جوهي ۾ پاڻي جي کوٽ! Referred back



 Plz send approval slip Referred back 

and also let me know which portion is done which student

سجاد وفا برهماڻي:   M.A  (pre)2k17- MMC- 45
طاهر حسين ماڪا M.A  (pre)2k17- MMC- 55:
عادل انصاري: M.A  (pre)2k17- MMC- 62:
عزمان: M.A  (pre)2k17- MMC- 57:
مهوش جاويد: M.A  (pre)2k17- MMC- 26:
جوهي ۾ ڪيترن ئي ورهين کان پاڻي جي کوٽ!
سنڌ جاگرافيائي لحاظ کان اهو خوشقسمت ترين خطو آهي جتي دنيا جي هر نعت موجود آهي، سنڌ جا طبعي ٽي ڀاڱا آهن،سَرو، وڇولو، لاڙير زمين جي هئبت معلوم ڪرڻ لاءِ اسين وري انهيءَ تي چئن ڀاڱن ۾ ورهائيندا آهيون.(1) ڪچو (2) ڪاڇو(3) ڪوهستان(4) بڙ
اڄ هتي اسان صرف ڪاڇي ۽ ان سان لاڳاپيل علائقن جو زڪر ڪنداسين، ڪاڇو شهدادڪوٽ ضلعي جي حدن کان شروع ٿئي ٿو ۽ جوهي تعلقي جي شهر ڇني جي حدن ۾ ختم ٿئي ٿو، ان لحاظ کانپوءِ منڇر ڍنڍ شروع ٿئي ٿو.سڄي ڪاڇي تي لکنداسين ته موضوع طور پڪڙي ويندو پر هتي اسين جوهي تعلقي ۾ ايندڙ ڪاڇي ۽ ان سان لاڳاپيل مسئلن جي نشاندهي ڪنداسين.جوهي تعلقو دادو ضلعي ۾ اولهه ۾ واقع آهي، جتي زرخيز زمينون به موجود آهن، ڪاڇي وارو طبعي خطو به موجود آهي ته کيڙٿر جو وسيع سلسلو به موجود آهي.جوهي تعلقي ۾ پاڻي ۽ آبپاشيءَ جي پاڻيءَ تي پنهنجو فوڪس رهندو.جوهيءَ تعلقي ۾ آبپاشي فلڊ پروٽيڪٽر بند(ايف پي بند) جي اوڀر ۾ آهي. واهن، شاخن ۽ برانچن جو وسيع نيٽ ورڪ موجود آهي.جيئن ته جوهي تعلقو کيرٿر جي ڪنڌيءَ تي واقع آهي، ان ڪري اهو دادو تعلقي جي ڀيٽ ۾ ڪجهه مٿانهين تي واقع آهي. ان ڪري حڪومت چاهيندي به دادو ڪئنال مان جوهي کي پاڻي ڏيئي نه سگهي، ڇو ته دادو ڪئنال ٻهراڙي سطح تي آهي ۽ جوهي جا بئراجي علائقا ميٽري سطح تي آهن، انهيءَ ڪري ڪا به شاخ وغيره ڪڍي انهيءَ تي پاڻي چاڙهي نٿو سگهي.ٻيو ته لاڙڪاڻو ضلعو ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعا، رائيس بيلٽ آهن، انهيءَ ڪري انهن علائقن ۾ سم جو هئڻ فطري آهي، لاڙڪاڻو ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن کي سم کان بچائڻ لاءِ هڪ سم نانلو انهن ضلعن مان ڪڍي انهيءَ جو ڇوڙ منڇر ڍنڍ ۾ ڪرايو ويندو آهي. انهيءَ شاخ کي اتان جي ٻولي ۾ ڇنڊڻ چيو ويندو آهي. ڇنڊڻ جو زهريلو پاڻي ئي منڇر ڍنڍ جي تباهي ۽ بربادي جو ڪارڻ آهي. جنهن جو حڪمرانن اڃا تائين رخ نه موڙيو آهي. جنهنڪري ڏکڻ ايشيا جي وڏي ڍنڍ زهريلي بڻجي وئي، جنهنڪري هزارين مهاڻا لڏپلاڻ ڪري منڇر ڍنڍ ڇڏي ويا آهن پر منڇر جي آبي جيوت خاص طور مڇين جا ڪيترائي قسم ختم ٿي ويا آهن.اهو به هڪ سبب آهي جو وچ ۾ ڇنڊڻ شاخ موجود هئڻ ڪري جوهي تعلقي کي دادو ڪئنال مان پاڻي نه ڏنو ويو آهي.جوهي تعلقي جي بئراجي علائقن کي آباد ڪري ٿي، جوهي برانچ جيڪا جوهي تعلقي کي پاڻي ڏيڻ جو مکين ذريعو آهي. جوهي برانچ جو پاڻي ڇنڊڻ ۽ ايف بي بند جي وچ واري علائقي کي پاڻي پهچائي ٿو. جوهي برانچ مان لڳ ڀڳ 8 شاخون ڪڍي بئراجي علائقن کي پاڻي ڏنو وڃي ٿو. جوهي برانچ ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه تعلقن جي به پاڻي پهچائي ٿي، جيئن ته اهي ساريالا علائقا آهن ۽ جوهي تعلقو ساريالو  نه آهي، انهيءَ ڪري جوهي تعلقي کي سڄو سال جڏهن ته خيرپور ميهڙ تعلقن کي صرف ساريالي موسم  يعني ڪتيءَ ۾ پاڻي ڏيڻ هوندو آهي پر آبپاشي کاتي وارن انهن تعلقن کي به رشوت عيوض سڄو سال پاڻي فراهم ڪن ٿا ۽ ٻيو ته انهن تعلقن جا آبادگار ماڊيول ڀڃي غير قانوني طور تي اضافي پاڻي حاصل ڪن ٿا، جنهنڪري جوهي برانچ جو پاڻي خانپور، ڪڪڙ ۽ ڦلجي وليج تائين پهچڻ کانپوءِ هيٺ وارن علائقن ۾ پاڻي پهچي نٿو. انهيءَ سان جوهي برانچ مان نڪرندڙ ابن شاخن ۾ پاڻي اچي ئي نٿو، جنهن سان جوهي کان وٺي منڇر ڍنڍ تائين جي لکين ايڪر زمين غير آباد رهجي وڃي ٿي، جنهن سان ڪالهه تائين خوشحال علائقي جا مالڪ اڄ ڪنگال ٿي ويا آهن ۽ انهيءَ علائقي جا ماڻهو بک، بيروزگاري، بدحالي جي ڌٻڻ ۾ روز بروز ڦاسندا پيا وڃن.جوهي تعلقي ۾ پڇڙي جي آبادگارن پاران هر آئي ڏينهن مظاهرا ڪري ڌرڻا هڻي جوهي پريس ڪلب جي سامهون يا وڇ شهر يا ڇني روڊ تي ڌرڻا هنيا وڃن ٿا پر اڄ تائين منڍ جي آبادگارن پاران پڇڙيءَ جي آبادگارن تي ڪو به رحم نٿو ڪيو وڃي. منڍ ۾ ٻه وڏا آبادگار آهن جن جون هزارين ايڪڙ زمينون آهن پهريون آبادگار امير بخش جوڻيجو جنهن جو هاڻي پٽ عبدالعزيز جونجھيو آهي، جيڪو حڪمران جماعت پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل آهي. جنهن جو پنهنجي تر ۾ وڏو اثر رسوخ آهي، انهيءَ ڪري ايريگيشن کاتي وارا به هر آئي ڏينهن تي انهيءَ جي اوطاق تي سلامي ڏيندا آهن ۽ هن جي علائقي ۾ ٻيا به بااثر آبادگار آهن پر انهن مڙني جي اڳواڻي انجنيئر عبدالعزيز ڪندو آهي. ڇو ته ٻيا تر وارا سندس ووٽر آهن جن کي هو ڪڏهن به ناراض ڪري نه سگهندو آهي. انهيءَ ڪري  انهيءَ علائقي ۾ شاخن جا ماڊيول پنهنجي مقرر ماپي کان ٽيڻ چؤڻ تي لڳل هوندا آهن ۽ اهو سلسلو سڄو سال هلندڙ آهي، جنهن کي اڄ تائين ڪا به سگهار ڌر روڪي نه سگهي آهي.جتان انجنيئر عبدالعزيز جون زمينون خيرپورناٿن شاهه تعلقن ۾ ختم ٿين ٿيون ته اتان وري جوهي تعلقي ۾ جمالي برادري جون زمينون شروع ٿين ٿيون، جمالي برادريءَ جي سرداري جي پڳ سردار محمد  بخش جمالي تي هئي جيڪو ڪنهن وقت ۾ درزي هو، هاڻي سندس خاندان کرب پتي آهي، جنهن خيرپورناٿن شاهه تعلقي جي سگهاري ڌر حاجي امير بخش جوڻيجو جنهن جي خاندان  وٽ هزارين ايڪڙ زمينون، ڪارخانا سيلر آهي، اهو ڪنهن دؤر ۾ سنڌ پوليس ۾ سپاهي ڀرتي ٿيل هو ۽ هاڻي انهيءَ وٽ اربين روپين جي ملڪيت آهي.محمد بخش جمالي ٻه ڀيرا ايم پي اي ۽ 4 ڀيرا ايم اين اي رهيو آهي، جڏهن آمر مشرف پنهنجي دور ۾ چونڊن ۾ بيهڻ لاءِ گريجوئيشن جو شرط رکيو هو ته پوءِ محمد بخش جمالي جيڪو فائنل پاس هو، انهيءَ پنهنجي جاءِ تي پنهنجي پٽ رفيق جمالي کي چونڊن ۾ چونڊرايو ۽ رفيق جمالي لاڳيتو ٽي ڀيرا ايم اين اي چونڊيو ويو آهي. تڏهن پ پ جي گذريل دور ۾ رفيق جمالي وزير مملڪت رهيو، اهي ٻئي پاسي سندس برادريءَ جي پڳ سندس وڏي ڀاءُ ڏاتل خان تي آهي جيڪو پنج درجا پڙهيل ۽ پاٿاريدار آهي، جنهن جو علائقو ڦلجي ولڪيج ايريگيشن ڊپارٽمينٽ وارن لاءِ نوگو ايريا آهي جتي سندس ڀاءُ جي سياسي دبدٻي ۽ ڏاتل خان جي ڌاڙيل ڪلچر واري سياست ۾ هئڻ ڪري هنن علائقن ۾ اهي ماڻهو پنهنجي مرضيءَ سان شاخن جو پاڻي پنهنجي طاقت جي زور تي استعمال ڪندا آهن، جنهن جي ڪري جوهي تعلقي جي بئراجي علائقن جو اڌو اڌ علائقو پاڻي جي اڻاڍ جي ڪري سوڪهڙي جو شڪار آهي. زرعي پاڻي نه اچڻ جي ڪري هڪ طرف علائقي جون زمينون سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي ويون آهن ته ٻئي طر زير زمين جر جو پاڻي کارو ٿي ويو آهي ۽ زير زمين ڪيميائي مان خاص طور سينکيو  جو مقدار ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي.انهيءَ ڪري زير زمين پاڻي استعمال ڪرڻ جي ڪري ماڻهن ۾ بلڊ پريشر وڌڻ ۽ گڙدن جي فيل ٿيڻ جون شڪايتون عام آهن پر اهي علائقا جن ۾ پيئڻ جو ٿورو پاڻي پهچي ٿو، اهو پاڻي جانور ۽ انسان گڏيل طور استعمال ڪن ٿا، جنهنڪري عام ماڻهو معدي جي خرابي ۽ سائي جهڙي مرضن ۾ وچڙهي سوين ماڻهو انهيءَ موذي مرض ۾ مبتلا آهن.جيتوڻيڪ اسان جي مقالي جو تعلق جوهي شهر جي عوام جي پيئڻ واري ناقص پاڻي سان تعلق نٿو رکي،  پر هن تعلقي هيڊ ڪوارٽر جهڙي شهر جي ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي نٿو ملي ته عام ڳوٺ جتي بک، بدحالي، بيروزگاري واڪا پئي ڪري انهن علائقن ۾ عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي ڪيئن ملي سگهندو.؟ اهو هڪ سواليه نشان آهي جڏهن ته انهيءَ علائقي ۾ وڏي مقدار ۾ پيٽرول، ڊيزل، گاسليٽ ۽ انهيءَ سان لاڳاپيل اسمن جو وڏو مقدار نڪري ٿو، جنهن جو گئس ته ڪروڙن ۾ روزانو جي حساب ٿئي ٿو، پيٽرول ڪمپني تي  اها ذميواري  قانوني طور تي عائد ٿئي ٿي ته اهي پنهنجي علائقي ۾ صاف پاڻي، تعليم، صحت ۽ روڊن جو ڄار وڇائي پر اڄ تائين پيٽرول ڪمپني بي ايڇ پي انهيءَ تي عملدرآمد نه ڪرايو آهي ۽ نه پيٽرول ذريعي ملندڙ رقم مان ئي علائقي جي عوام جون صاف پاڻي سميت بنيادي سهولتون پوريون ڪري پر اڄ ڏينهن تائين انهيءَ تي عمل ٿي نه سگهيو آهي. جڏهن ته پيٽرول ڪمپني پئسو عوام جي ڀلائي تي خرچ ڪرڻ بدران پنهنجي ڀلائي انهيءَ ۾ سمجهي ٿي ته اها رقم علائقي جي بااثر چونڊيل نمائندن جي کيسي ۾ وجهي ڇڏين. اسان جوهي تعلقي جي بئراجي علائقن تي سروي نظر وڌي پر هاڻي اسان جو هي تعلقي جي ڪاڇي واري علائقي تي نظر وجهنداسين،ڪاڇي جي طبعي شروعات فلڊ پروٽيڪٽربند کان شروع ٿئي ٿي جيڪا کيرٿر جبل تائين پهچي ٿي، ڪاڇو جنهن جي زمين صدين کان اڃايل آهي اتي جي زمين تمام گهڻي زرخيز آهي پر پاڻي جي اڻاٺ جي ڪري زمين پنهنجي سيني کي زرخيز بڻائي نٿي سگهي، ڪاڇي جي آباديءَ جو اهم سبب برسات ئي آهي.آبادگار زمين جي سنوت ڪري انهيءَ جي چوڌاري بند ٻڌي چڏيندا آهن ته جيئن انهن جي زمينن ۾ آيل برسات جو پاڻي ڪنهن ٻئي جي زمين ۾ وهي نه وڃي، اهڙا بند چار ايڪڙن کان سئو ايڪڙن تي مشتمل هوندا آهن، ڪاڇي ۾ برسات جهڙي موسم ۾ پوي ته هاري ڏاندن يا ٽريڪٽرن تي هر ڏيئي موسم آهر فصل پوکيندا آهن. مثال طور اونهاري ۾ جيڪڏهن برسات پوي ٿي ته جوئر، مڪئي، ميها، مڱ، گوار ۽ ڀاڄيون پوکيون وينديون آهن، جڏهن ته سياري ۾ ٿيل برساتن سبب توريون، سرنهن، چڻا، مٽر ۽ ڀاڄيون وغيره ڪندا آهن پر جيئن ته لازمي نه آهي. آبادگارن جي خواهشن موجب يا فصلن جي ضرورتن موجب برسات پوي انهيءَ بهتر برسات جي ڪر ۽ جيڪڏهن فصلن جي ضرورت جو پاڻي موجود هجي ٿو ته آبادگارن کي بهترين ڪتيءَ وارو فصل ملي ٿو، پر جيڪڏهن ڪڏهن ڪٿي چڱي فصل ملڻ جا امڪان هوندا آهن ته ڪتي آبادگارن کي هر ڀاڻ ۽ ٻج ڳچيءَ ۾ پئجي ويندو آهي، ڪاڇي واسين جي سڄي روزگار جو دارومدار برسات تي آهي. برسات نه هئڻ جي صورت ۾ هن خشڪ علائقي جي ماڻهن جي گذر سفر جو دارو مدار واڻ وٽڻ ۽ چوپايو مال پالهاتي آهي. ڪاڇي ۾ به وڏي عرصي کان وڻن جي غير قانوني واڍي جي ڪري گرمي پد وڌي ويو آهي، جنهن جي ڪري هاڻي برسات به گهٽ پوي ٿي، يعني برسات نه هئڻ جي برابر آهي، جنهن جي ڪري گذريل ڪيترن سالن کان آبادي ٿي نه سگهي آهي. جڏهن ته کيرٿر جي ڪک مان نڪتل نئين گاج آهي جنهن جو پاڻي ڪاڇي جي علائقي واسين لاءِ آبي حيات جي حيثيت رکي ٿو، نئين گاج ۽ نئين سول تي ڪاڇي واسين پنهنجي پاڻ تحت هڪ آبپاشي سسٽم ٺاهيو آهي جنهن تي ڪاڇي جو وڏو علائقو آباد ٿئي ٿو.نئين جي انهيءَ پاڻي کي اتان جي لهجي ۾ ڪارو پاڻي ڪري  جيتوڻيو اهو پاڻي ڪنهن به طرح ڪارو نه هوندو آهي، ايترو صاف ۽ شفاف پاڻي آهي جو جيڪڏهن انهيءَ ۾ سئي به اڇلائي وڃي ته اها به ڏسڻ ۾ ايندي آهي. نئين گاج ۽ نئين سول مان ايندڙ پاڻي مان ئي منڇر ڍنڍ ڀرجي ٿي جيڪا مٺي پاڻي جي ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ آهي. نئين گاج ۾ پاڻي ٿورو گهڻو  تقريبن سڄو سال وهندو رهي ٿو پر برسات جي ڪري نئين گاج ۾ پاڻي وافر مقدار ۾ اچي ٿو. نواز شريف جي 1998ع واري دور ۾ جڏهن سنڌ ۾ لياقت علي جتوئي وزيراعليٰ سنڌ هو، انهيءَ واپڊا ۽ ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف کي راضي ڪري گاج ڊيم لاءِ هڪ فزيبلٽي رپوڙٽ پڻ جوڙي هئي ته جيئن گاج نئين تي ڊيم جوڙي سگهجي. گاج ڊيم وقت جي اهم ضرورت آهي، گاج نئين تي ڊيم ٺاهڻ سان هڪ طرف لکين ايڪڙ زرخيز زمين آباد ٿيندي ۽ ملڪ ۾ آباديءَ جي وڌندڙ خوراڪ جي ضرورتن کي منهن ڏئي سگهبو، ڪاڇي جي علائقي واسين لاءِ هڪ خوشي ۽ آسوده ۽ خوشحال زندگي جو سنيهو هوندو ته ٻئي طرف گاج ڊيم تي هائڊرل پاور ذريعي بجلي پيدا ڪري علائقي جي بجليءَ جي ضرورتن کي به پورو ڪري سگهجي ته ٻئي طرف گاج ڊيم مان حاصل ٿيندڙ مڇي پڻ کاڌ خوراڪ جي ضرورتن کي پڻ پورو ڪندي. افسوس اهو آهي ته واپڊا اهڙا ڊيم ٺاهڻ چاهي ٿي جن جي تعمير جو هنڌ پنجاب ۾ هجي جيئن اهي انهن ڊيمن کي بئراج ۾ تبديل ڪري زرعي مقصدن لاءِ اهو پاڻي هاصل ڪري سگهن. پوءِ چاهي اهو پاڻي صوبن خاص طور سنڌ جي حصي جو ڇو نه هجي. پاڪستان ۾ پاڻي وافر مقدار ۾ موجود هو جنهن کي هٿ وٺي هڪ آمر ايوب خان هندستان کي وڪڻي ڇڏيو ته اسان تربيلا ڊيم ٺاهي پاڻي گڏ ڪنداسين. جڏهن جڏهن ملڪ ۾ مارشلا لائون آيون آهن، تڏهن تڏهن پاڪستان کي غير فطري طور هٿ وٺي تباهه ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي وئي. ورلڊ بئنڪ جي اشاري تي ايوب خان خوشحال پاڪستان خاص طور سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو جيڪا اڄ پاڻيءَ جي اڻاٺ هئڻ ڪري اسان جو موجوده نسل ڀوڳي رهيو آهي.انڊس ٽريٽي تي صحيح ڪندڙ حڪمران اهو ڀُلجي ويا هئا ته ڪڏهن آدمشماري به وڌندي، جنهن جي غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ اسانکي نون بئراجن ۽ ڊيمن جي ضرورت پوندي تنهن جي باوجود ايوب خان اکيون بند ڪري پاڪستان جو پاڻي مستقل بنيادن تي وڪڻي ڇڏيو. اسان مٿي جيڪا تاريخي حقيقت ذڪر ڪئي آهي انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڪستان جي حڪمرانن کي ڪهڙي طرح عوام جو مستقبل اونداهون ڪرڻ وارن ڪمن ۾ تڪڙ هوندي آهي ۽ عوامي مفادن وارن ڪمن کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن. انهيءَ ڪري آئون سمجهان ٿو ته گاج ڊيم به ڄڻ هڪ نظرانداز ڪيل پراجيڪٽ آهي. گاج ڊيم جي ٺهڻ سان نه فقط جوهي تعلقي جي ڪاڇي ۾ موجود لکين ايڪڙ زمين آباد ٿيندي پر خيرپورناٿن شاهه ۽ ميهڙ تعلقي جي به لکين ايڪڙ ڪاڇي جي زمين آباد ٿي سگهندي.جنهن سان تمام وڏي خوشحالي ايندي. افرادي قوت وڌندي خوشحالي ايندي، جنهن سان تعليم ۾ پڻ انقلابي تبديلي اچڻ جي اميد آهي ته ٻئي طرف مناسب خوراڪ ملڻ جي ڪري ماڻهن جي صحت سٺي ٿيندي ۽ ماڻهن جي طبعي عمر ۾ پڻ واڌ ايندي. هن وقت ڪاڇي ۾ في ڪس آمدني تمام گهٽ آهي جنهن جي ڪري عام ماڻهن، عورتن ۽ ٻارن جي غذائي ضرورتون پوريون نه ٿيون ٿين، جنهن جي ڪري ٻارن جي موت جي شرح ۾ گهڻي واڌ آهي.جڏهن ته عورتون ۽ مرد به غذائي کوٽ جي ڪري ٽي بي ۽ ٻين بيمارين جي ور چڙهي زندگي هارائي ڇڏيندا آهن. نئين گاج جي تيز پاڻي جي ڪري بند ٽٽڻ سبب 1942ع ۾ هڪ وڏي ٻوڏ آئي هئي، جنهن تمام وڏي تباهي مچائي، جنهن کي عام ماڻهو ڪاري ٻوڏ ڪري ياد ڪندا آهن، جڏهن ته گاج نئين جو بند ٽٽڻ جي ڪري 1994ع ۾ ۽ 2010 ۾ وڏيون ٻوڏون  اچي چڪيون آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪاڇي جي عوام جي خواهشين موجب حڪومت گاج نئين کي علائقي واسين کي وقت به وقت نقصان پهچائڻ ۽ سندن الهه تلهه ناس ٿيڻ وارن خدشن کي مدنظر رکندي گاج نئين کي عوام جي ڀلائي، بهبودي ۽ ترقي وارن مقصدن کي نظر ۾ رکندي جيترو به جلد ٿي سگهي گاج نئين تي ڊيم ٺاهيو وڃي.جوهي تعلقي جو جتي ذڪر ڪجي اتي جوهي تعلقي ۾ موجود هڪ سياحتي ماڳ گورک جو ذڪر نه ڪرڻ جوهي تعلقي سان ناانصافي ٿيندي. جوهي تعلقي ۾ ڪيترن هنڌن تي قدرتي چشما آهن، جن جي ذريعي به ڪجهه قدر آبادي ٿئي ٿي ۽ انسانن ۽ جانورن جي پئيڻ جي پاڻي جون ضرورتون به پوريون ٿين ٿيون اهڙا چشما واهي پانڌي واري علائقي ۽ ٻين علائقن ۾ ڪافي تعداد ۾ موجود آهن. ڪاڇي وارو علائقو جيئن ته درياهي علائقن کان ڪافي مٿانهون آهي، انهيءَ ڪري انهيءَ علائقي ۾ زير زمين پاڻي به تمام گهڻو هيٺ آهي. عام ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت 400 کان 600 فوٽ اونها کوهه کوٽي انسانن ۽ جانورن لاءِ پيئڻ جي پاڻي جو بندوبست ڪيو آهي. ڪاڇي جي ڪجهه وڏن شهرن ۾ سرڪار عوام کي پيئڻ جي پاڻي جي سهولت مهيا ڪرڻ لاءِ وڏي آبادي وارن شهرن ۾ پنهنجي مدد پاڻ تحت واٽر سپلاءِ جون اسڪيمون هلندڙ آهن، جن ۾ پٽ گل محمد، قصبو، ڊرگهه بالا، هيرو خان، هاجي خان، واهي پانڌي، ڇني وغيره اچي وڃن ٿا. جڏهن ته ٻين ڪيترن ننڍن وڏن شهرن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ آهي. وڏي عرصي کان برساتن جو سلسلو نه هئڻ جي ڪري هاڻي ڪاڇي جي ڪيترن علائقن ۾ زير زمين پاڻي ٻاڙو، ڪسارو ۽ چهرو بڻجي ويو آهي. جڏهن ته پاڻي تي ڪم ڪندڙ ڪيترن ماهرن ڪاڇي جي پاڻيءَ کي ليبارٽرين ۾ چڪاسڻ کانپوءِ ڪاڇي جي پاڻيءَ کي صحت لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنو هو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته ڪاڇي جي پاڻي ۾ سينکيو جو تعداد وڌيڪ آهي.ڪاڇي ۾ جتي پاڻي جا ٻه اهم ذريعي ڄاڻائي سگهجن ٿا هڪ گاج ڊيم وارو، ٻيو زير زمين پاڻي جتي زير زمين پاڻي ڏينهون ڏينهن انسانن لاءِ نقصانڪار ٿيندو پيو وڃي، جيڪڏهن هاڻي به سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت اک نه پٽي ته پوءِ اهو ڏينهن پري نه آهي جنهن ڏينهن سڄي ڪاڇي جو  جر سڄي جو سڄو سينکئي جو مقدار وڌ، ها جي ڪري نج زهر بڻجي وڃي ۽ انسانن ۽ جانورن جي پيئڻ جي لائق نه رهجي، انهيءَ کان اڳ گاج نئين ڊيم ٻڌي نه صرف ڪاڇي واسين جي پيئڻ جي پاڻي جو بندوبست ڪيو وڃي ته ٻئي طرف ڊيم تي شاخن ۽ واهن جو ڄار وڇائي سڄي ڪاڇي جي زمينن کي آبادي جي لائق بڻايو وڃي.

Comments

Popular posts from this blog

Yousuf Laghari Profile by Nimra

Aqeel Ahmed Soomro

TWO OLD GOVERNMENT SCHOOLS OF HYDERABAD CITY