽر، پروڊيوسر ۽ سوشل ورڪر جي طور محمد قاسم ماڪا سنڌ جي ثقافت، تهذيب، تاريخ ۽ سنڌي موسيقي کي محفوظ ڪيو. سندس مختلف ڪاوشن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.
سنڌ جي قديم موسيقي کي جديد حالت ۾ تبديل ڪندڙ محمد قاسم ماڪا:
سنڌي قوم لاء سندس سڀ ڪاوشون تمام اهميت رکن ٿيون پر سندس انمول ڪاوش سنڌ جي قديم صوفياڻي ۽ ڪلاسيڪل موسيقي کي جديديت جو روپ ڏئي شائقين تائين پهچائڻ آهي.جرمني مان ٺاهيل سڀ کان پهرين سنڌي گرامفون رڪاڊ کان وٺي پوري دنيا ۾ ٺهيل سمورا سنڌي گرامفون رڪارڊ سهيڙي انهن کي ڪئيسٽس ۽ سي ڊيز ۾ تبديل ڪري دنيا جي ڪنڊ ڪرڇ م رهندڙ سنڌي موسيقي جي شائقين تائين باآساني پهچائڻ محمد قاسم ماڪا جي انمول ڪاوش آهي.سنڌي موسيقي جي وارثي ڪندي محمد قاسم ماڪا جڳ مشهور امر راڳين جهڙوڪ: ڀڳت ڪنور رام، ماسٽر چندر، محمد ابراهيم، محمد جمن، مائي ڀاڳي، عابده پروين، محمد يوسف، استاد منظورعلي خان، وحيد علي خان، جمال فقير، سوڌل فقير، علڻ فقير، جيوڻي ٻائي، مائي بيگم فقيرياڻي، نوربانو، صنم ماروي ۽ جيجي زرينه بلوچ جهڙن امر راڳين جي ڪلامن کي ريڪاڊ ڪري پهريون ڀيرو ڪئيسٽس ۽ سي ڊيز جي شڪل ۾ جاري ڪيا. لڳ ڀڳ 3015 ڪيئسٽون هر ڪيئسٽ ۾ 6 کان 20 ڪلام رڪارڊ ٿيل آهن ان مطابق 30000 (ٽيه هزار) ڪلام رڪارڊ ڪري ريليز ڪيا. انکان علاوه محمد قاسم ماڪا 125 (هڪ سؤ پنهجويه) وڊيو سي ڊيز هر سي ڊي ۾ لڳ ڀڳ 7 کان 15 ڪلام مختلف ڪلاڪارن کان ڳارائي يعني 1500 سئو ڪلام وڊيو جي شڪل ۾ رڪارڊ ڪري شامل ڪيا ويا آھن.
محمد قاسم ماڪا پاران 30,000 هزار رليز ٿيل ڪلامن مان 11,452 ( يارهن هزار چار سئو ٻاونجاه ) ڪلامن جون ڌُنون هن پاڻ ڪمپوز ڪيون آھن ۽ انهن جو ميوزڪ ڊائريڪٽر پڻ هو پاڻ آھي.ياد رهي ته پوري دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ ٻه يا ٽي مس اهڙا ڊائريڪٽر هوندا جيڪي ايڏي وڏي تعداد ۾ ڪلامن جي ڌنن جا ڪمپوزر گڏوگڏ ميوزڪ ڊائريڪٽر هوندا.جيڪڏهن الله سائين محمد قاسم جي فطرت کان اهڙو اعزازي ڪم نه وٺي ها ته شايد سنڌ جا راڳي اڄ ”امر“ راڳي نه سڏجي سگهن ها.انهن مان ڪيترائي هينئر وقت جي مٽي هيٺيان لَٽجي چڪا هجن ها ۽ سنڌي قوم جو ايندڙ نسل انهن امر راڳين کان اڻڄاڻ هجي ها.ڪن منفي سوچ رکندڙ ماڻهن ساڙ منجهان محمد قاسم ماڪا تي اجائي تنقيد ڪئي ته محمد قاسم ماڪا سنڌالاجي جو مواد پنهنجي ذاتي بزنس طور استعمال ڪيو.اهڙن الزامن خلاف سنڌ يونيورسٽي جي ٻن وائس چانسلرن مرحوم ڊاڪٽر نظير مغل ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا لکت ۾ پنهنجا وضاحتي بيان جاري ڪيا. ڊاڪٽر غلام علي الانا موجب
آئون هڪ ذميدار فرد ۽ سنڌ يونيورسٽي جي سچي دل سان محبت ۽ خدمت ڪندڙ جي حيثيت سان هو لکت ۾ سنڌ واسين کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته محمد قاسم ماڪا تي لڳندڙ اهي الزام بلڪل من گهڙت ۽ بي بنياد آهن.پر اصل حقيقت اها آهي ته محمد قاسم ماڪا ميوزڪ جو ڪيترو ئي خزانو سنڌالاجي کي الائي ڪٿان ڪٿان هٿ ڪري تحفي ۾ ڏنو جيڪو سندس نالي سان ئي اسٽاڪ رجسٽر ۾ داخل ٿيل آهي 
محمد قاسم ماڪا هڪ صافياڻو شاعر:
محمد قاسم ماڪا صوفياڻي طبيعت رکندڙ هڪ صافياڻو شاعر آهي. سندس پنهنجي شاعريء جا پڻ 40 کان وڌيڪ صوفياڻا ڪلام ناميارن ۽ جڳ مشھور ڪلاڪارن علڻ فقير، مائي ڀاڳي، برڪت علي، ممتاز لاشاري، صنم ماروي، سوڍل فقير، جمال الدين فقير ۽ غلام رباني فقير ۽ صدام حسين ڳايا آھن ۽ سي ڊيز جي شڪل ۾ رليز پڻ ٿي چڪا آھن ۽ اهي سمورا ڪلام صوفياڻي شاعريء جي اثر ڪري بين الاقوامي شھرت حاصل ڪري چڪا آھن.

محمد قاسم ماڪا هڪ ڪلاڪار ۽ راڳي:
محمد قاسم ماڪا پاڻ هڪ سريلو گائڪ پڻ آھي سندس ڪلا جي پروڙ سندس ئي ڳايل مشهور ڪلام مان لڳائي سگهجي ٿي.
ڇڏي ڏي ڇڏي ڇڏي
اويلو گهر موٽي اچڻ
تون ڇڏي ڏي“.

محمد قاسم ماڪا جون پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان ۾ ڏنل خدمتون:
محمد قاسم ماڪا پي ٽي وي تي سن 1973 کان وٺي سن 2002 تائين نيوز ريڊر، انائونسر، ڪمپيئر، ڊرامه آرٽسٽ ۽ ڪيترن ئي پروگرامن جو محقق، رائيٽر، پروگرام ڊائريڪٽر ۽ ميزبان پڻ رهيو آهي. پي ٽي وي تان نشر ٿيل سنڌ جي ڪلاڪارن تي تحقيقي پروگرام ”سر جو سفر“ سندس مشهور پروگرام رهيو.جنهن ۾ وفات ڪري ويل ڪلاڪارن تي تحقيقي پروگرام ڪيو ويندو هيو.ڪل 63 ڪلاڪارن تي مشتمل پروگرام جاري ٿيا.جن جي ترتيب ڪجه هن ريت آهي:
راڳي: ماسٽر چندر، ويس ڌاري: الطاف سومرو، (پنج پروگرام)، راڳي: جيوڻي ٻائي، ويس ڌاري: ممتاز پنهور (ست پروگرام)، راڳي ڪنور ڀڳت، ويس ڌاري: جگديش ڪمار (ست پروگرام)، راڳي مائي الهه رکي، ويس ڌاري: سهڻي خان محمد پنهور (ڇهه پروگرام)، راڳي موٽڻ ڀڳت، ويس ڌاري: اشرف بلوچ (پنج پروگرام)، راڳي:مولي ٻائي، ويس ڌاري: روزي صنم (ڇهه پروگرام)، راڳي:استاد خير محمد خان، ويس ڌاري: ولي محمد ڀٽي (پنج پروگرام)، راڳي:عصمت بانو (چنگو منگو) ويس ڌاري: ڪرن زرين (هڪ پروگرام)،راڳي: خوشحالي ٻائي، ويس ڌاري: بختاوي سنڌي (ٽي پروگرام)، راڳي: سونا خان، ويس ڌاري: ڪاظم خان (ڇهه پروگرام). راڳي:استاد بيبو خان، ويس ڌاري: مظهر حسين (چار پروگرام)، راڳي: استاد منظور علي خان، ويس ڌاري: ذوالفقار علي (چار پروگرام).
دنيا جي سڀ کان پهرين سنڌي چينل ڪي ٽي اين پاران نشر ڪيل پروگرام رنگ منچ جو نه صرف ميزبان پر محقق ۽ ڊائريڪٽر به محمد قاسم ماڪا ئي رهيو.سنڌي موسيقي تي ڪيل سندس اڻٿڪ ڪوششن تي سوجهرو رسالي جي سٿ پاران محمد قاسم ماڪا کي سوجهرو ايوارڊ ڏنو ويو.                                                  .


Comments

Popular posts from this blog

Yousuf Laghari Profile by Nimra

Aqeel Ahmed Soomro

TWO OLD GOVERNMENT SCHOOLS OF HYDERABAD CITY